20 جمعو , جولاءِ 2018

ڪونج جهڙي ڪراچي ۽ افسرده اديب:مشتاق باگاڻي

هيءَ 1974ع جي ڳالهه آهي، منهنجي ڀتر جي گل جهڙي نازڪ نفيس نوجوان ڪيهر شوڪت سان پهرين ملاقات سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي گڏجاڻين دوران ٿي. هن جي نماڻن نيڻن جي گهور مون کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. هن ڪا ڪهاڻي پڙهي جنهن تي ڪافي تنقيد ڪئي وئي. ان کان پوءِ هن جون ڪيئي ڪهاڻيون ٻڌڻ جو موقعو مليو. ادبي سنگت ۾ بي رحم تنقيد جو نشانو آئون به بڻجندو هوس. منهنجي شاعريءَ ۾ جيئن ته ٻهراڙيءَ واري سماج جو اولڙو شهري لوڪن لاءِ غيرمانوس ۽ اڻ ڇپيل لفظن جو ذخيرو گهڻو هوندو هو. تنهن ڪري مون کي سورهين صديءَ جو شاعر سڏيو ويندو هو. شوڪت ۽ آئون هڪ ٻئي جي ويجهو ٿيندا وياسين. هن کي روسي اديب چيخوف گهڻو وڻندو هو. جڏهن ته آئون ٽالسٽاءِ جي ڪهاڻين کان متاثر هوس، البت سنڌي اديبن ۾ جمال ابڙو ۽ نسيم کرل اسان ٻنهي کي گهڻو وڻندا هئا. ان کان علاوه اسين ٻئي گڏ ويهي شاهه لطيف جو رسالو پڙهندا هئاسين.

هن جو تن بدن ۽ ڳالهائڻ جو لهجو ته ريشم جهڙو هو پر هن جي ڪهاڻين ۽ ڊرامن ۾ کهرائپ محسوس ٿيندي هئي. هو اترين گرم علائقي جي سماج تي نالان هو. سندس اندر جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي ظاهري نفاست ۽ نزاڪت جو پوش ته چڙهيل هو پر محرومين ۽ ناڪامين هن جي ڪهاڻين جي ڪردارن کي تلخ بڻائي ڇڏيو هو. هن جي پراسرار زندگيءَ ۾ ڏکن ۽ غمن جو بسيرو هو ، ڀٽائيءَ کي پڙهندي هو جڏهن هن بيت تي پهچندو هو

سورن سانڍياس، پورن پالي آهيان

سکن جي سيد چئي، پُکي نه پيياس

جيڪس آئون هياس، گُري گوندر ول جي

(شاهه)

ته ڳنڀير ٿي ويندو هو، ايئن لڳندو هو ڄڻ پُکي ڪڍڻ واري کي دل ئي دل ۾ ٻاڏائي چوندو هجي ته سندس سکن جو پکو ڪڏهن نڪرندو. آئون سوچيندو هوس ته اسين جيڪي فطرت جي هر رنگ ۾ راضي رهڻ جا هيRAK ٿي ويا آهيون. اسان لاءِ گوندر جي ڊگهي ول جون گريون ٿيڻ ئي ڀاڳ ۾ لکيل آهي. اسين ايف 30/  Fفيڊرل ڪيپيٽل ايريا ۾ رهندا هئاسين. اسان سان گڏ نظير چارڻ، محمد خان، غلام حسين سومرو، بشير ميراڻي ۽ سليمان چارڻ رهندا هئا. نظير چارڻ فوڊ ۾ انسپيڪٽر هو. پنجويهه سال نوڪري ڪري رٽائرمينٽ ورتائين. 1982ع کان 1985ع تائين جناح هوميو پيٿڪ ڪاليج گل برگ ڪراچيءَ ۾ هوميو پيٿي جي تعليم حاصل ڪيائين (ڊي ايڇ ايم ايس) جتي کيس گولڊ ميڊل مليو. فقير محمد لاشاريءَ سان دوستيءَ جي ناتي جاڳو اخبار ۾ هوميو پيٿيءَ جي علاج تي سندس ڪالم شايع ٿيا. جنهن جي ڪري کيس ڪافي شهرت ۽ مڃتا ملي. ان کان پوءِ هي هوميو پيٿيءَ جو ايڊوانس ڪورس ڪرڻ لاءِ جرمنيءَ هليو ويو. هي سنڌ جو پهريون هوميو پيٿي ڊاڪٽر آهي جنهن کي گولڊ ميڊل به مليو ۽ هوميو پيٿڪ ميڊيسن ۾ ڪارسر ۽ يونيورسٽي ايڊلبرگ جرمنيءَ مان بيچلر آف هوميو پيٿي ميڊيسن جي تعليم حاصل ڪئي.

اهو به ٻڌائيندو هلان ته جرمنيءَ جون ٻه اهم ليڊيز جن کان سڄي سنڌ بخوبي واقف آهي. مدر ايلسا قاضي ۽ مادام اينميري شمل به ايڊلبرگ جرمنيءَ جون هيون.

ڊاڪٽر نظير چارڻ ان دوران ڇاتيءَ جي ڪينسر جو ڪورس پڙهي مڪمل ڪيو. وطن واپس اچي شانتي نگر ۾ ڪلينڪ کوليائين. جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته جاڳو اخبار ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيائين. 2005ع ۾ دادوءَ ۾ ڪلينڪ کوليائين، هفتي ۾ ٻه ڏينهن ان کي ڏيندو هو، 2007ع ۾ ڪراچي ڇڏي دادوءَ ۾ اچي مستقل سڪونت اختيار ڪيائين. 2008ع ۾ مٿس فالج جو حملو ٿيو. پاڻ ان کي ليکي ۾ به ڪو نه آندائين. ٻارن جي بيمارين تي ٻن جلدن ۾ هڪ بهترين ڪتاب لکيائين،جنهن ۾ ٻارن جي38 بيمارين جون علامتون، بيماريءَ جا سبب ۽ هوميو پيٿي علاج تجويز ٿيل آهن. هاڻي انگريزي سنڌي ميڊيڪل جي تشريحي ۽ تحقيقي ڊڪشنريءَ تي ڪم ڪري رهيو آهي. اهو پراجيڪٽ ٽيهه هزار اکرن تي مشتمل هوندو، جن مان ڏهه هزار لکي چڪو آهي.

سال 1974ع ۾ڪراچيءَ ۾ ادبي سرگرميون چوٽ تي هيون، سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جون نشستون، اردو سنڌي مشاعرا رنگ رچايو بيٺا هئا. ان دوران نبي بخش کوسي سنڌي ادبي ورڪشاپ ڪوٺائي سنڌي اديبن کي ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻيو ادبي پليٽ فارم مهيا ڪيو. ان جي پهرين نشست ۾ سنڌي ادب جا ناميارا ليکڪ شريڪ ٿيا. جن ۾ جمال ابڙو، سراج الحق ميمڻ، شمشير الحيدري، تاج بلوچ ۽ ڪيهر شوڪت به شامل هئا. انهن کان علاوه اردو ٻوليءَ جا ناميارا اديب پڻ ورڪشاپ ۾ آيا. نبي بخش کوسي سڀني کي ڀليڪار چيو ۽ بردي سنڌيءَ جو مشهور نظم

ٿوري ڳالهه تي هيڏو هاڃو،

تون ته بنهه ڪو ڀورو آهين،

اردوءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايو ته اردو اديب جهومي اٿيا ۽ خوب داد ڏنائون، ٻين اديبن به پنهنجا مقالا ۽ شعر پڙهيا. نبي بخش کوسي اسٽيج تان منهنجو نالو پڪاري پنهنجي ڪا به تخليق پڙهڻ جو موقعو فراهم ڪيو. مون پنهنجو منظوم ڊرامو ”جرنيل باگو خان“ پڙهيو. جنهن کي سامعين ايڏو ته داد ڏنو جو آئون حيران ٿي ويس. جمال ابڙي صاحب پنهنجي صدارتي تقرير دوران سامهون ٽنگيل بورڊ تي لکيو:

بندوق باگي جي مرڻي ناهي…

۽ پوءِ مون مسڪين کي جيڪو خراج تحسين پيش ڪيو، آئون ان تي دل ئي دل ۾ رئڻهارڪو ٿي ويس. ڇاڪاڻ ته ايڏين وڏين ادبي شخصيتن جي سامهون آئون اڃا طفل مڪتب هوس.هاڻ هر هفتي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۽ هي ورڪشاپ ضرور اٽينڊ ڪرڻا پوندا هئا.

آئون اڳي به ڪٿي لکي چڪو آهيان ته سنڌي ادبي سنگت جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ڪيهر شوڪت هڪ ڪهاڻي پڙهي، ان ۾ ٻيرن چونڊڻ تي ڪو معاملو يا اعتراض لکيل هو. بس اسان جي دوست قاضي نبي بخش کي ڄڻ موقعو ملي ويو، چيائين اوهين اديب رڳو ڊاڙون ٿا هڻو، ٻيرن تي ٽئنڪون جهليو بيٺا آهيو. ڪيهر کي اهڙن تنقيدي جملن جي ڪا به پرواهه ڪا نه هئي، هي اهو دور هو جڏهن روسي ادب جو وڏو چرچو هو. هر بڪ اسٽال تي انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب وافر مقدار ۾ موجود هوندا هئا، ان کان علاوه نج روسي ادب جي ڪتابن جا اسٽال پڻ اردو توڙي سنڌي اديبن جي توجهه جو مرڪز هوندا هئا، حمزي رسول جي ڪتاب ” ماءِ داغستان“ تان تاج بلوچ جو ترجمو ٿيل پيراگراف سوجهرو ۾ ڇپجندا هئا. اهي به اسان کي ڏاڍا وڻندا هئا.

ڪراچيءَ مان نئين زندگي، سوجهرو ۽ برسات باقائدي ريگيولر ڇپجندا هئا. منهنجا مضمون ” ڳالهيون ڳنوارن جون“  جي نالي سان سوجهري ۾ ڇپجندا هئا. ڪي مضمون برسات ۾ به ڇپيا، حيدرآبادي رسالن جا ڌڻي اسان جهڙن سيکڙاٽ اديبن ۽ شاعرن ڏي لئونڻو  به ڪو نه ڦيرائيندا هئا، حيدرآباد مان ناميارا رسالا سهڻي، اڳتي قدم، پيغام، تحريڪ، مارئي ۽ ٻيا کوڙ سارا رسالا ۽ پبليڪيشنون ڇپجنديون هيون. سنڌي ادبي بورڊ جي ٽه ماهي مهراڻ ۽ سائين غلام مصطفيٰ شاهه جو سنڌ ڪئا ٽرلي پڻ بنا ناغي پبلش ٿيندا هئا، ڪيهر شوڪت جون ڪهاڻيون شايع ٿينديون هيون پر هن کي ان جي پرواهه نه هئي. هو لڳاتار لکندو رهيو.

نبي بخش قاضي، پارس ارشاد ۽ تاج بلوچ اسان جا ريگيولر نقاد هئا، پوءِ به تاج جا ڇنڊا مون تي گهٽ پوندا هئا. ٻئي  پاسي سينيئر اديبن ۽ شاعرن جهڙوڪ محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، جمال ابڙو، شمشير الحيدري، نبي بخش کوسو ۽ خاص طور نسيم کرل منهنجي لکڻين جا همدرد هئا.

آئون مسڪين جو ٻار هوس پر ڪپڙا لٽا پارس ۽ تاج بلوچ جي ٽيسٽ جا پائيندو هوس. مون هڪڙو ٻيو ڪم ڪيو، پنهنجي شاعريءَ جي ڪتاب” هو جي ٻول ٻُريا“ پنهنجي وڏي ۾ وڏي نقاد پارس ارشاد جي حوالي ڪيو ته ان تي مهاڳ لکي. هن ان ڪتاب تي عالماڻو مهاڳ لکيو. جنهن ۾ فني تنقيد به هئي ته علمي ڇنڊ ڇاڻ به هئي، پارس جيئن ته انگلش لٽريچر جي وڏي ڄاڻ رکڻ وارو عالم هو. پيش لفظ ۾ پارس لکيو هو: ” مشتاق باگاڻي شاعر آهي پر فنڪار ناهي“ شاعر فنڪار هوندو آهي جي رڳو شاعر ناهي. ڇو ته مداري به فنڪار هوندو آهي ۽ ” اُجهاڻل آس“ جو پيش لفظ ادبي مداريءَ جي سوچ آهي“ ياد رهي ته منهنجي ڪتاب،” اُجهاڻل آس“ تي مهاڳ سنڌ جي نامياري اديب ۽ ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري لکيو هو. جنهن ۾ هن لکيو هو:

” آئون ايئن  نٿو چوان ته مشتاق باگاڻيءَ سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئون موڙ ڏنو آهي ۽ هن جون ڪهاڻيون عظيم ڪهاڻيون آهن، باگاڻيءَ جي ڪهاڻين مون تي جيڪو تاثر ڇڏيو آهي، مون اهو ئي بيان ڪيو آهي، هڪ نئين اسرندڙ ليکڪ جي حيثيت سان هن جي فن ۾ ڪمزوريون ۽ ڪچايون به آهن، تنهن هوندي به هن جي ٻولي ۽ فن ايترو ڀرپور تاثر ڇڏين ٿا، اها ئي هن جي ڪاميابيءَ جي اڳڪٿي آهي“

شوڪت حسين شورو 17 نومبر 1973ع

پارس ارشاد مهاڳ ۾ نه رڳو مون کي تنقيد جو نشانو بڻايو پر شوڪت حسين شوري تي به سڌي تنقيد ڪئي، حالانڪه شوڪت منهنجي فني ڪمزورين ۽ ڪچاين جو ذڪر به ڪيو هو. پارس اڳتي لکيو هو: .

ايزرا پائونڊ پنهنجي ڪتاب ” لٽرري ايسز“ ۾ لکيو آهي ته”   بي مقصد اٺ ڪتابن لکڻ کان جيڪڏهن حياتيءَ ۾ رڳو هڪڙو سهڻو تخيل ڏجي ته بهتر آهي“

مشتاق جي شاعريءَ ۾ اهڙو تخيل ضرور آهي، پوءِ ڀلي اهڙو پڪل ۽ رس ڀريل نه هجي، سندس ڪچڙو ذهن اڃان به ان ادبي توڙ ۽ منزل جي ڳولا ۾ آهي، جڏهن فنڪار کي سوچي سٽ لکڻي نه پوندي آهي پر پاڻ مرادو اٿاهه ڄاڻ جي سمونڊ مان جڙي راس ٿيندي آهي.

مشتاق باگاڻي ”شاهه“ جي ٻوليءَ کي پسند ڪري ٿو ۽ مان شاهه جي فلسفي تي تنقيدي نگاهه به ڪندو آهيان.

مشتاق ۽ مان ٻه جدا ڳالهيون آهيون پر دوست به آهيون.

فنڪار دوست جي ساراهه نه چاهيندو آهي نه وري فنڪار جو دوست فن کي سمجهي سگهندو آهي.

ڇو ته دوست فنڪار جي شخصيت جو دوست هوندو آهي، سندس وجود تي تنقيد ڪندي پاسو وٺندو آهي ۽ فن تي تنقيد ڪندي آتم ڪهاڻي لکندو آهي ( آسڪر وائيلڊ سان متفق آهيان ) ان ڪري مشتاق جي فن تي تنقيد نقاد ڪري سگهي ٿو. آءُ نه!

نقاد پنهنجي قلم کي توريندو ناهي ۽ نه ئي وري فن کي. پر سند سور ٻنهي شين کي جدا جدا پرکيندي آهي، ڇو ته نقاد فرد هوندو آهي ۽ سندس تنقيد انفرادي تجزيو. فن هڪ غلام ٻانهي جنهن کي وڻيس ته ننگو سمهاري، ويهاريس ۽ وڻيس ته سهڻو ويس پهرائيس.

امداد حسينيءَ به منهنجي ڪهاڻين تي تبصرو ڪندي لکيو هو ته، هڪ ڪهاڻي ” پينگهو “ کي ڇڏي باقي سڀ ڪهاڻيون فني لحاظ کان ڪمزور  آهن“  البت پينگهو ڪهاڻيءَ کي هُن اهم وشئه تي بهترين ڪهاڻي قرار ڏنو هو. منهنجي ڪهاڻين جي ٻئي ڪتاب، ” اوڙاهه ڏانهن “ جو مهاڳ غلام محمد لاکي لکيو هو. ان تي منهنجي اڳوڻي ڪتاب” اجهاڻل آس“ تي تبصرو ۽ تنقيد ڪندي لکيو هئائين . ” 1981ع ۾ باگاڻيءَ سان ملهايل شام بعد، سندس قلم جنبش ۾ آهي ۽ مختصر عرصي ۾ پاڻ ڪافي ڪم ڪري چڪو آهي. ” اوڙاهه ڏانهن “ سندس ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب آهي، ان کان اڳ ساڳئي موضوع تي ” اجهاڻل آس“ اڄ کان چند سال اڳ ڇپايائين. هي ڪتاب مجموعي طور تي نقادن وٽ ڀرپور نعريبازيءَ کان وڌيڪ نه هو. اڃان به ان کي نظرياتي پرچار جو پستڪ چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو.

” هتي هنن جملن لکڻ جو مقصد فقط اهو هو ته نوجوان ٽهيءَ جي اديبن ۽ شاعرن کي ٻڌائجي ته ڪيئن اسين پنهنجي سينيئر اديبن جي اهڙي قسم جي بي رحم تنقيد کي خوشيءَ سان قبول ڪري، هيستائين پهتا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے