21 ہفتہ , اپریل 2018

اهل ووٽرن پاران نئين ووٽ داخلا ۾ دلچسپي جي گهرج

اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن لاءِ تڪ بندين کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومتن ۽ شماريات کاتي کي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل هدايتن موجب صوبائي حڪومتون ۽ سرڪاري ملازم ملڪي مفاد ۾ سهڪار ڪن، آرٽيڪل 220 تحت سڀ ادارا اليڪشن ڪميشن سان سهڪار جا پابند آهن. شماريات کاتي کي چيو ويو آهي ته 5 جنوري تائين نوان بلاڪ فراهم ڪيا وڃن، 10 جنوري تائين تڪ بندين لاءِ مردم شماري جي ڊيٽا فراهم ڪئي وڃي، جنهن ۾ شمارياتي چارجز، سرڪلز ۽ بلاڪن جا نوٽيفڪيشن توڙي نقشا شامل آهن، سي فراهم ڪيا وڃن، گهربل ڊيٽا نه ملڻ تائين تڪ بندين تي ڪم شروع نٿو ٿي سگهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومتون پنهنجي فنڊن مان عام طور سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳائڻ ۽ عام چونڊن ۾ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳائڻ جو ڪم شروع ڪن. چونڊ ڪميشن بنادير روينيو حدبندين کي نيون تڪبنديون ٿيڻ تائين بند ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي.

اليڪشن ڪميشن جي شيڊيول موجب 5 مهينن اندر تڪ بندين ۽ ووٽرن جي فهرستن تي نظرثاني ڪرڻي آهي، اليڪشن ڪميشن کي گهٽ وقت ۾ عام چونڊن جي تياري ڪرڻي آهي. اها چتاوڻي رڳو سرڪار لاءِ ناهي پر ان کي عوام کي به محسوس ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ گذريل چونڊن کان پوءِ جيڪي به ووٽ ڏيڻ جي اهل آباديون آهن تن کي پنهنجي نوجوانن کي ووٽرن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ سموري عوام کي اهو ڪم ذميداري سمجهي پورو ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪي ووٽر لسٽ ۾ داخل ناهن تن سان سهڪار ڪرڻ گهرجي.

جمعو 29 ڊسمبر 2017ع، 10 ربيع الثاني1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿيل اهم فيصلا

سنڌ ڪابينا جو اجلاس سومر ڏهاڙي نئين سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے