21 ہفتہ , اپریل 2018

عوامي شاعر بلاول اوٺي جي ڪتاب گيت انوکا گهايل من جو مهورت بلاول جي دل ۾ درد جو ادارو:ناشاد سمون

ٿرپارڪر جيڪو تهذيبي ثقافتي ۽ ادبي طور تي سدا سرسبز خطو رهيو آهي جتي انيڪ املھ ڏات ڌڻي پيدا ٿيا آهن جن پنهنجي فڪر ۽ فن ذريعي ادب ۽ آرٽ جي ناقابل فراموش خدمت ڪئي آهي  شاعري جي ميدان ۾ ٿرپارڪر  جا جيڪي ناميارا نالا آهن بلاول اوٺو انهن مان هڪ آهي بلاول جيڪو نج عوامي شاعر آهي جنهنجي خيالن ۾ ٿر جي سادگي درد محرومي سچائي ۽ رواداري ليئو پائن ٿا، بلاول جيڪو بنيادي طور تي گيت جو سگهارو شاعر آهي جنهن پنهنجي گيتن کي مقامي ويس ۾ نج سنڌي ڌنن تي سرجيو آهي بلاول اوٺو ٿرپارڪر جي مهراڻي واري ڀاڱي جي ڳوٺ خانهور اوٺا لڳ وڄوٽو سان تعلق رکي ٿو 1970 کان شاعري سرجيندو ٿو اچي سندس اڻ ڳڻيا خوبصورت گيت سنڌ جي مشهور راڳين ڳايا آهن سندس هڪ شعري مجموعو ٿوهر منهنجو من 1992 ۾ ڇپيو هو تازو مهراڻي پبليڪيشن ٿرپارڪر طرفان سندس شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ”گيت انوکا گهايل“ من ڇپرايو ويو آهي آچر 10 ڊسمبر تي سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺي ۽ مهراڻو پبليڪيشن ٿرپارڪر جي گڏيل سهڪار سان مٺي جي شهيد بينظير ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ هڪ   سانجهھ ملهائي وئي ۽ سندس تازي ڇپيل ڪتاب گيت انوکا گهايل من جو مهورت ڪيو ويو.

تقريب جي صدارت سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ نامياري شاعر احمد سولنگي ڪئي، جڏھن ته مهمان خاص ناميارو اديب تاج جويو هو اعزازي مهمانن ۾ ناميارو شاعر سائينداد ساند، ايوب کوسو، ڀارومل امراڻي اياز رضوي ۽ ٻيا هئا، صدارتي خطاب ڪندي نامياري شاعر ۽ ساس جي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي چيو ته، دنيا جو سڀ کان وڏو انقلاب آرٽ آهي شاعر کان وڌيڪ ڪير به انسان جي احساسن کي سمجهي نه ٿوسگهي  شاعري ڪو آسان ڪم ناهي پر هي رت ۽ ست ڏيڻ جو عمل آهي شاعر فڪري طور تي بي جان شيء ۾ به جان وجهي ڇڏيندا آهن بلاول اوٺو درد کي جهونگاري لکندڙ شاعر آهي بلاول جي شاعري ٿر جهڙي اداس سادي ۽ درد سان ڀريل آهي آئون بلاول جي شاعري جو وڏي عرصي کان مداح رهيو آهيان هن جي شاعري ۾ نج ڪلاسڪ آهي هن ڍاٽڪي ۽ گجراتي جي رسيلن لوڪ ڌنن تي گيت لکي لوڪ موسيقي ۽ لوڪ ادب جي خدمت ڪئي آهي بلاول جي اها به خصوصيت آهي ته بلاول ڌنون پڻ پاڻ ترتيب ڏنيون آهن.

نامياريءَ اديب ۽ نقاد تاج جويو ڳالهائيندي چيو ته ٿر جي زمين ذھني طور به زرخيز آهي.

بلاول جي شاعريءَ ۾ اندر جو انسان سجاڳ محسوس ٿئي، هي نج عوامي لهجي جو شاعر آهي بلاول ڪافيءَ جهڙي قديم سنڌي صنف ۾ ڪمال جون ڪافيون لکيون آهن بلاول لوڪ عوامي شاعري ۾ جدت پيدا ڪئي آهي.

نامياري شاعر سائينداد ساند چيو ته بلاول جي شاعريءَ ۾ ٿر جو فطرتي حسن ۽ دردناڪ  منظر پسي سگهجن ٿا ٿر جي خوبصورت خطي مهراڻي جو بلاول خوبصورت شاعر آهي.

صاحب محفل بلاول اوٺي چيو ته آئون 1970 کان شاعري سرجيندو اچان ٿو مونکي ريڊيو حيدرآباد ۽ مٺيءَ وڏو مان ڏنو آهي آئون ٿر جو سادو ماڻھو آهيان مونکي فطرت سان پيار آهي مون ڀٽن تي ۽ ٿوهرن ۽ ڪونڀٽن جي ڀر ۾ ويهي گيت لکيا آهن ۽ ڌنون ترتيب ڏنيون آهن ساس مٺي جس لهي جنهن مونکي عزت بخشي جنهن منهنجو قدر ڪيو منهنجي شاعري عوام لاءِ آهي مونکي عوامي شاعر سڏائڻ تي فخر آهي.

نامياري مزاحمتي شاعر ايوب کوسي چيو ته بلاول ڌرتيءَ جي عوامي گيتن جو شاعر آهي هن سماج جي پيڙھيل طبقي لاء گيت سرجيا آهن هن دقيانوسي معاشري جي مسڪين پورهيت مظلوم عورتن لاء شاعري ڪئي آهي.

نوجوان شاعر ليکڪ ڀارو مل امراڻي چيو ته  لوڪ ڏاهپ بلاول کي ورثي ۾ مليل آهي ٿر جي اڃ ۽ درد بلاول جي شاعريءَ ۾ موجود آهن هن کي مون ٿر جي دردن تي روئندي ڏٺو آهي گيت جي صنف ۾ بلاول رمجهم سرن جهڙا گيت لکيا آهن.

نوجوان شاعر ليکڪ پياري شيواڻي چيو ته بلاول سوين عوامي رنگ جا گيت لکيا آهن جنهن ۾ پيار درد ۽ مٺي ٻولي جو سرور سمايل آهي راقم الحروف ڳالهائيندي چيو ته  بلاول جي شاعريءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال لوڪ ڏاهپ جي نشاني آهي هن وٽ دردشناس دل آهي جنهن سان درد کي گهرائي سان محسوس ڪري هن سڏڪن جي گونج جهڙا گيت لکيا آهن بلاول پنهنجي دور جو نمايان شاعر رهيو آهي.

نامياري صحافي کاٽائو جاني ڳالهائيندي چيو ته بلاول وڏي عرصي کان پنهنجي شاعري وسيلي عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿر جي سڃاڻپ بڻجي پاڻ مڃايو آهي.

غزل جي مشهور شاعر اياز رضوي چيو ته بلاول سينيئر شاعر آهي هن ڪيسيٽ جي عروج واري دور ۾ به معياري شاعري ڪري پنهنجو منفرد مقام ٺاهيو هن جي گيتن ۾ ڀنل مٽي جهڙي مهڪ آهي.

نوجوان شاعر ليکڪ امر رائسنگهھ راجپوت چيو ته بلاول ٿر کي اندر جي اک سان ڏسي مينهن ڪڻين جهڙا گيت لکي ٿو.

نوجوان شاعر خالد چانڊيو چيو ته شاعرعوام جو ڏڍ هوندا آهن  ساس شاخ مٺي جي سيڪريٽري دليپ دوشي لوھاڻي چيو ته اسين چاهيون ٿا ته منفرد ڪردارن کي زندگي ۾ ڀيٽا ڏيڻ گهرجي  جڏهن ته نامياري شاعر  ليکڪ براڊ ڪاسٽر نصيرمرزا فون تي پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته بلاول تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد فخر ڪري ٿو ۽ ڪارونجهر تي آئون اڪيلي آهيان هن صدي جو بهترين گيت چئي سگهجي ٿو تقريب کي عبدالعفار جوڻيجو  شهاب نهڙيو شاهنواز هنڱورجو محبوب درس خالق درس  ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

ٿرجي خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ صوبدار قاسمي اوٺي طرفان بلاول کي سنڌ جو روايتي بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌرايو ويو  سڀني معزز مهمانن کي ساس مٺي طرفان ٿري شالن ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا  ان  موقعي تي مهراڻو پبليڪيشن طرفان بلاول اوٺي جي ڪتاب جو مهورت ڪيو ويو ۽ ساس مٺي طرفان لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو مهراڻو پبليڪيشن ٿرپارڪر جي  سرواڻ زاهد اوٺي سڀني آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته  مهراڻو پبليڪيشن جي ڪوشش هوندي ته بهترين ڏات ڌڻين جا ڪتاب ڇپرائجن ۽ کين ڀيٽا ڏجي  آخر ۾ محفل موسيقي ۾ ناميارن راڳين  الهڏني جوڻيجي ثمينا ڪنول ڪريم فقير ۽ ٻين سر ورکا ڪري محفل کي منڊي ڇڏيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽئين ڪلاس جي آرٽسٽ شاگردياڻي سهائي ڪمال ڄامڙو جو انٽرويو:عوامي آواز سٿ

پيارا ٻارو! اڄ اسان اوهان جي ملاقات هڪ اهڙي ٻارڙيءَ سان ڪرائينداسين جيڪا ڪراچيءَ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے