18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

راجڪپور ايمانداريءَ وارو سونو ميڊل به وڪڻي ڇڏيو!ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

جمع 10-سيپٽمبر 2010ع تي صبح جو لائبريريءَ ۾ اخبارون پئي پڙهيم، ته هڪ اهم خبر ڏانهن ڌيان ويو؛ جنهن موجب هندوستان ۽ جاپان هڪ ڏينهن اڳ دهليءَ ۾ ڪيل ڳالهين موجب ‘Economic Partnership Agreement’ (EPA) معاهدي لاءِ راضي ٿيا هئا. اهو عهدنامو ايندڙ مهيني طئه ٿيڻو هئو، جڏهن من موهن سنگهه اتي جاپان ڏانهن سرڪاري دوري تي وڃڻو هئو.

آءٌ ڪلاس روم ۾ پهتس ته توميو ميزوڪامي پنهنجو شايع ڪرايل ڪتاب ’هندي فلمون ڪي مشهور گيت‘ کڻي آيو هئو. 362 صفحات تي مبني ان ڪتاب ۾ 310 هندوستاني گيت ڏنل هئا؛ جن جي جاپاني ٻوليءَ ۾ تشريح به ڏنل هئي. آرٽ پيپر تي ڪلر پرنٽنگ ۾ گيت سان وابسته رنگين فوٽو گرافس ڏسي دل خوش پئي ٿي، ته هڪ جاپاني پروفيسر ڪيئن هندوستاني ڪلچر کان متاثر ٿيندي هندي فلمي گيتن جو ڪتاب شايع ڪرايو هئو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ميزوڪاميءَ جي ان ڪتاب جو مهاڳ، هندوستان جي سابق وزيراعظم اٽل بهاري واجپيئيءَ لکڻ فرمايو هئو؛جيڪا پنهنجي پر ۾ هڪ وڏي ڳالهه هئي. هن جي واجپيئيءَ سان ويجهڙائي به 2001ع کان هئي، جڏهن وزيراعظم اٽل بهاري واجپيئي جاپان دوري تي ويل هئو. ان مهل ميزوڪاميءَ هڪ سوترڌار جو ڪردار نڀائيندي پنهنجي ڊئريڪشن ۾ واجپيئي جي سامهون جاپاني شاگردن کان هڪ هندي ڊرامو ڪرايو هئو.

ان ڏينهن جي شيڊول ۾ اوساڪا يونيورسٽيءَ جي مراٺي ليڪچرر، ميڊم چهيرو ڪوئسو پنهنجي ليڪچر لاءِ باقائده پاور پوائنٽ پروگرام ٺاهي آئي هئي. هن ’بمبئي. وي.ٽي‘ ريلوي اسٽيشن جي ٻاهرئين نظاري کان شروع ڪندي سورهين-سترهين صديءَ کان موجوده دور تائين باقائده هندوستان جي تاريخ ٻڌائڻ شروع ڪئي. هن پنهنجي هندوستان وارن دورن جو ذڪر ڪندي خاص طور ممبئيءَ لاءِ چيو ته اتي پهچندي ئي کيس هڪ عجيب خوشبوءِ (Fragrance)محسوس ٿيندي آهي. اتان جي هوائن ، فضائن ، ماحول ۽ ڪاسما پوليٽن ماحول جي مختلف ٻولين، مختلف ڌرمن ۽ مختلف جاتين ۾ هن کي هڪ عجيب وڻندڙ دنيا نظر ايندي آهي!

هن ممبئيءَ جي ماڻهن جو ذڪر ڪندي سنڌين جي اهميت پڻ بيان ڪيئي؛ جن جي ملاقات مان کيس هڪ قسم جي روحاني تسڪين ملندي هئي. هوءَ اهو سڀ ڪجهه ٻڌائيندي وزيوئل طور سلائيڊس پڻ هلائي رهي هئي. هن ان وچ ۾ راج ڪپور جي فلم ’شري 420‘ جو به ڪجهه شروعاتي حصو فُل اسڪرين تي هلائي ڏيکاريو؛ جنهن ۾ راجڪپور هڪ ٻاهرئين روڊ تي بمبئيءَ جي مفاصلي وارو پٿر ڏسي چوي ٿو’ بمبئي 240‘ٰ هوُ پوءِ ’ميرا جوتا هئه جاپاني‘ گيت چوندي بمبئيءَ پهچي تعليمي ميدان ۾ حاصل ڪيل ايمانداري وارو سونو ميڊل به وڪڻڻ لاءِ هڪ ڪٻاڙيءَ جي دوڪان تي وڃي ٿو!

هن هندوستان جي عام ماڻهن جي اها بيڪسي ڏيکاريندي ائين پئي محسوس ڪرائڻ چاهيو، ته اهو ڏک صرف راجڪپور واري ڪردار جو نه پر خود ميڊم چهيرو ڪوئسو جو آهي! هن ليڪچر ڏيندي هندوستان لاءِ پنهنجي بي پناه عقيدت جو ذڪر پئي ڪيو. هن جو اهو ليڪچر ڀل جاپاني ٻوليءَ ۾ ٿيندو رهيو؛ پر منهنجي ڀر ۾ ويٺل ڀاءُ توميو ميزوڪامي اُتي جو اُتي ئي مونکي هندي ترجمو ڪندو ٻڌائيندو پئي رهيو.

ميڊم چهيرو ڪوئسو جي ليڪچر ۾ ٽي بريڪ ملي ته هوءَ مون سان بمبئيءَ جي موضوع تي ڳالهائيندي رهي. ان دوران سائين الطاف شيخ صاحب جو نياڻو، ادا مشتاق ميمڻ ڪلاس روم ۾ داخل ٿيو. هن اچڻ سان ئي مون سان ڀاڪر پائيندي سونهاري سنڌ جي اجرڪ ۽ هڪ پين ڊرائيو سوکڙي ڏني، جنهن ۾ ’شاه جو رسالو‘ سميت هڪ هزار کن سنڌي ڪتاب Scan ٿيل هئا. آءٌ انهن محبت ڀريل شين کي ساه سان سانڍيندي سندس ٿورا بجا آندا. هن ماميا صاحب لاءِ شاه سائينءَ جو هڪ فريم ڪيل شعر ۽ ساڳي پين ڊرائيور پڻ آندي هئي؛ جيڪا وٺندي ڀاءُ ماميا صاحب پڻ خوش ٿي ويو.

ٻيهر ميڊم چهيرو ڪوئسو جو ليڪچر شروع ٿيو ته ادا مشتاق به منهنجي ڀر ۾ ويهي  ٻڌڻ لڳو، مشتاق، پيٽارو ڪاليج مان ’سول انجنيئرنگ‘ ڪرڻ کانپوءِ بريڊ فورڊ (انگلنڊ) مان ‘Project Material of Development Studies’ ۾ ماسٽرس ڪيئي هئي. ان بعد هن هيرو شما يونيورسٽي مانEnvironmental Economics ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي هئي. پوءِ ته هو اوساڪا ۾ ئي اقوام متحده جي هڪ پروجڪيٽ لاءِ سروس ڪري رهيو هئو.

ليڪچر پورو ٿيڻ کانپوءِ پهرين ته ماميا صاحب شاگردن جي مدد سان وري ٻيهر پنهنجو سمورو سامان ان لينگئيج ليباريٽري مان ڪڍي پراڻي ڪلاس روم ۾ شفٽ ڪيو؛ جو هاڻ سومر کان ان ئي ڪلاس روم ۾ اسان جا ليڪچر هلڻا هئا.

پوءِ اسين ٽيئي ڄڻا ماميا ڪينساڪوُ، ادا مشتاق ميمڻ ۽ مان ٽن شاگردن؛ ننوميا آياڪو، سايومي هيروڪاوا ۽ ستو يوتا سان گڏ ’اشي باشي‘ اسٽيشن جي اوڀر پاسي واري روڊ تان ’هانجو‘ واري بس نمبر 92 پڪڙي ‘Onohare Higashi Mino City’ واري علائقي ۾ آياسين. اُتي هڪ مال مان ماميا صاحب ڪجهه فروٽ خريد ڪيو ۽ اسان سڀني کي ڀرسان ئي پهاڙي نما گهٽيءَ ۾ اڳتي وٺي هلي پنهنجي اردو ڊپارٽمينٽ جي پاڪستاني وزيٽنگ پروفيسر ڊاڪٽر انوار احمد جي گهر وٺي هليو.

ڊاڪٽر انوار احمد، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي اسان سڀني لاءِ دعوت ڪيئي هئي. اسين پهتاسين ته اتي اردو شعبي جو پروفيسر سو ياماني اڳواٽ ئي اچي چڪو هئو ۽ ان سان گڏوگڏ ساڳئي شعبي جون ٻه شاگردياڻيون؛ ساياڪو اَمي ياما ۽ ڪجهه ٻيا به اردوءَ جا شاگرد موجود هئا.

جناب انوار احمد ۽ پروفيسر سو-ياماني بيحد سڪ ۽ پاٻوه منجهان مليا. ائين پئي لڳو ڄڻ اسين جهونا ساٿي هوندي ۽ گهڻي وقت کان ڪونه مليا هجون. ان لاءِ اڄ اسين هڪٻئي مٿان بي پناه پيار نڇاور ڪري رهيا هيون. جيتوڻيڪ ماميا صاحب به سنڌي ۽ اردو اچارن جو خاص خيال ڪندو آهي ۽ ڪوشش ڪري صحيح تلفظ ڪم آڻيندو آهي، پر ڪٿي ڪٿي هن جي غير-سنڌي هئڻ جو احساس ٿيندو ئي آهي! پر ابا! سو يا ماني ته اهڙي ادبي اردو ڳالهائي رهيوهئو ۽ اچار به اهڙا صاف ۽ شڌ، جو خود ڪراچيءَ جا اردودان حضرات به شايد ايڏي صاف اردو ڪونه ڳالهائيندا هجن! جيڪڏهن اکيون بند ڪري سو ياماني جياردو ٻڌبي ته ذره به احساس ڪونه ٿيندو ته ڪو غير اردو دان شخص ڳالهائي رهيو آهي!

انوار احمد پهرين ڪجهه ڪولڊ ڊرنڪ ڏيڻ کانپوءِ ماني کائڻ لاءِ چيو، جو اها اڳواٽ ئي گرم گرم تيار پيئي هئي. هن مون لاءِ ٻين سبزين سان گڏ خاص طور ڀينڊيون به ٺاهرايون هيون؛ جنهن سان گڏ وڏا وڏا جاپاني بيهه، پٽاٽا ۽ ڇولا پڻ هئا. سڀاويڪ نان ويج ائٽم ته هئا ئي هئا! مون ڪجهه پُلاءُ کڻي ٽيسٽ ڪيو ته لاڙڪاڻه جي دوستن جون دعوتون ياد اچي ويون! مون انوار احمد سان اهڙو ذڪر به ڪيو ته هن ڄڻ مون کي سالن کانپوءِ اباڻي سرزمين لاڙڪاڻه پهچائي ڇڏيو هجي!

مانيءَ کانپوءِ وڌيڪ موج ڪچهرين ڪندي آئي؛ جڏهن اسين انڊو-پاڪ حالات، جاپان ۽ ڪجهه ٻين دنياوي ڳالهين سان گڏوگڏ برصغير بابت  پڻ ڳالهايوسين. سڀ هڪٻئي کي بي پناه عزت ڏيئي رهيا هئا. ادا مشتاق، انوار احمد ۽ مون ئي وڌيڪ پئي ڳالهايو. جڏهن ته سو ياماني انتهائي فلسفيانه نموني روشني وجهندي جاپاني ۽ ايشيائي ماڻهن جي فطرت بابت اهڙي ته مهذب اردوءَ ۾ ڳالهائي رهيو هئو جو لطف پئي آيو. ميڊم چهيرو ۽ ماميا ڪجهه گهٽ ڳالهائي رهيا هئا؛ جيتوڻيڪ خبر انهن کي به سڀ هئي پر شايد فطرت مومن هنن گهٽ ڳالهايو هجي!

آهسته آهسته محفل برخواست ٿيڻ لڳي. ننوميا کي ڪيوٽو وڃڻوهئو. ميڊم چهيرو ڪوسُو به موڪلايو. ادا مشتاق ميمڻ، ستو يوُتا ۽ سو ياماني کي اوساڪا وڃڻو هئو ته اهي به الڳ ٿي ويا. اسان جو بس اسٽاپ ڪجهه پنڌ تي هئو ته رستي تي سايومي هيرو ڪاوا، اردو شاگردياڻي ساياڪوامي ياما ۽ هڪ ٻي به اردو شاگردياڻي مون سان ڳالهيون ڪندا هليا؛ جڏهن ته پاڪستان جي پنجاب مان اردوءَ ۾ پي ايڇ.ڊي. ڪندڙ ظفر حسين وري ماميا صاحب سان ڪچهري ڪندو هليو. ظفر حسين، سوياماني کي سپروائيزر بڻائيندي اها ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيو هئو ۽ کيس ملتان يونيورسٽي طرفان اها ڊاڪٽوريٽ ڪندي ڇهن مهينن لاءِ ڇهه لک ين ۽ ايئر ٽڪيٽ پڻ ڏني ويئي هئي. مون فطر حسين کي اڃا هڪ ڏينهن پڻ ڏني ويئي هئلي. مون ظفر حسين کي اڃا هڪ ڏينهن اڳ ئي لائبريري ۾ اخبارون پڙهندي ڏٺو هئو پر تڏهن اسان پاڻ ۾ ڳالهايو ڪونه هئوسين.

11-سيپٽمبر، ڇنڇر جي ڏينهن صبح جو جلد ئي جاڳ ٿي. اُتي روز صبح جو 5:30 بجي ئي سج اڀري ايندو هئو. هينئر به سج اڀرڻ وارو ئي هئو. ڀيني ڀيني روشني ۽ ٿڌيون هوائون پئي لڳيون. آءٌ بالڪنيءَ ۾ اچي بيٺس ته سامهون پلي گرائونڊ تي اڳواٽ ئي ڪيترا ڇوڪرا ڇوڪريون ڪسرت ڪرڻ لاءِ پهچي ويا هئا.

اڄ اسان کي رڪارڊنگ ڪرڻي هئي ته آءٌ ٽائيم سان تيار ٿي وقت کان ڏه منٽ اڳ 8:50 بجي ئي ’اشي باشي‘ اسٽيشن تي پهچي ويس. ماميا پوري 9:00 بجي اندران پليٽ فارم تان اشارو ڪيو ته آءٌ به ڪارڊ پنچ ڪري اندر هليو ويس. ’ منامي موري ماچي‘ اسٽيشن تي لهي پهرين ‘Fed Ex’ اسٽيشنري جي دوڪان تي وياسين.. وڏو شاهي شو روم، الائي ڪيتريون مختلف قسمن جون مشينون رکيل هيون. اُتي گراهڪ کي پاڻ ئي اندر وڃي پنهنجي ضرورت واري مشين مان پاڻ کي فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون ڪڍي ڪم ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪائونٽر تي اچي ان جو بل ڀرڻو آهي.

پوءِ ته اسين ڀر واري گهٽيءَ ۾ 9:50 بجي ئي ‘ABA Audio Studio’ ۾ پهچي وياسين. اندر داخل ٿيندي اسين پاڻ لاءِ مخصوص اسٽوڊيو جو دروازو ئي مس کوليو ته ٻيئي سائونڊ رڪارڊسٽ صاحبان اڳ ئي اتي اچي چڪا هئا. ماميا صاحب ائين پئي سمجهيو ته ان ڏينهن لاءِ رڪارڊنگ جو جهجهو ئي مواد هئو ۽ ڪافي وقت لڳي ويندو! پر هڪ دفعو رڪارڊنگ شروع ٿي ته ان ڏينهن اڳ کان به وڌيڪ اسپيڊ سان ڪم ڪندا رهياسين. ان ڏينهن آواز جي ڪوالٽي به وڌيڪ بهتر پئي لڳي!

12:00 بجي تائين 85% ڪم پورو ڪري چڪا هئاسين. ان مهل اتي جاپان ۾ لنچ ٽائيم ٿيندو آهي؛ پر مون صلاح ڏني ته صرف اڌ ڪلاڪ ٻيو به ڪم جاري رکون، ته سمورو ڪم نڪري ويندو. ان لاءِ رڪارڊنگ ڪندا ئي رهياسين. پر پويان صفحات جيئن ته ڪجهه وڌيڪ ڀاري ٿي پوندا آهن؛ ان لاءِ ساڍي ٻارهين بجي بدران منو هڪ ٿيو هئو، جو مون سموري رڪارڊنگ ڪرائي پوري ڪيئي. هاڻ وري سائونڊ رڪارڊسٽ جو ويچار هئو ته لنچ کانپوءِ رڪارڊنگ ٻڌي ڏسجي، جيڪڏهن ڪٿي ضرورت هجي ته اتي پيچ ورڪ ڪندي ٻيهر رڪارڊنگ ڪجي!

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے