21 اتوار , جنوری 2018

ڪهت ڪبير سوئي اندر، سوئي ٻاهر ، سوئي هرجا وسي….!!:نوراحمد جنجهي

ڪبير ڀڳت پنهنجي شاعري توڙي ڪردار وسيلي جيڪا تعليم آڇي آهي تنهن ۾ اندر اُجارڻ جو ڏاهپ ڀريو ڏس آهي. هو پريم رس جو پرچارڪ آهي. هو ڀڳتي جي ڀيد بابت ڳالهائي ٿو. هو ”شبد “ ڳولڻ جي ڳالهه ڳائي ٿو. هو سچ جي ڳالهين کي امرت رس طور آڇي ٿو. هو ”شونيه “ يعني سُڃ جي ڳالهه به ڪري ٿو. شونيه کي ليکي چوکي جي اُستادن ٻُڙي به ڪوٺيو آهي. ڪبير ڪافي ڳالهيون سنيون سڌيون ڪري ٿو ته ڳچ ڳالهيون اُهڃاڻي انداز ۾ به ڪري ٿو. سندس ڳالهه جو انداز سادو سودو آهي جنهن کي عام ماڻهو به سمجهڻ گهري ته ٿورو گهڻو غورڪري  پروڙي سگهي ٿو. انسان جو ذهن جو سرشتو تمام گهڻو ڳوڙهو ۽ پُپيچ آهي. دماغ ، دماغ جي مختلف ڀاڱن بابت حياتياتي لحاظ کان به اڃا تحقيق ٿي رهي آهي جيڪا تمام گهڻي دلچسپ آهي. ان سان گڏوگڏ رويئي جي سائنس توڙي علم جي ٻين شاخن جيڪا تحقيق ٿي رهي آهي تنهن سان به انساني ذهن جون انيڪ رمزون نروار ٿين ٿيون. انساني ذهن ڪيئن شين بابت سوچي ٿو ، ڪيئن خيال اُپجي ٿو، ڪيئن خيال نظريئي جي صورت اختيار ڪري ٿو، ڪيئن انساني ذهن مائل ۽ قائل ٿئي ٿو؟ اهي سمورا نُڪتا هرزماني جا ڳوڙها نڪتا رهيا آهن ۽ ساڃهه وند ماڻهن  زماني جي عبارت ۾ پنهنجا رڱ ڀرڻ  لا سدائين انهن ڳالهين کي نظر۾ رکي پنهنجي خيال جي خدائيءَ کي کيڙيو آهي.اهي ڳالهيون جيڪي عام سوچ جي دائري کان مٿي آهن تن ڳالهين کي سدائين اهڙو نالو ڏيئي مطلب ڪڍيو ويو آهي جنهن کي عام ذهن قبول ڪري. ڪائنات جو سمورو وايومنڊل رٿيل آهي يا رٿايل آهي. فطرت سمورين سرگرمين کي پنهنجي وسيع هنج سان ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجي دائري ۾ رکي ٿي.قسمت ، نصيب توڙي ڀاڳ به انسان جي اڄاڻائي جو نالو آهن باقي شين جو هئڻ ڪائنات جي سٽاءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهي. انسان جو تخليقي تصور به انهي پنڌ ۾ ڪٿي ٻرانگهون ڀري ٿو ته ڪٿي هرڻ ڇالون ڏئي ٿو. خيال جي خيال جي بيخبري انسان کي خبرجي خول ڏانهن وٺي هلي ٿي. شيون عدم مان وجود پذير ٿين ٿيون ، پنهنجو ڪارج ادا ڪري موٽي معدوم ٿين ٿيون. اهڙي طرح فطرت جي چڪرداري قائم مقيم ۽ دوامي دائم آهي.

ڪبير ڀڳت پنهنجي شاعريءَ وسيلي عشق جو سنيهو ڏئي ٿو .هو پريم رس پيئڻ جي ڳالهه ڳرهيندي ، ماڻهوءَ کي انهي اگم تصورڏانهن راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.هو چوي ٿو ته  جڏهن  انسان پريم پيالي کان پري ڀڄي ٿو ته پوءِ وڃي وهه  وٽيءَ جي زهريلي  ڪس جي حوالي ٿئي ٿو ۽ زندگيءَ جهڙي املهه ٿوڪ کي نه ڄاڻ ڪهڙين شين جي حوالي ڪري ٿو. ڪبيرچوي ٿو؛

پي لي پيالا، هو متوالا،

پيالا نام امي رس کا،

کهين کبير سُنو بهائي سادهو

نکهه سکهه پور رها وش کاري

پيالو پي متوالوٿي جو هن پيالي ۾ امرت  رس (امي رس) ڀريل آهي. ڪبير چوي ٿو اي ساڌو ڀائرو ٻُڌو  توهين ننهن کان چوٽيءَ تائين پنهنجووجود زهر تائين ڀري رهيا آهيو. پريم پيالو اهڙو پيالو آهي جنهن سان انساني صلاحيتون اُپجن ٿيون.انسان جو جوهراهڙو ڳجهو جوهرآهي جنهن جو اظهار ارتقا جا ڏاڪا چڙهندي ، اڄ تائين اُسرندڙ آهي.انسان پنهنجو پاڻ کي گهٽ ڏسي ٿو پر ٻين کي وڌيڪ ڏسي ٿو ، تنهنڪري سندس ڳالهين جو لاڙو ٻين ڏانهن وڌيڪ آهي. پنهنجو جائزو گهٽ وٺي ٿو پرٻين جو تجزيو ڪري ٿو. جڳ سڄي جي لقائن ۾ جهاتي پائي ٿو پرپنهنجي اندر ۾  نيڻ نائي نهاري نٿو.اهو سلسلو صدين کان هلندو اچي ٿو. ڌڪا ٺيلها کائي ٿورو گهڻو انسان جيڪي سکيو آهي ان کي ڏاهپ چيو وڃي ٿو . جيتوڻيڪ ان وڏو حصو چالاڪيءَ جو آهي. چالاڪي ۽ ڏاهپ ٻه الڳ شيون آهن. چالاڪي مفادن ڀري، منافي خور آهي تنهنڪري ان ۾ انسان دوستيءَ جي گهٽ گنجائش آهي. ڏاهپ جو بنياد ئي انسانيت آهي. ڏاهپ سمورين شين کي انساني ڀلي لاءِ ڪتب آڻڻ جو ڪارج رکي ٿي. انسان کي پنهنجو تجزيو ڪري تزڪيو ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ ڪبير فرمائي ٿو؛

کهسم نه چينهي باوري، کا کرت بڙائي

باتن لگن نه هوئين گي، چهوڙو چترائي،

ساکهي شبد سنديش پڙهه مت  بهولو بهائي

سار پريم کچهه اورهي، کهوجا سو پائي

پنهنجي کوٽ يا اوڻائي (کُسم) ڏسڻ کانسواءِ اجائي وڏائي جي دعوى هلي رهي آهي. ڳالهين مان ڪم نه هلندو. ڳالهيون ڪندي محبوب نه ملندو. رڳو لفظ پڙهي اهو نه سمجهه ته  تو ”ٻول سنيهو (شبد سنديش)“ به ٻُڌو آهي. اها ڳالهه لفظن کان ڪجهه اڳڀري آهي. عشق جي يادگيري (سار پريم) ڪا ٻي ڳالهه آهي. لوچيندڙ ئي ان ڳالهه کي لهي سگهندا آهن. سار پريم جي اها ڳوڙهي ڳالهه ڪوڙين ڪتابن کان پرانهين آهي. رومي سائين به انهي خيال جوآهي ”ته سوين ڪتاب ۽ ڪاغذ چُلهه حوالي ڪجن رڳو دل جي نگاهه پرينءَ جي پار ڏانهن ڪجي“ ته ڀٽائي به ساڳي نڪتي کي نروار ڪندي ”ڪاڳر ڪور۽ مس وڃائڻ “ کان جهليندي فرمايو آهي؛

ڪوهه ٿو ڪاڳر ڪوريين ، ويٺو وڃائين مس،

ڏور تئائين ڏس، جيائين اکر جُڙيا

ڏس ڏورڻ جي ڳوڙهي ۽ ڳنڀير ڳالهه زمانن جو ضمير آهي. هرزمانو ان ڏورڻ ۽ لوچڻ جي شاهدي ڏئي ٿو. ڪتابي علم  يا ٻي دستاويزبندي انساني سفرجي تمام ٿوري حصي کي ظاهرڪري ٿي. باقي سچ جي سنيهي جو شبد اگم خيال آهي جنهن لوچي لهي سگهجي ٿو. اهڙي لوچڻ لاءِ ڪبير جنهن پنٿ جو ڏس ڏئي ٿو اهو ڀڳتيءَ جو پنٿ آهي جنهن تي ساڌ و لوڪ ئي ثابت قدم رهي سگهن ٿا تنهنڪري هو ”ساڌ ڪهاوڻ “ کي ”ڪٺن “ ڪوٺي ٿو. حق جي واٽ سُئيءَ کان سنهي آهي جيڪا ”چاهه “ ۽ ”اچاهه “ کان ڏور آهي. ڍول انهن جي ڍار هوندو آهي جيڪي هيٺاهيون هلنديون آهن. ساڌو انهي نوڙت جي نينهن ۾ سدائين سرشار رهندو آهي.پريم رس جي راڳ ۾ محبت ايئن رچيل آهي جيئن مڇي پاڻيءَ ۾ رهي ٿي. اهو عشق انسان کان سائين جي خدمت ۾ سر ڏيڻ جي عادت وجهي ٿو. قربانيءَ ۽ صبرکان وڌيڪ انسان وٽ ٻيو آڇڻ لاءِ  ڪجهه به املهه ڪانهي. ڪبيرچوي ٿو ته هن ڀڳتيَ مت ٻُڌائي  آهي .هو اظهاري ٿو؛

بهکت کا مارگ جهينا ري

اچاه نهين چاهنا، چرنن لو لينا ري

سادهن کي رس دهار مين، رهي نس دن بهينا ري

راگ مين سُرت ايسي بسي، جيسي جل مينا ري

سائين سيون مين ديت سر، کچهه بلم نه کينا ري

کهين کبير مت بهکتي کا، پرگٽ کردينا ري

انسان جي سموري ڀڳتي يا ته صبرجي شمشيرسان وڙهي ٿي يا قربانيءَ جي قدم سان اڳتي وڌي ٿي.باقي شيون ان جي دائري ۾ اچن ٿيون.قرباني انساني تاريخ جي وڏي ۾ وڏي حڪمت عملي رهندي آئي آهي. مذهب، سماجيات، سياست سڀئي قربانيءَ جي ڳالهه ڪن ٿا. قربانيءَ جي قبول پوڻ بابت به نيارو فلسفو آهي جيڪو انساني گمانن ۽ انداز تي ايئن ٻڌل آهي جيئن خود سائنس به اندازي مان اُپجي ٿي، مشاهدي مان لنگهي ، تجربي جي ڪسوٽيءَ مان پرکجڻ کان پوءِ به بدلجڻ جي گمان سامهون سدائين تبديلي ٿيڻ لاءِ تيار رهي ٿي.قرباني جي ڪشتيءَ ۾ چڙهي انسان سدائين سيرمان به اُڪري پار پيو آهي. ڀڳتي به قرباني سيکاري ٿي. سچا ساڌ سوچ جي عام جوڙجڪي ڍانچي کان اڳتي وڌي سوچين ٿا. سچا ساڌ اهڙو نظارو ڪرائين ٿا جيڪو عام اکين کي نظرنٿو اچي. شاه ڪريم  به ”گاڏهان ڪن “ ڏيئي اندر جي ڪنن سان ”سُپرينءَ“ جي ڳالهه سُڻڻ جي صلاح ڏيندي فرمايو آهي؛

هي ڪن گاڏهان وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنهيج

سندي سُپريان ڳالهڙي، تني سين سُڻيج

ڪبير جنهن ساڌ يا ڀڳت جي ڳالهه ڪري ٿو اهو نيارو ڀڳت آهي، جيڪو ظاهري ڳالهين کان اڳتي وڌي ، سهج سماڌي سيکاري ٿو. هو دروازا ٻوٽي اندر نٿو ويهي. ساه روڪڻ وارو يوگ به نٿو  ڪري. دنيا کي ترڪ ڪرڻ جوڏس ڏئي ٿو. من جڏهن ان پد تي پهچي ٿو تڏهن ئي کيس ڪجهه حاصل ٿئي ٿو.اهڙو گرو جيڪو رستو ڏيکاري ٿو تنهن ۾ عمل ڪرڻ کانپوءِ به انسان نتيجي کان بيپرواهه رهي ٿو.ان ماڳ وٽ لذت ئي لذت آهي، راحت ئي راحت آهي. تن بدن ۾ ڪائي تاس نه آهي. دنيا جي نعمتن جو ڀوڳ  پائي ٿو ته ان ڀوڳ ۾ جوڳ به ماڻي ٿو. ڌرتيءَ تي ، پاڻيءَ ۾، آسمان ۾ ، هوا جي هير ۾ هرجا ان مالڪ کي هڪيو ، حاضرناظر ڄاڻي ٿو. هو سُڃ (شونيه ) جي سکر ڏونگر تي پنهنجو ”اچل آسڻ“ ڄمائي ٿو. هو ان ماڳ مقام تي ايئن ثابت قدم ٿي بيهي ٿو جو ڪا به لهر کيس لوڏي نٿي. هو ٻاهر به اهو ڪجهه ڏسي ٿو جيڪو اندر آهي. کيس ٻيو ڪجهه به نظر نٿو اچي. ڪبيرواڻيءَ هن ريت اظهاري ٿي:

بهائي ، کوئي ست گرو سنت کهاوي

نينن الکهه لکهاوي ،

پران پوجيه کريائي نيارا، سهج سمادهه سکهاوي

دوارنه روندهي پون نه روکي، نهين ڀئو کي کهنڊ تجاوي

يه من جائي يهان لگ جب هي پرماتم درساوي

کرم کري نهه کرم رهي جو، ايسي جُگت لکهاوي

سدا ولاس تواس نهين تن مين، بهوگ مين جوگ جگاوي

دهرتي، پاني، آکاش، پون مين، ادهر منڊيا چهاوي

سُن سکهر کي سار سلا پر، آسن اچل جماوي

بهيتررها سو باهر ديکهي، دوجا درشٽ نه آوي

جن جو هنيون حاضر هوندو آهي ، پرين اکين ۾ موجود هوندو آهي ته کين ٻيائي نظرنه ايندي آهي. هردم همه اوستي هونگار ۾ هم غم رهندا آهن، سندن پيرعدم جي اوطاري تي اهڙا ٽڪيل هوندا آهن جو کين لوڀ لالچ سميت ڪائي لهر لوڏي نه سگهندي آهي. اهڙي طرح ڀڳتيءَ جو رستو نازڪ واٽ آهي. دنيا اندر رهي انسان جو پنهنجي ارتقا طرف وڌڻ ئي ڀلو ڪم آهي. تياڳ ۽ ترڪ کان دنيا گهڻو اڳتي لنگهي چُڪي آهي. انسان کي پنهنجي ڪيل ڪمائيءَ جي ڀُلن ، چُڪن ۽ غلطن جو ليکو ڪري ، ان مان سبق حاصل ڪري ، اهو سمورو بوهه دماغ مان ڪڍي ، نئين ڄاڻ کي ذهن ۾ جاءِ ڏيڻ گهرجي جيئن هو پنهنجي ارتقائي سفر جي ڏاڪن کي سنئين ۽ هاڪاري  رُخ ۾   طئي ڪرڻ سان نباهي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌوءَ ڪناري گهاريل ڊسمبر جي آخري رات جي ڪٿا:رکيل مورائي

هيءَ ان ڏينهن جي شام هئي جيڪو ڏينهن پنهنجي پڄاڻيءَ تي ان رات کي آڻيندو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے