17 اربع , جنوري 2018

کيمن مولاڻي جي ڪتاب جيءُ ۾ ٽانڊا جو اڀياس تون به هن شهر کي سڃاڻين ٿو :موهن همٿاڻي

سنڌي ساهت ۾هند ۾ هن وقت پنهنجن جذبن ۽ زندگيءَ جي آزمودي / مشاهدي کي اظهار ڏيڻ لاءِ ساهتڪارن / شاعرن جي پسنديده صنف آهي. ڪوتا شاعريءَ  ۾ ۽ ڪهاڻي فڪشن ۾

ڪوتا توڙي ڪهاڻي ٻئي جڱي تعداد ۾ لکيون پيون وڃن. ساهئته اڪاڊمي ۽ ٻين صوبائي اڪاڊمين طرفان تازو گذريل سال ۾ ڪوتا / شاعري ۽ ڪهاڻيءَ  جي اينٿالاجيس (poetr/stom colle ehis/ anthe lagi) جي اشاعت ادب جي بعد جديد دور ۾ سنڌي ڪوتا ۽ ڪهاڻيءَ جي معيار ۽ اهميت کي انڊرلائين به ڪيو آهي.

سنڌي ڪوتا ۽ ڪهاڻيءَ لاءِ اهو  بجا طور تي خوش، ٿيڻ جو باعث آهي.

هن تنقيدي / تاثراتي  جائزي ۾ مان ڪوتا / شاعريءَ جي ڳالهه ڪندس ۽ ڳالهه شروع ڪرڻ لاءِ منهنجي  سامهون ڪيتري، وقت کان ٽيبل تي رکيو آهي شاعريءَ  جو مجموعو سو به موزون شاعريءَ جو ۽ سنڌي جي پڪي پختي ۽ پنهنجي شاعريءَ  سان دل وند رائيندڙ، سنڌي شاعريءَ  جا گهڙا  ڀريندڙ شاعر کيمن مولاڻي جو ” جيءَ  ۾ ٽانڊا“ جيڪو مون کي رکي رکي پيو چتائي ڏسي ته منهنجي باري ۾ ڪجهه ته چهءُ پيارا – سو اڄ  قلم ساٿ ڏنو آهي.  ڪجهه لکڻ لاءِ، حالانڪ موزون شاعري ۽ ان جون  باريڪيون هن تنقيدي ۽ تاثراتي جائزو وٺندڙ جي فطر تي دائري ۾ ڪڏهن ڪوشش ڪري به نه اچي سگهيون ، پر شاعريءَ  ۾ ڪنينٽ، موضوع  خيال هيمشه هن جو ڌيان  ڇڪايو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ڪنهن به دور  جي شاعريءَ ۾ ان جو ڪنٽينٽ، خيال موضوع ئي هن جي جسم جي جان  آهي.

شاعريءَ  جي فڪر آهي ته فن پاڻهي اچي هي ويندو آهي ۽ کيمن ته فنڪار آهي. فن جي لحاظ کان شاعرئي جو هيءُ  مذڪوره مجموعو شاعري جي چئن قسمن (torw)  غزل ٽيڙو، دوهو  ۽ وائي سان سينگاريل  آهي پر مجموعي جو گهڻو حصو غزل ئي والاري ٿو جڏهن شاعريءَ جي مرمور شاعر سائين امداد حسينيءَ  غزل جي گهاڙيٽي بابت هڪ هنڌ ڳالهائيندي چيو آهي غزل ڏاڍي نازڪ نفيس صنف آهي ٽاڪئين ڪائي جيان ڪڏهن  ڪڏهن هلڪي آواز تي ڀور ڀور  ٿيندڙ ، ان جا قائدا قانون به سخت آهن. بحر وزن جو سقم ۽ لفاظي ان لاءِ هاڃيڪار آهي.  غزل جو استاد شاعر ارجن حاسد پنهنجي اسٽائيل ۾ مهاڳ جي شروعاتي سٽن ۾ غزل جي  جيڪا ڀاوتمڪ وصف جوڙي آهي. اڄ  جي شاعر کي ان جي لفظ لفظ کي کولي سمجهڻ جي  ضرورت آهي. حاسد صاحب جو اهو هڪ پنهنجو نجي اسٽائيل  آهي، ڳالهه کي چوڻ جو سمجهائڻ جو غزل کي سڀ رنگ آهن، ڪري شعر  ٿي ڀاوچتر سڀ اسان جي آس پاس پکڙيا پيا آهن. شاعري ماڻڻ  ۽ سوچڻ جو درشن آهي. لفظ جون ڪنڊون پاسا چڀندا هلندا. ٽهڪڙا به ڏيندا، رسندا  پرچندا به  تڏهن ته پنڌ سولو ٿيندو . سچ ڪڏهن به نه چئجي ٻيا به ڪيترائي سُر  الاپ آهن. جن ۾ گهڻي سمجهه آهي. سچ  جي وياکيا ڪڏهن  ڪنهن به نه ڪئي آهي. سچ ٺڳي آهي فريب  آهي ٻهرو پيو آهي.

هتي ٻن وڏن شاعرن کي شاعريءَ  خاص  ڪري غزل متعلق حوالي طور ڪوٽ ڪرڻ جي پٺيان مراد اها آهي ته جيئن پاٺڪ ۽ شاعر  ٿوري دير لاءِ شاعريءَ جي زمين تي لهي اچن ۽ مون کي به جيڪا ڳالهه  ڪرڻي آهي خاص ڪري فڪر / خيال جي لحاظ کان، ان لاءِ مون کي سولائي ٿيندي پنهنجي ڳالهه چوڻ ۾ ”جيءَ ۾ ٽانڊا“ عنوان مان ئي ظاهر آهي ته شاعر جي اندر ۾ نه ڄاڻ ڪيتري وقت کان ڪجهه اهڙو دکي رهيو آهي جيڪو لفظن جي تلاش ۾ هو، جيڪي شايد ٻرندڙ دکندڙ  ٽانڊن کي ٺارڻ جو ڪم ڪري سگهن. علامتن جو استعمال ڪندي  شاعر جي زندگي  بزات  خود هڪ علامت  بڻجي ويندي آهي. زماني جي خوشي، غمي، درد، پيڙا، ڀوڳنا،  سسٽم خلاف دانهه ۽ ٿيندڙ  انياءَ  خلاف آواز جي علامت

هن مجموعي جي ڪل شاعريءَ  جو گهڻو حصو موجوده دور ۾ انسان  جي بدليل سوچ وهنوار / هلت، جيئڻ جو ڍنگ شاعري کيمن جي ڄاتل سڃاتل طرزيه انداز واري شاعريءَ جو  وشيه ته بڻيا  آهن. پر ان سان گڏ بدليل سماج،  دور ۽ حالتن سان پاڻ کي ٺهڪائي نه هلي سگهڻ يا ائين چوڻون ته بدليل انسان سماج ۽ تيز رفتار واڌاري سبب گهربل لائيف  اسٽائيل کي جيڪو طبقو / فرد / يا سماج ايڊاپت نه ڪري سگهيو آهي. رڪارڊ ڪجهه به هجي ان من اسٿتي جو اظهار سو به کيمن جي قلم جي زير استعمال آيل هر فارم شعر، دوهي غزل ٽيڙو وائي ۾ نظر اچي ٿو. زندگي  سان سنگهرش ڪندي، ڀوڳيندي لهجهي ۾ شڪايت اچڻ ڪي  قدر فطر تي آهي. عام ماڻهو جيڪا به ڳالهه پنهنجي رواجي نارمل انداز، لهجي ۾ ڪندو ته نئين تازي نه لڳندي پر اها ئي ڳالهه شاعر ڪندو سو به کيمن جهڙو سنڌي شاعر، لفظ معانائون استعارا  مهاورا، علامتون  ۽ انهن جو بخوبي استعمال جنهنجي ساهه ۾ سمايل آهي.

اها ئي رواجي ڳالهه شاعري بڻجي ويندي آهي. پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ  جي منهن مان ازخود نڪري ويندو آهي. واهه  واهه  کمن واهه

غزل

زندگي ڄڻ ته ڪائي طوائف لڳي

وقت تو کي اچي ٿو نچڻ ئي نچڻ

 

هل هلي ٿا هوا سان رکون

ٿو وڻي هاڻ هت هت رلڻ ئي رلڻ

دوهن ۾ به کيمن اڄوڪي دور ، زندگيءَ کان مايوس خفا ۽ ڪٿي نه ڪٿي پاڻ کي ٺهڪائي نه هلي سگهڻ  واري انساني ڀاو جو فنائتو اظهار ڪيو آهي.

هر موسم آئي وئي، سيءَ اونهارا، مينهن

حال نه پر ويهي  ونڊيو، ڪڏهن رات سان ڏينهن

مينن مين ڏوهاري بڻجي، ڪاتيءَ مليو نه ڏوهه

تڏهن چيٽ کان گرم ٿو، لڳي مهينو پوهه

هتي بدلجندڙ مئوسمن وارن لفظن سيءَ، اونهارو، مينهن ڄيٺ ۽ پوهه جو بدلجندر دنيا  سان علامتن طور استعمال سنڌي غزل کي تازگي جو احساس ڪرائي ٿو. زندگي  لاءِ طوائف جي علامت به تازادم اظهار آهي.

هتي هڪ ڳالهه ٻاٺڪن نوٽس ڪئي هوندي ته طنز تکيڌار رکندڙ کيمن جو قلم ايتري فنائتي ڍنگ سان ڪري ويندو آهي. جو جنهن تي طنز ڪندو آهي. اهو به سامهون ويهي تاڙيون وڄائيندو  آهي. پوءِ اهو غزل  جو شعر  هجي دوهو يا ٽيڙو ياهائيڪو

ڏسو ڏاتر جي جوڙ

ڪوتا سان گڏ ٿو وهان

مڇر مڙندا کوڙ

 

اٿن قبر ۾ پير

تڏهن به هڻندا ٿا وتن

پيش زبر ۽ زير

زدنگي جا معاملا  مسئلا  گهڻي ئي مشڪل راهون اڙانگا ور  وڪڙ وارا پيچرا انهن پيچرن تي هلندڙ ڪروڙين قافلا  انهن راهن  تي زندگي کي رهبر به ملندا ته رهزن به! دلدار دوست  ملندا ته دشمن به اوترائي، خواهه ڦرڻ لٽڻ وارا به ملندا ته ڪجهه  ڏيڻ وارا به. سک چئن کسڻ وارا به ملندا ته زندگي ۾ سک سڪون  جي معني سمجهائڻ وارا به. زندگي آهي ته اهو سڀ ڪجهه  هوندو، خاص طور  سان اڄوڪي بدليل زندگي، سماج ۽ انسان جا رنگ شاعر جي اڪيلائپ سان ڀريل ۽ ڀنل دل ۽ اک ئي ڏسي پرکي سگهي ٿي، اڄ  ماڻهو ماڻهو کان ڇڳل آهي. دل دل کان ڊنل ۽ اک اک کان ڇرڪيل آهي. اڄوڪي  زندگي جي وک وک  تي وکريل  عڪسن کي ميڙيندي شاعر کيمن مولاڻي جنهن فنائتي اصلوب ۽  خوبصورتيءَ سان  ائين لفظن ۾تراشي مڙهيو آهي. ڄڻ  هڪ شفاف ڊزائينر آئينو سماج جي سامهون رکيو آهي.

عڪس اوندهه ڏسي

لاپتا ٿي ويا

پيار احساس جا

ڦر مڏا ٿي ويا

لفظ اهڙو چيو

فاصلا ٿي ويا

مون چيو سچ جڏهن

سڀ خفا ٿي ويا

هر چيز وڪامي ٿي وٺڻ چاهين ڀلي وٺ

 

هن وقت جي وهنوار جي بس ڳالهه ڇڏي ڏي

سچ ڪوڙ جي مقدار جي بس ڳالهه ڇڏي ڏي

مطلب ته شاعر کيمن هن مجموعي ۾ الڳ الڳ فارمن / قسمن  غزل دوهي ٽيڙو / هائيڪو ۽ وائي ذريعي سماج جا وکريل عڪس سميٽيا آهن، جيڪا تصوير ڪشي ڪئي آهي تن کي زندگي جا رنگ چئي  سگهجي ٿو.

حاسد صاحبن جي ان ڳالهه سان مان پوري طرح سان اتفاق  ٿو رکان ته شاعريءَ  ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي ڳالهه ڪرڻ شاعر ۽ شاعري جي وزن کي گهٽائي ٿو حالانڪ  حاسد صاحب اها ڳالهه ٻئي  ڍنگ سان چئي آهي ۽ مان ان ڳالهه کي کولي ٿو ڪيان  سچ – ڪوڙ جي معنيٰ  بريسڀاشا يا وياکيا ئي بدلجندي آهي. بدلجندڙ زماني حالتن ۽ ٽرينڊس سان گڏ. هڪ مخصوص دور جون حالتون ئي ان دور جي طرز زندگي ۽ طرز بياني طي ڪنديون آهن.

سمنڊ جو پاڻي انسان لاءِ کارو آهي، ڪنهن ڪم جو ناهي، پر سامونڊي جيون سنسار لاءِ  سمنڊ جو پاڻي ئي انهن جي زندگي آهي. هن ڌرتيءَ  جي آب هوا، موسمن جي ڦير ڦار ۽ ڌرتي جو توازن سمنڊ جي هٿ ۾ ئي آهي. ان ئي سمنڊ جو پاڻي انسان جي اساٽ لاهي ٿو ويتر وڌائي ٿو. شاعر کي اساٽ لاهڻي آهي ته سمنڊ  اندر گهڙي  سپين ۾ لڪل پاڻي جي بوند کي ڳولي ڪڍڻو ئي پوندو. سڌي سچ جي ڳالهه ڪرڻ يا شعرن / دوهن ۾ نصيحت ڏيڻ شاعر جي مزاج واري  ڳالهه ڪونهي. ويتر  شاعريءَ لاءِ  انهن ڳالهين کان پرهيز هڪ عمدي شاعري واري سٽ جي ڊمانڊ آهي. هاڻي مثال  ڏسون  شاعر پاڻ خود ان ڳالهه کي محسوس ڪندو.

اڃان به قائم صليب ساڳيو

هو ڪو عيسيٰ  پيو بدلائي

ڏسو اڱڻ  ۾ نانگ ته ڪونهي

جهرڪين جو ٿو ڪوڙ ٻڌائي

ڪالهه هو جو مجبور

ڪرسي ملندي ئي ڏسو

بڻجي پيو مغرور

 

ڪڏهن ته ڪر ويچار

جنهن تي آهي ڦل نه ڪو

سو ڪيئن جهڪندو ٽار

اهڙا ڪيترائي پند تصويرون مجموعي ۾ وکريون پيون آهن  نصيحت آميز ۽ ڪورو سج چوندڙ جيڪي شاعراڻي شعور  جي دائري ۾ نه ٿيون اچن  هيءُ منهنجو پنهنجو ويچار آهي. ڪنهن جو شامل راءِ هجڻ ضروري ناهي. شاعري لفظن ۾ نه هوندي  آهي. لفظن کان ٻاهر پنهنجو اثر ڇڏيندي آهي.

شاعر قڌرت ۽ عشق جي ڳالهه ڪرڻ کان سواءِ  رهي نه ٿو سگهي.کيمن جي غزل، دوهي ۽ ٽيڙو/ هائيڪو ۾ان جي جهلمل نظر اچي ٿي، شاعر جو  سڀ کان وڏو اساسو مليڪت آهي ان جي ٻولي ۽  ان جي استعمال تي پوري پڪڙ  ۽ سمجهه

ڏسو ستارن جي جهمل اکيون ٿا ڀڃن کڙلٻيٽو تون مٺ  ۾ جهلي ٿو رکين

آر سي کي اڄ  اکين ڏنو ائن وڻي ڪونه مون ڏي ڏسڻ ئي ڏسڻ.

ها هڪ ڳالهه ٻي به چوندس آخر ۾ ته کيمن جهڙو عمدو شاعر آهي. ٻوليءَ  تي پڪڙ ۽ مهارت رکندڙ اوتري سٺي، هن جي اسٽيج تي پيشڪش آهي. جيئن ئي شعر پڙهڻ لاءِ منچ تي هوريا هوريان چڙهندو آهي. تاڙين جو ڦهڪو پئجي ويندو آهي. هر شعر کان پوءِ وارائي چئو. وارائي چئو جا آواز  پيا گونجندا آهن. آڊينسن

مان خوشي سان چوندس ته اهڙي دنيا شناس شاعر کان تبصرو ڪندڙ به گهڻو ڪجهه سکيو آهي. ان جي سادگي  سهجتا، سرلتا ۽ سڀ کان وڌيڪ لفظن جي سچائي ماڻڻ وٽان آهي.

مان ڪنهن سخن شناس شاعرن ۽ دانشورن جي قطار ۾ بيٺل نه آهيان، هڪ شاعر ٻاٺڪ طور جيڪو تاثر شاعريءَ  کي پڙهندي ۽ ڪٿي ڪٿي ماڻيندي مليو، سو هن گفتگو / تبصري ونيلي اوهان سان ونڊيو. آخر ۾ بس  ايترو چوندس ته محسوس ڪيان پيو گهڻو  ڪجهه  چئي ويو اهيان کيمن جي شاعري ڪنهن ڳوڙهي گياني يا دانشوراڻي اظهار بجاءِ سادي عام ماڻهن جي لهجي ۾ ڪيل شاعريءَ  آهي، هڪ  ماڻهو کي سمجهه ۾   اچڻ واري ۽ ان سان جڙڻ واري ڳالهه ٿو ڪري اسان  جو شاعر کيمن مولاڻي

تون به هن شهر کي سڃاڻين  ٿو

ڪاگهٽي موڙ ڪو ڳجهو ڪونهي

ڪن ڏٺا تارا ڪن ڪي ٽانڊاڻا

دل جو شعلو ته ڪنهن ڏٺو ڪونهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے