23 آچر , سيپٽمبر 2018

آمريڪا ۽ ترڪي هڪٻئي جي شهرين لاءِ ويزا سروس بحال ڪري ڇڏي

انقرا + واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ترڪي هڪٻئي جي شهرين لاءِ ويزا سروس بحال ڪري ڇڏي آهي. آڪٽوبر ۾ آمريڪا ۽ ترڪي وچ ۾ ڪيترن ئي معاملن تي سياسي اختلاف ٻه طرفي ويزا سروس جي معطليءَ جي صورت ۾ سامهون آيا هئا. گذريل مهيني محدود پئماني تي ويزا سروس بحال ڪئي وئي هئي، جنهن کي هاڻ مڪمل طور بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي بهتري جو امڪان پڻ ڏيکاريو پيو وڃي. انقرا ۾ قائم آمريڪي سفارتخاني جو چوڻ آهي ته سلامتي جي صورتحال ۾ بهتري کانپوءِ آمريڪا ترڪي ۾ قونصلر سروس ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شام ۾ داعش سان تعلق هئڻ جي شڪ ۾ برطانوي ڊاڪٽر گرفتار

دمشق ( ويب ڊيسڪ ) شام ۾ شدت پسند تنظيم داعش سان واسطو رکڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے