21 اتوار , جنوری 2018

اهڙو ڪردار ڪرڻ چاهيان ٿي جيڪو منهنجي منفرد سڃاڻپ بڻجي وڃي: مريم انصاري

پاڪستان جي خوبصورت ماڊل ۽ من موهڻي اداڪارا مريم انصاري چيو آهي ته ٽي وي ۽ فلم الڳ الڳ ميڊيم آهن. ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو فلمن ۾ به ڪم اچي رهيو آهي.  معياري پروڊڪشنز ۾ ڪم ڪرڻ سڀني جي خواهش هوندي آهي. وقت فنڪار کي گهڻو ڪجهه سيکاري ڇڏيندو آهي. ڪالهه ۽ اڄ جي مريم ۾ تمام گهڻو فرق آهي، سينئير فنڪارن سان گڏ ڪم ڪري اداڪاري ۾ تمام گهڻو فرق آيو آهي.هن چيو ته ڊراما سيريل لاءِ ثابت قدم ٿي ڪم ڪرڻو پوندو آهي. ڪردار مطابق پاڻ کي ايڊجسٽ ڪري وٺندي آهيان.سينيئر فنڪار هميشه حوصله افزائي ڪندا آهن. نون اداڪارن کي به سندن احترم ڪرڻ گهرجي. منهنجي خواهش آهي ته فني ڪيريئر ۾ اهڙو ڪردار ڪري وڃان جيڪي پنهنجي منفرد سڃاڻپ بڻجي وڃي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌوءَ ڪناري گهاريل ڊسمبر جي آخري رات جي ڪٿا:رکيل مورائي

هيءَ ان ڏينهن جي شام هئي جيڪو ڏينهن پنهنجي پڄاڻيءَ تي ان رات کي آڻيندو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے