17 اڱارو , جولاءِ 2018

نامياري ڪهاڻيڪار شبنم گل جو ڪهاڻي ڪتاب خالي هنج جو ڏک:رکيل مورائي

اڄ جڏهن سنڌي ڪهاڻي پنهنجي هڪ صديءَ کان وڏي ڄمار ماڻي پنهنجي سفر جي نئين صديءَ ۾ داخل ٿي آهي تڏهن ان جي سفر جو جائزو وٺڻ اسان جي ادارن لاءِ بنهه ضروري ٿي پيو آهي. ان مان اسان جي اڄ جي لکندڙ لاءِ اهو فائدو ٿيندو ته هو اها ڄاڻ پرائيندو ته هو جيڪو ڪجهه اڄ لکي رهيو آهي اهو  اڳئين لکڻ کان ڪيترو نرالو آهي، ان جو اندازو لڳائي سگهندو ۽ جيڪو ڪجهه نه لکيو ويو آهي، اهو لکڻ لاءِ هو پنهنجو ذهن تيار ڪندو . ۽ اڄ جي پڙهندڙ لاءِ اهو فائدو به ٿيندو ته هو پنهنجي ادب جي رفتار ۽ معيار جو سفر سولائيءَ سان سمجهي سگهندو.

مثال طور اڄ جي لکيل يا لکيو ويندڙ ڪهاڻي ۾ اهڙو ڇا آهي، جيڪو ‘‘پيراڻي’’ کان الڳ آهي، اهڙو ڇا آهي، جيڪو‘‘سفيد وحشيءَ’’ کان الڳ آهي، اهڙو ڇا آهي، جيڪو ‘‘بري هن ڀنڀور ۾’’ کان الڳ آهي، مٿيون ڪهاڻيون ورهاڱي کانپوءِ ستت لکيل آهن، انهن کان اڳ ‘‘حُر مکي’’ جا آهي ۽ ” ادو عبدالرحمان“ آهي ۽ ٻيون به ڪيتريون ڪهاڻيون آهن جن جي ئي تسلسل ۾ تازو آيل اسان جي مانائتي ليکڪا ميڊم شبنم گل صاحبه جو ڪتاب ‘‘خالي هنج جو ڏک’’ پڙهڻ گهرجي ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي يا محسوس ڪجي ته اڄ سنڌي ڪهاڻي پنهنجي احساس / اظهار ۾ ڇا اهڙو کڻي آهي، جيڪو اڄ جي ڪهاڻي جي نجي سڃاڻپ ڏئي.

اسلوب/اسٽائيل جو ذڪر اجايو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته دنيا جون لڳ ڀڳ سڀ ادبي صفون پنهنجون صنفي سرحدون ٽوڙي گهڻو ٻاهر نڪري آيون آهن يا مٿي اڀري آيون آهن. ڪهاڻيءَ لاءِ منڍ، وچ ۽ پڇاڙي هاڻ ڪا معني رکي اهو ڏکيو آهي. پوءِ به خاص طور ڪهاڻي، جيڪا هاڻ شاعريءَ کانپوءِ يا چوڻ گهرجي ته جڏهن شاعري مقام ڏانهن وڌڻ لڳي آهي، تڏهن ڪهاڻي پنهنجي مقام کان مٿي اڀرڻ جي ڪوشش ۾آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي ڪهاڻيون عظيم به هونديون، نقاد اسان کي اهو ظاهر ڪري ٻڌائين ته اهي ڪهڙيون ڪهاڻيون آهن، سندن اهو سنڌي پڙهندڙن ۽ اڄ جي نوجوان ڪهاڻي لکندڙن تي احساس ٿيندو.

‘‘خالي هنج جو ڏک’’ محترمه شبنم گل جي ڪهاڻيءَ ۾ آيل اهڙو ڏک آهي، جنهن جون ڪي به سرحدون نه ٿينديون آهن. عورت جو ڏک، جنهن نموني عورت محسوس ڪندي آهي، مرد ائين نه محسوس ڪندو آهي. ائين قبول ڪيو ويو آهي.

عورت، عورت آهي، جيئن ڏک، ڏک آهي، اهو هر انسان لاءِ ساڳيو آهي، ان جون صورتون الڳ ٿي سگهن ٿيون ۽ هن ڪهاڻيءَ ۾ آيل ڏک ايترو ويڪرو ٿي آيو آهي جو ڪهاڻي جي ترجمي واري صورت ۾ ڪنهن به ۽ ڪهڙي به هنڌ رهندڙ عورت جون اکيون آليون ڪري ويندو ۽ سچ پچ تڏهن ڪابه لکڻي / ڪهاڻي، پڙهندڙ کي ائين محسوس ٿئي، جيئن لکندڙ اها لکڻ وقت محسوس ڪئي آهي ۽ پڪ سان ڪنهن به ليکڪ لاءِ اها وڏي حاصلات آهي. ائين اها محترمه شبنم گل جي حاصلات به آهي ۽ ان کان ٻاهر اهڙيون ڪيئي حاصلاتون سندس ادبي حوالي ۾ درج ڪرڻ لاءِ ملن ٿيون.

هوءَ شاعره، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ته آهي ئي پر تعليم جي حوالي ۾ به سندس نالو اهم حوالي ۾ لکڻ  جهڙو آهي پر بنيادي ڳالهه اها آهي ته ڪو به تخليقڪار يا هوندو آهي يا نه هوندو آهي ۽ سنڌي ادب ۾ هڪ اهم حوالو محترمه شبنم گل جو نالو آهي.

سڀني حوالن ۾ شخصي طور منهنجي روح ۾ اهو احساس هر وقت جاڳندو رهندو آهي ۽ ڏکوئيندڙ رهندو آهي، جيڪو احساس کڻي هن پنهنجو املهه ڪتاب ‘‘منهنجو سوج مکي’’ لکيو هئو.

ڪنهن به ليکڪ جي حوالي ۾ ڪو ڪو ڪتاب گهڻو مٿي اڀري بيهندو آهي، ساڳئي وقت هي ڪتاب جيڪو سندس ٻيون ڪهاڻي ڪتاب آهي ۽ پڪ سان جيڪو ڊگهي اڀياس جو گهر ڄائو آهي، تڪڙ ۾ نالي واري ڪهاڻيءَ ڏانهن منهنجو ڌيان منهنجي دوست ۽ منهنجي وڻندڙ ڪهاڻيڪار اخلاق انصاريءَ ڇڪايو ۽ مون اها تڪڙي پڙهي ورتي آهي، جيتوڻيڪ ڪتاب ۾ ايڪيهه ڪهاڻيون آهن ۽ اسين اڄ ايڪيهين صديءَ ۾ پنهنجي ادبي سفر تي هلندڙ آهيون.

ڪنهن به طرح هن پڙهڻ جهڙي ڪهاڻي ڪتاب ‘‘خالي هنج جو ڏک’’ ۾ آيل ڪهاڻيون اڄ جي نوجوان لکندڙ لاءِ اتساهه جو سبب بڻجنديون.يقين ڪرڻ گهرجي هن ڪهاڻي ڪتاب جو مهاڳ سنڌي ڪهاڻيءَ جي هڪ حوالي شوڪت حسين شوري لکيو آهي. ليکڪ ۽ سندس ڪهاڻين جي حوالي سان هڪ ڄاڻ ڏيندڙ ليک محترمه تنوير جوڻيجو صاحبه جو ڪتاب ۾ شامل ڪيل آهي ۽ ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل نامياري ليکڪ محترم اشتياق انصاريءَ لکيو آهي. تنهن هوندي به ڪتاب جو اهم حوالو ليکڪا جو نالو ئي آهي ۽ ڪتاب ۾ آيل اهو درد آهي، جيڪو هن سان سدائين سفر ڪري ٿو.

پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپايل هن پڪ جلد ۽ وڻندڙ ٽائيٽل واري ڪتاب ۾ ٻه سئو اٺ صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه ٽي سئو روپيا آهي. سنڌي ادب ۾ خاص طور ڪهاڻيءَ جي حوالي ۾ هڪ اهم ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے