23 ڇنڇر , جون 2018

خوبصورت شاعر بشير منگيءَ جو ڪتاب ڪير ٿو مون کي سڏي :امداد جسڪاڻي 

شاعر ڪنهن سرحد تائين محدود ناهي هوندو هو مظلوم، مجبور ماڻهن جو مسيحا ۽ همدرد هوندو آهي تنهنڪري ئي ته شاعر جو خيال، فڪر، ان جي هر ڳالھه عام ماڻهن کي به پنهنجي ڳالھه محسوس ٿيندي آهي ، هر شاعر وٽ فن، فڪر پنهنجو هوندو آهي، ڪو شاعر فڪري حوالي سان پختو ٿئي ٿو، ڪو فني حوالي سان پختو ٿيندو آهي ۽ اڪثر شاعر فني فڪري حوالي سان پختا ٿين ٿا ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهن ٿا.

بشير منگي شاعر ۽ نثر نويس آهي جنهن جي شاعري توڙي نثر ۾ سنڌو جي لهرن جهڙي رواني آهي جنهن جو وهڪرو شعور جي روشني ڏيندڙ  آهي.

"ڪير ٿو مون کي سڏي” بشير منگي جي شاعري جو تازو مجموعو آهي جيڪو سمبارا پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي 192 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ غزل، وايون، گيت، نظم،بيت، چوسٽا، ترائيل شامل آهن، هن جي شاعر جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي تاج بلوچ، حبيب ساجد، ضياء شاهه، آدرش، وفا گولو، ساجد سنڌي انصاف واري عينڪ سان رايا ڏنا آهن جيڪي خوبين کي به پڌرو ڪن ٿا ته فني، فڪري جهول تي به ٽيڪا ٽپڻي ڪري پنهنجو فرض نڀايو آهي.

بشير منگي سنڌي ٻوليءَ جو منفرد شاعر آهي جنهن ۾ مصنوعيت ناهي هن جي دل ۾ هر ماڻهو لاءِ پيار پلجي ٿو، بشير نظرين جي حوالي سان ته ڪنهن کي اختلاف رکي ٿو پر انسانيت جي ناتي هر ماڻهوءَ کي پيار ڏئي ٿو، ساڻس جڏهن به ملبو تڏهن هن جي چهري جي مرڪ اسان جي آجيان ڪري ٿي.

"ڪير ٿو مون کي سڏي” بشيرڻ جو پنجون ادبي پورهيو آهي هي ڪوي پنهنجي لهجي ۽ رنگ وارو شاعر، اديب، ترجمي نگار آهي، بشير جيئن پنهنجي شخصيت، طبيعت ۾ جدا جدا نظر ايندو آهي تيئن شاعريءَ ۾ به الڳ ۽ منفرد آهي.

سر جي نه پرواھه ڪيون ٿا اسان،

سوريء کي لبيڪ چئون ٿا اسان.

شاھه عنايت شهيد سچ جو نعرو هنيو” جو کيڙي سو کائي” ان تحريڪ ۾ شهيد ڪيو ويو، سورهيه بادشاهه نعرو هنيو "وطن يا ڪفن” جنهن کي به شهيد ڪيو ويو، مطلب ته اهو سچ ئي آهي جنهن کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو مٿيون سٽون به حق ۽ سچ جي ٻولي ڳالهائڻ وارن  لاءِ  بشير جي غزل جي هيءَ مطلع حقيقت پسندي جو چٽو عڪس آهي جنهن جو فڪر اسان جي جذبن جي ترجماني ڪري ٿو.

نينهن نچي ٿو ۽ پچي پور ٿو،

پچون ٿا لڇون ٿا لڇون ٿا اسان.

سکر ۾ سوين صوفي شاعر، عالم، درويش آرامي آهن جن مجازي عشق کان حقيقي عشق تائين جو سفر ڪيو، جيڪي نينهن ۾ نچيا به ته محبوب جي جدائي۽  پورن ۾ پچي راس به ٿيا، بشير جو مٿيو صوفياڻو خيال منفرد آهي جيڪو صوفي شاعر هئڻ جو تاثر ڏئي ٿو، جدائي جا لمحا شاعر يا عاشق جي نصيب ۾ اچن ٿا ته يادن جي وهڪري ۾ پچي به ٿو لڇي به ٿو، اها تڙپ شاعر کي وڏو رنگ لائي ٿي اهو سندس جي شاعري ۾ ڏسي سگهجي ٿو

ڏات جو ڏيئو شعور ڏيندڙ آهي،انهيءَ شعور سان ڏات ڌڻي مايوسي، نااميدي، جهالت جي اوندهه، ڊپ، ڏاڍ کي مات ڏئي ٿو، "ڪير ٿو مون سڏي” ڪنهن به ڪتاب گهر تان وٺي سيني لائڻ گهرجي ڇو جو مطالعو اسان جي لکڻين ۾ بهتري آڻي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے