25 سومر , جون 2018

مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور پاران ڪرايل جشن شڪارپور شعر و ادب ۾ اعليٰ آهي شڪارپور:نياز مسرور

مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور، پنهنجي محبوب شهر شڪارپورسان پنهنجي جنون، عقديت ۽ عشق جو اظهار ڪندي شڪارپور جي محبوب يادن جي محبوبيت کي ياد ڪندي، پنهنجي “تاريخي شهر شڪارپور” جي چار سو سال مڪمل ٿيڻ تي خوشيءَ ۾ شڪارپور جي تاريخي ۽ محبوب ماڻهن کي هڪ ٻئي سان گڏ ويهارڻ لاءِ ۽ شهر جي حسناڪين  جي ثنا خوانيءَ جي لاءِ 17 ڊسمبر 2017 تي بيدل پبلڪ لائبرري شڪارپور ۾ هڪ محبوبي محفل جو انتظام ڪيو.هن محفل جي صدارت محترم ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو صاحب ڪئي. جڏهن ته مهمان خاص محترم گل محمد شاهه “گل” بخاري ۽ محترم عبدالغفار “گوهر” دائود پوٽو صاحب جن هئا. اعزازي مهمان محترم پروفيسر اسرار احمد علوي صاحب، پروفيسر شمس “صابر” ڪلوڙ صاحب، عبدالخالق سهرياڻي صاحب جن هئا. هن محفل ۾ پروفيسر محمد شريف “شاد” جي ترتيب ڏنل ڪتاب “تاريخ شڪارپور” (محقق ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومرو)، “سهڻا ٻار سمورا”، (ارباب علي “عادل”چوهاڻ)، “تاريخي شهر شڪارپور” ۽ مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور جي 25 سال مڪمل ٿيڻ تي سلور جوبلي نمبر ۽ سووينيئر (مرتب “وفا” منظور) جي مصنف ۽ مرتب ڪندڙن کي پڻ اسٽيج تي ويهاريو ويو. ڪارروائي نياز مسرور بدوي (راقم) هلائي.

هن محفل جي ابتدا تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي ان کان پوءِ سنڌ جي روايتي سوکڙي “اجرڪ“جو تحفو مهمانن کي وحيد محسن، منٺار مارفاڻي، الهوارايو “سجاد” مهر، بيوس بهار سومرو، امتياز منگي،عبدالجبار “عبد”، ڊاڪتر گلزار احمد سومرو، جبران احمد سومرو ۽ حسيب “ناياب” منگي جن اوڍايا.

هن محفل ۾ آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ۽ ٿورا مڃڻ لاءِ آجياڻي لاءِ مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور جي صدر محترم عبدالجبار “عبد” کي سڏيو ويو، جنهن مهمانن جي آجيان ڪندي “چار سو سالا جشن شڪارپور سيمينار ۽ ايوارڊ 2017ع” جي شريڪ مهمانن جا ٿورا مڃيا.شڪارپور جي سونهن جو ذڪر ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريائين حسيب “ناياب” منگي کي سڏيو ويو، سندس مقالي جو عنوان “شڪارپور جا ڪجھه تاريخي ماڳ مڪان” هو.

وحيد محسن جي مقالي جو عنوان “شڪارپور جي موجوده ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين جو اڀياس” هو.

امتياز منگي “شڪارپور تي ڇپيل سووينيئر جو مطالعو” کي پنهنجي موضوع جو عنوان بڻايو آهي.

“شڪارپور جي عالمن جو ديني خدمتون” ڊاڪٽر گلزار احمد سومري جي مقالي جو عنوان هو. موصوف ڏاڍي محنت ۽ جانفشانيءَ سان مقالو تيار ڪيو هو.

“وفا” منظور جي مقالي جو موضوع “شڪارپور مان ٻارن لاءِ ڇپيل شاعريءَ جا ڪتاب” هو. پاڻ ڏاڍي محنت سان نهايت مدلل مقالو تيار ڪيو هو.

ڊاڪٽر محمد شريف “شاد” “شڪارپور جي سياسي، سماجي، لساني ۽ ادبي تاريخ جو جائزو” جي سري هيٺ مختلف ڪتابن ۽ رسالن جو جائزو وٺي هڪ بهترين مقالو تيار ڪري شڪارپور بابت لکيل مواد جي نشان دهي ڪئي آهي.

عبدالجبار “عبد” مولابخش “مسڪين ”ڀٽو خاندان جون علمي و ادبي خدمتون” جي سري هيٺ پنهنجي ڪاوش پيش ڪئي.

عبدالجبار “عاجز” منگي جي شڪارپور بابت لکيل طويل غزل جيڪو 120 شعرن تي مشتمل آهي، تنهن جا ڪجھه شعر پڙهيا جن کي حاضرين تمام گھڻو پسند ڪيو.

“چٽسالي بابلاڻي ڪاٺيءَ تي ٿا ڪڍن،

جنڊيءَ جي فن ۾ اعلىٰ اٿئي شڪارپور جا.

ارباب “عادل” چوهاڻ پنهنجي سخن سازيءَ ۾ هن ريت شڪارپور جو ذڪر ڪيو.

هٿ ٻڌي “عادل” ڪري ٿو التجا،

شهر سان سڪ کي پرين گھٽجڻ نه ڏي.”

ناز نصرالله مهر، محمد قاسم ڪلوڙ،امداد “عاجز” نصيراڻي به شاعريءَ ۾ شڪارپور کي ڀيٽا ڏني.

محترم حاجي عبدالحميد درازيءَ “شڪارپور ۾ سچل شناسي” جي حوالي سان مختصر طور تي ڳالهايو ۽ سچل سرمست جي رنگ ۾ رچيل شاعرن جو تعارف ۽ شاعري پيش ڪئي.

آغا زاهد پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته دل کي ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي، جڏهن ههڙا پروگرام ٿين ٿيا. ۽ چيو ته “ڪهڙي به ٻوليءَ جو  ڪتاب کڻو، سنڌي هجي يا اردو، انگريزي هجي يا فارسي، يا وري عربي انهن ڪتابن ۾ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان شڪارپور جي محبت جا مذڪور ضرور ڏسي سگھجن ٿا.

مانواري نياز سرڪي ڊاڪٽر محمد شريف “شاد” جي ترتيب ڏنل ڪتاب “تاريخ شڪارپور” تي هڪ اجمالي طائرانه تنقيدي نظر وڌي ۽ مرحوم ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومرو جي سوانح ۽ ڪتاب ۾ بيان ڪيل حقيقتن جي اوڻاين تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.شڪارپور جي سياسي ۽ سماجي ڪارڪن برڪت علي ڀٽو شڪارپور جي سياسي تاريخ ۽ موجوده بدحاليءَ بابت اظهاريو. ڊاڪتر محمد حنيف سومرو شڪارپور جي موسيقارن کي ڀيٽا جا لفظ ارپيا . ان کان علاوه نوجوان محقق نذير “شاڪر”بروهي، ڪنڊياري کان ڪهي آيل مانواري محمد عثمان عباسي ۽ ٻين دوستن پنهنجا ويچار ونڊيا.

اعزازي مهمان پروفيسر اسرار احمد علوي چيو ته شڪارپور خوشبوئن جو شهر آهي اهڙو ٻيو ڪوبه شهر نه آهي. شام جو جڏهن شڪارپوري ٻاهر نڪرند هئا ته سڄو شهر خوشبو سان مهڪندو هو.

عبدالخالق سهرياڻي صاحب چيو ته منهنجو شڪارپور سان پراڻو ناتو آهي. هي منهنجي استادن جو شهر آهي ۽ مان هتي پڙهيو آهيان. مولانا عبدالڪريم چشتي ۽ مولانا محمد اسماعيل عودوي کان درس ورتو اٿم.

پروفيسر شمس “صابر” پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هتي مان ڪيترائي اهل ادب ڏسان ٿو. هن جشن جي سلسلي ۾ هڪ “شريف”، هڪ “عادل” ۽ هڪ “وفا” مانڊاڻ مچايو آهي. جتي وفا هوندي آهي اتي عدل ۽ عادل به هوندو آهي ته شريف به هوندو آهي.

مهمان خاص عبدالغفار “گوهر” دائودپوٽي پنهنجي سوچ کي هن طرح اظهاريو. “هن قسم جي پروگرام ڪرائڻ سان دنيا اندر شڪارپور بابت پيغام وڃي ٿوته شڪارپور هڪ عظيم شهر هو ۽ آهي. پنهنجي شهر جون ڳالهيون نوجوان نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ جو نالو به تاريخ آهي.

مهمان خاص سيد گل محمد شاهه “گل”  مذاحيه انداز ڳالهائيندي چيو ته “مان اوهان کي خوشخبري ٿو ڏيان ته مان مختصر تقرير ڪندس منهنجي سيرت لائبرري ۾ شڪارپور بابت لکيل آڳاٽا 12 ڪتاب موجود آهن. شڪاپور کي شاندار لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته منهنجي ادبي زندگي جي شروعات شڪارپور کان ٿي ۽ منهنجو پهريون ڪتاب به مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور وارن ڇپرايو.۽ اها پڻ گھر ڪئي ته جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور ضلعن کي ملائي شڪارپور کي ڊويزن جو درجو ڏنو وڃي.هن عظيم شهر ۾ يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي. امتحان وٺڻ لاءِ انٽر ميڊيٽ بورڊ جو قيام عمل ۾ آندو وڃي. ان کان علاوه شڪارپور جي اهل قلم کي صلاح ڏني ته شڪارپور تحقيقي بورڊ قائم ڪن ۽ شڪارپور جي تاريخ تي تحقيقي ڪم ڪن. انهن مطالبن جي سڀني حمايت ڪئي.

هن محفل جي صدر ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو شڪارپور بابت  لکيل مقالن ۾ اٿاريل نقطن تي ڀرپور انداز ۾ تجزيو ۽ تبصرو ڪيو ۽ شڪارپور جي تاريخ تي،  تاريخ مظهر شاهجھاني تاريخ معصومي ۽ تحفـﺔ ڪرام جي روشنيءَ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهاريو ڪيو.

ماني جي وقفي کان پوءِ شڪارپور جي ادبي، سياسي، سماجي، تعليمي، صحافتي، ادارتي ۽ فني ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي مختلف 60 کن شخصيتن کي ايوارڊ ڏنا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے