24 منگل , اپریل 2018

ليکڪ سان مُکا ميلو شاعري ساهه کڻندي آهي:حصو آخري:واسديو موهي

1963 ۾ مئٽرڪ جي اِمتحان ۾ سُٺين مارڪن جي ڪري سينٽ زيويئرس جهڙي مانائـتي سائنس ڪاليج ۾ داخلا ته ملي ، پر ڪنهن طرح پهرئين ٽرم جي في جمع ڪرائڻ بعد ، ٻئي ٽرم جي في جو ڪو بندوبست نه ٿي سگهيو . اِنجنير ٿيڻ جو سُپنو ، سُپنو ئي بڻجي رهجي ويو . ننڍپڻ کان قسطن ۾ ٿيل تعليم ، هڪ ڀيرو وري ڪَٽ ٿي ويئي . بابا ريوڙي بزار وارو دوڪان 1958 ۾ ئي ڇڏي چڪو هو . ڌنڌا مَٽجندا رهيا ، قسمت ساڳي رهي ، گوهيون ڏيندڙ . پر من اندر همٿ ڪافي هئي . ٺڪر ٻاپا نگر وارو ڪمپائونڊ وال وارو پپر ياد هو ، پپر جو ، هڪ ٻوٽي جو  ديوار ٽوڙي وڌڻ همٿ ڏيندو رهندو هو . اُنهن ڌُنڌيل حالتن جي وچ ۾ جانڪي سان شادي به ٿي ويئي  (1964 ).

اِنڊور ۾ اِنٽر جو اِمتحان ڏنو ، ساٿ ۾ هم ڪلاسي ڪنعيو موتياڻي ۽ موهني گوگيا به هئا . ايل آءِ سي جي ڏکي اينٽرنس ٽيسٽ ڏني . اِن وچ ۾ ڌنواڻي صاحب گهرايو . ماستر ٿي ويس (1965 ). ننڍي هوندي مانيٽري واري ٽيچنگ وسري ڪانه هئي . سال اندر ئي ايل آءِ سي جو سڏ ٿيو . ايل آءِ سي ۾ نندلعل اڳ ئي ملازم هو ، پريم پرڪاش به پوءِ جائن ڪيو .

20 صديءَ جي ستين ڏهاڪي ۾ غزل جي جڳهه  نئين ڪوتا ورتي . غزل جا ڀُرڪڻا موضوع چمڪ وڃائڻ لڳا هئا ، زندگيءَ جون تلخ حقيقتون چُڀڻ لڳيون هيون . حالتون هونئن ئي نُڪيليون هيون . نئين ڪوتا لفظي اُگرواد (ليڪسيڪل مِليٽنسي) جو ٻيو روپ ٿي پيئي . هريش واسواڻي اُنوقت نئين ڪوتا جو ٻيو نالو ٿي پيو هو . پر الائي ڇو مون ڪجهه الڳ واٽ ورتي ، جيڪا منهنجي دل جي ويجهو هئي . اُن ۾ بيان جون پيچيدگيون ڪونه هيون ، سهجتا هئي ، معصوميت هئي ، نئين ڪوتا ۾ هريش جي اِن اعلان جي باوجود ته نئين ڪوتا ڇندن جي قبرن تي لکيل آهن ، مون لئه جو پلاند ڪونه ڇڏيو .

حالتن هڪ ڀيرو وري ڦيرو کاڌو . نِڪول ڳوٺ ۾ ڀاءُ ڀڳوان پولٽري فارم کوليو . اسانجي سڄي ڪٽنب جي وابستگي هئي ، ڪنهن نموني ، هن پنهنجي لَوَ لائيف سنڀالڻ خاطر فارم ڇڏي ڏنو ، مان خود لوَ مئريج ڪري چڪو هوس ، منهنجو ٻيو ننڍو ڀاءُ ڪشن به پيار جي شادي ڪري چڪو هو ، ڀڳوان جي خلاف مان ڪئن ٿي وڃي سگهيس . مان ايل آءِ سي ڇڏي پولٽري فارم تي اچي ويٺس . پر مرغين کي منهنجيون ڪوتائون يا منهنجا غزل ڪونه وڻيا . مالي طور مان بريءَ طرح ٽُـٽي پيس . پر ڪٽنب جو مونکي پورو ساٿ هو . ٺڪر ٻاپا نگر جي جڳهه وڪڻي اسانجو سڄو ڪٽنب نئن نگر ۾ هڪ مسواڙي جڳهه ۾ اچي وسياسين . پر نِڪول ڳوٺ ۾ مونکي الڳ طرح جوانڀوَ ٿيو . ڳوٺ  جي ماڻهن جي سادگيءَ ، سهجتا موهيو ، ته هنن جي بُک ، بيروزگاريءَ پِيڙيو به ، مڻڪوءَ جو جنم اُتي ٿيو . مڻڪُو ڪِردار ذريعي ڳوٺ جي ماڻهن جي ننڍين ننڍين خوشين سان ، سندن وڏيون وڏيون ذِلتون ، پِيڙائون ، سهج ، هنن جي ٻوليءَ ۾ ئي ظاهر ٿيون . اُنهن ڪوتائن ذريعي ڪوتا جو اُهو روپ اُڀريو جنهن ڪوتا جي روايتي تقاضائن جي هڪ به ڳالهه پوري ڪانه ٿي ڪئي . اُنهن ۾ ڪو سينگار ڪونهي، ٻوليءَ جو چِمڪو ڪونهي ، جذبن جي فلڪ اُڏام ڪانهي ۽ نه ئي اُنهن ۾ اُڻت جي ڪا پيچيدگي آهي . سِڌيون سَنواٽيون اُهي ڪوتائون منهنجي دل جي دڪ دڪ سان واسطو رکندڙ آهن .

پنهنجي مالي حالت کي سنڀالڻ لاءِ مان دُبئي جي اِنڊين هاءِ اِسڪول ۾ هڪ ڀيرو وري ماستر ٿي پيس (1987 ) . اِسڪول ڇا هو ، پورو هندستان هو . هر پرانت جا ماڻهو اُتي ڪم ڪندڙ هئا . هندستان جي هُڳاوَ کي ماڻڻ جو ، محسوس ڪرڻ جو موقعو مليو . منهنجا ٻه ڀائر پرشوتم ۽ ڪِشن ، ڪي سَوٽ اڳ ئي دُبئيءَ ۾ وسيل هئا . دُبئيءَ ۾ ادبي دوست به حاضر هئا : موتي پرڪاش ، ڪلا پرڪاش ، موهن گيهاڻي، گوپ ڪمل ، گووَرڌن شرما ، شريڪانت صدف وغيره . پنهنجائپ هئي ، ڀائپي هئي پر گهر کان دوريءَ ، گهر جي لاءِ ڇٽڇٽاهٽ پيدا ڪئي ۽ اُها مڻڪُوءَ جي ڪيترين ڪوتائن ۽ غزلن ۾ ظاهر ٿي . نامديو تاراچنداڻيءَ مڻڪُو ڪوتائن لاءِ لکيو ته اُهي گهر کان گهر جي تلاش آهن .ٿيو اِئين جو ڪٿي به ، گهر نسبت حوالو ، ڪوتا يا غزل جي پريرڻا  بڻجي پوڻ لڳو . پريم پرڪاش جي ڪهاڻي سنگرهه ’ويهه‘ ۾  هڪ ڪهاڻي آهي ’چُهنب ۾ ڪک‘، هڪ جوڙي جي ڪهاڻي آهي جو گهر جي تلاش ۾ ڀٽڪي ٿو ، پر گهر ملڻ ڪٿي آسان آهي ! اِن ڪهاڻيءَ ، هڪ غزل جو رديف ڏنو :

چُهنب ۾ ڪکّ ڏسان، گهر لڳندو

ڀت جي پاڇي ۾ وِهان گهر لڳندو

 

’ڪيم ڇو‘ ، ’ڪئسي هو‘ ، ’تون ڪئن آهين‘

ڪنهن به ڌرتيءَ تي ٻُڌان ، گهر لڳندو

گهر کان دوريءَ ، ويڪري سطح تي ، سنڌ کان دوريءَ جي احساس ۾ به اظهار پاتو . مونکي سنڌ جي ڪا يادگيري ڪانهي . ٽن سالن جي ٻار کان اهڙي اُميد ڪري به نٿي سگهجي . پر اُنهن ڪوتائن جي مُول ۾ به پنهنجي اڱڻ کان دوريءَ جي پيڙا ئي سمايل آهي :

تون هُتان هڪ دري کول، مان ڀِت ڀڃان

ختم اِئن قوم ساريءَ جو بنواس ڪر

گهر کان دوريءَ جي احساس کانسواءِ ، دبئيءَ ۾ مونکي سمنڊَ بيحد موهيو . دُبئي ٻِٽي شهر وارو آهي ــ بَر دُبئي ۽ ديرا . هڪ کان ٻئي پاسي وڃڻ لاءِ اَبري ۾ ، يعني ٻيڙيءَ ۾ اچ وڃ ڪرڻي پوندي آهي . ٽيوشن جي سلسلي ۾ مونکي اڪثر ديرا وڃڻو پوندو هو ، سمنڊ  جي نار پار ڪري . سمنڊ نسبت مون وٽ ٻه تضاديه ڀاوَ آهن . ڊپَ جو ۽ اٿاهه عزت جو . ڊپ شايد اِنڪري جو هڪ ڀيرو اَبري  (ٻيڙي) مان لهندي سمنڊ ۾ ڪِري پيو هوس . مونکي ترڻ نه ايندو آهي . سمنڊ ۾ هيٺ وڃي رهيو هوس جو شايد مون پنهنجن پيرن کي زور سان هلايو ۽ ٻانهن مٿي ڪري ڇڏي . ڪنهن همٿ واري اَبري مان لڙڪي منهنجو هٿ پڪڙي ورتو . ٻِيَن هٿُ پَڪڙڻ واري کي سنڀاليو ، ورنه شايد هو به مونسان گڏ سمنڊ ۾ هجي ها ، ڪجهه سيڪنڊن جي ڳالهه هئي . اُنهن سيڪنڊن ۾ جي مونکي ڪنهنجي هٿ جو سهارو نه ملي ها ته شايد اڄ مان هتي نه هجان ها . مون شڪرانه مڃيا ، اَبري وارو ڇوهه ڇنڊيندو رهيو .

صبح ۽ شام ٻئي هُنجا لڳن ،

روز سِج تِلڪ ڪري سمنڊ مٿان

 

ٻارُ ٽهڪن ۾ اچي ڇٽڪي جئن

مِينهُن اهڙو ٿو وسي سمنڊ مٿان

 

مون روايتن جي عزت ڪئي آهي . مونکي لڳندو آهي اسين پنهنجي روايتي ساهتيه کي درگذر نٿا ڪري سگهون ، پر رِوايت پرست ٿيڻ ساهتيه جي واڌ کي روڪڻ ٿيندو . اِن ڪري مون غزل جي رِوايتي فارم کي ته اپنايو ، پر اُنجو مواد ڪونه اپنايو . مون هڏائين پڃري ۾ پنهنجو ماس ڀريو ، پنهنجو رت ڏنو ، اُنکي پنهنجو رُوپ ڏنو ، پنهنجا نِڪور رديف ڏنا ، ۽ غزل کي الڳيت ڏني . اِنجنير ڪونه ٿي سگهيو هوس ، پر مون غزل جي آرڪِيٽيڪچر سان پاڻکي جوڙي رکيو . اُن ئي وهڪري ۾ مون اڳتي هلي رديف جي الڳيت  تي ڀاڙڻ بجاءِ مون  ڪنٽينٽ جي نِـرالپ اختيار ڪئي . اُن حوالي ۾ مون ڌرتيءَ جي توڙي آڪاسي پدارٿن کي پنهنجن جذبن سان جوڙيو :

هيڏو سارو اُڀ ماپيندي

سِج کي به لِـڦون پونديون هونديون

يا

مينهن وسڻ وقت صرف سمنڊ پُسيو

کيت ننڊ ۾ به وِڦلندو ئي رهيو

 

دُبئيءَ ۾ پويان سال بيحد پيڙيندڙ رهيا . اِئين ته سڄو ڪٽنب اُتي هو . پر پوين سالن ۾ جانڪي ٻارن سان ــ نِـيتو ۽ سُنيل سان هتي اچي ويئي هئي . سُنيل ناچاق ٿي پيو . مونکي جانڪيءَ يا ڀائرن ـ ڀڳوان يا ڊاڪٽر هيري ـ ڪجهه نه ٻُڌايو ، متان مان چنتا ڪريان ، هنـنکي شايد اِئين به لڳو ته هروڀرو ڳالهه هٿن مان ويئي ڪانهي . مان اِسڪول ۾ بيحد مشغول هوس . مونکي ڀاءُ ڪشن زور ٻڌو ، ڀائو چڪر هڻي اچو ، ٺيڪ ٿيندو . مان پلين ۾ چڙهي پيس . صبوح جو هاسپيٽل پهتس ته سُنيل جي حالت بگڙي چڪي هئي ، هنکي وينٽيليٽر تي رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ، هو وات ۾ پَوندڙ نليءَ کي بار بار دُور ڪري رهيو هو . مان صرف وائـڙو ٿي ڏسندو رهيس . منهن ۾ وينٽيليٽر جي نَـلي هئڻ ڪري هو پڇاڙيءَ تائين ڳالهائي نه سگهيو . اَسين صر ف هڪ ٻئي کي ڏسندا رهياسين . مون پُٽ جو هِڪُ هِڪُ ساهه ويندي ڏٺو (2003 ) .

پر مون پاڻکي سنڀاليو . ننڍي هوندي اُگريءَ واري جڳهه ۾ مونکي وڇونءَ جا ڪيترائي ڏنگ لڳا هئا . مون اُبتـڙ حالتن ۾ جئڻ سکي ورتو هو ، ننڍي هوندي کان . ڏُک مٿان مون هميشه گلال ڇٽي اُنکي سُک جو ڏيک ڏنوهو . مالي مشڪلاتن وقت ، چَپَ سڻڀا رکيا هئا . ٻاهر اُماس جي هلندي ، مون من ۾ ڏياري رکي .  ٺيڪ پوڻن ٽن مهينن کانپوءِ ، هِتي وئڪيشن  پُوري ڪري ، اسان سڄو ڪٽنب مس دبئي پهتا هئاسين ته ٻئي ڏينهن منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪشن به نه رهيو . هو ڀاءُ پرشوتم سان مارڪيٽ ويو هو ، واپس ئي نه وريو . دُبئي بي رنگ ٿي ويو . اُتي رهڻ تان ارواح کڄي ويو . اِسڪول طرفان نوڪري چالو رکڻ لاءِ زور ڀرڻ جي باوجود مان رٽائرمينٽ وٺي هِتي اچي ويس (2004 ).

هتي اچڻ کانپوءِ پريم پرڪاش ڪيترا مقالا اٽڪائي ڇڏيا ، منهنجي  نه ، نه ڪرڻ جي باوجود . اِنهن ئي ڪيترين ساهتڪ مشغولين جي وچ ۾ ساهتيه اڪادميءَ سان جُڙي ويس (2008 ) . اُتي مونکي لڳو ته سنڌي ساهتيه کي اڪادميءَ وٽان اهڙو گهڻو ڪجهه نه مليو آهي جيڪو اُنکي ملڻ گهربو هو . اڪادميءَ جي پروگرامن جي حوالي ۾  مان ڏاڍو اَگريسِو (aggressive) ٿي پيس . ڌيري ڌيري سڀني محسوس ڪيو ته ساهتيه اڪادمي صرف اِنعام ڏيندڙ ڪا سنسٿا ڪانهي ، بلڪ ڪيترائي ساهتڪ پروگرام ڪندڙ هڪ مُـتحرڪ ادبي باڊي آهي . مونکي ڪافي ڪم ڪرڻو پوندو هو ، پر مونکي هميشه لڳو آهي ته آلس وڏي ٿڪاوٽ هوندي آهي . ڪوري ذهانت ، انٽيليجنس ، مونکي سدا آلسيءَ جو گِره اُديوگ cottage) Industry) لڳو آهي . پنهنجي ٻوليءَ لاءِ مون وٽ ڪيترا سُپنا آهن . مونکي لڳندو آهي ته سنڌيءَ ۾ گلوبل سطح جو ساهت رچيو ٿو وڃي پر اُنکي گهربل مڃتا نه ملي رهي آهي جو سنڌي ساهتيه ترجمي ۾ نه جهڙو آيو آهي . ساهتيه اَڪادمي اِن طرف سجاڳ ٿي آهي ، سٺي ڳالهه آهي . پريم پرڪاش به خوب ڪوشش ڪري رهيو آهي ، ڪجهه اهم ضرور ٿيندو . مونکي ڪوتا ، سُپنو ۽ ٻج هڪ جهڙا لڳندا آهن . ٽيئي شيون واڌ طرف لاڙو رکندڙ آهن ، واڌ جي ڪا حد ڪانه هوندي آهي،  ٻج وڌي آڪاش طرف وڌندو ويندو آهي . ڪوتا ۽ سُپنو به اِئين ئي آهن ، ضرورت صرف اِها هوندي آهي ته ٻئي حقيقت جي ڌرتي نه وسارين ، پاڙون ته ڌرتيءَ ۾ ئي هئڻ کپن . هڪ ننڍڙي ڪوتا آهي :

مونکي ٻوليون وڻنديون آهن

پر ٽن کي پيار ڪندو آهيان

انگريزيءَ کي

مونکي روزگار ڏيندي آهي

هنديءَ کي

مونکي ديش سان جوڙيندي آهي

سنڌيءَ کي

مونکي سُپنا ڏيندي آهي

ساهتيه اڪادميءَ جي پروگرامن جي سلسلي ۾ ، ڪيترن ئي شهرن ۾ وڃڻو پوندو هو . هندستان جي چئني طرفن ۾ وڃڻ جو موقعو مليو . پراڻي عادت مطابق هر نئين شهر ۾  ، اُتي جي لوڪن جون رِيتيون رسمون ، وشواس ، عقيدا ڄاڻڻ جي جِڳياسا  رهندي هئي . مان چئي چڪو آهيان ته اِنڊين هاءِ اسڪول ۾ هندستان جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان فرد هوندا هئا . اُنهن سان گهاريل ڪيترا احساس ساڻ هئا . هڪ پوائنٽ تي پهچي اِئين لڳو ته منهنجي اندر ۾  ڪيترن ئي انڀون جو انبار آهي جيڪو ٺيڪ اِن طرح ساهه کڻي رهيو آهي جئن ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار ساهه کڻندو آهي .  سال سوا ۾ ’چيڪ بوڪ‘ ڪهاڻي سنگرهه شايع ٿي ويو . ڪهاڻين جي اُڻت ۾ مون ڪوتا وارو انداز اپنايو . مون ڪا به ڪهاڻي ٺهي جڙي ويهي ڪانه لکي آهي ، فلاڻي کي ٻه پٽ آهن ، اُنهن جا نالا فلاڻا فلاڻا آهن ، ڪڏهن ڪونه لکيو آهي . نالا ، رِشتا ، ٻيا ضروري تـفصيل ڌيري ڌيري ، خود بخود مخصوص اُڻت ذريعي هر ڪهاڻيءَ ۾ ظاهر ٿيندا وڃن ٿا . نه صرف ايترو ، مون گفتگو ۾ ڪٿي به واڪ جون نشانيون ڪونه ڏنيون آهن ، نه “هُن چيو ، هِن چيو” ئي ڪٿي لکيو آهي ، گـفتگو ڪٿي ڪٿي پئراگرافن جي وچ ۾ به اچي ٿي . اُتي به اهڙي قسم جو ڪو بيان ڪونهي ، مواد جي گهڙت جي آڌار تي ، ڊائلاگن جي مَرم مُطابق پاٺڪ ڪهڙو جملو ڪهڙي ڪِردار چيو آهي ، بخوبي سمجهي ٿو وٺي . ڪهاڻين مان ، هندستان جون ڪيتريون سنسڪرتيون ليئا پائين ٿيون .

منهنجو ساهت طرف سمرپڻ  (dedication)ٽوٽل آهي ، هڪ سولجر جيان 100 پرسينٽ ، سمرپڻ اُنکان گهٽ سمرپڻ سڏجندو به ڪونه . ڪنهن به رچنا طرف مان  اهڙي ڀاونا سان ويندو آهيان جئن ڪوئي مندر ۾ ويندو آهي . ساهت رچڻ مونکي دل ، دماغ ، آتما جي ياترا لڳندي آهي . هونئن به منهنجيون اڪثر رچنائون  ٽيبل ڪرسيءَ تي نه ، بلڪ مسافريون ڪندي ، ڪٿي اچ وڃ ڪندي جنم وٺنديون آهن . رچنا ڪرم ۾ مونکي ڀڳوان وڏو رچناڪار لڳندو آهي . پوپٽ جهڙي هڪ ننڍڙي جيوَ ۾ جيڪا سندرتا آهي ــ اُنجي پَرن جي ڦـڙڦـڙاهٽ ، پَرن جا رنگ ، اُنجي چَنچلتا ، گلن مان رس وٺڻ جو عمل ، سڀ خوبصورت هوندو آهي . ڀڳوان  هڪ ڀيرو سِرشٽي ٺاهي اُنکي ڀلجي ويو آهي ، هن   قدرتي وستن کي جيڪا ريسائڪلنگ جي خوبي ڏني آهي ، سا اَربين سالن کان هلي پيئي ، پن ڇڻن ٿا ، وري پيدا ٿي وڃن ٿا . ڀلي ڀڳوان جون به اسانکي ڪيتريون ئي ڪَميون نظر اچن . پر ڀُـلون ڪرڻ جو پنهنجو آنند هوندو آهي . منهنجي ڪَمپِيٽيشن سِڌي ڀڳوان سان آهي . پنهنجا ڀاوَ برف تي اُڪيرڻ کان پٿر تي تراشي سگهيس ته به لڳندو ، ته ڪجهه رچي ورتو .  اُڀ جو اُجالو سَجيو (live)، بَلب جي روشني نِـرجيو لڳندي آهي .  منهنجي ڪوشش کوهه جي تَري ۾ نظر ايندڙ اُس بالٽيءَ ۾ ڀرڻ جي رهندي . اڃا ته ڪيتريون رچنائون رچڻيون آهن ، اڃا ته ڪيترا بادل اڻ وَسيل آهن .

23.02.2014

(ساهتيه اڪادميءَ ۽ رنگ ڪرم ٿيئـٽر ، طرفان 23 فيبروري ،2014 تي احمدآباد ۾ ٿيل ’مِيٽ د آٿر‘ پروگرام ۾ پيش ڪيل) بشڪريه ساهتيه اڪادمي ، نئين دهلي

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ زنده جاويد فلم اکين سامهون هئي!:ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

يونيورسل اسٽوڊيو، هالي ووڊ سمورو ئي هڪ پهاڙي نما سرزمين تي ڏاڍي وسيع ايراضيءَ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے