19 جمعہ , جنوری 2018

ڪرپشن معاملو: سعودي عرب ۾ آمريڪي، برطانوي ۽ فرانسيسي شهري به گرفتار

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب ۾ ڪرپشن جي الزام ۾ شهزادن سميت آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس جا واپاري به گرفتار ٿيلن ۾ شامل آهن. برطانوي خابرو اداري موجب گرفتار ٿيلن ۾ 8 آمريڪي، 6 برطانوي ۽ 3 فرانسيسي شهري شامل آهن، اهي ماڻهو طويل عرصي کان واپار جي حوالي سان سعودي عرب ۾ رهيل هئا. برطانوي خابرو اداري سعودي شاهي ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي اختيارين طرفان گرفتار پرڏيهي واپاري يا ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. خابرو اداري آمريڪي پرڏيهي کاتي پرائيويسي قانون جي ڪري  ڪجهه ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو جڏهن ته برطانوي حڪومت جو چوڻ آهي ته سعوديه ۾ سفارتخاني کي مدد جي ڪا به درخواست ناهي ملي. فرانس جي گهرو وزارت ان حوالي سان ڪنهن قسم جو بيان ڏيڻ کان پاسو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيويارڪ ٽائمز پنهنجو ايڊيٽوريل صفحو ٽرمپ جي حامين لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائيمز روزاني عارضي طور پنهنجي ايڊيٽوريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے