19 اربع , سيپٽمبر 2018

جمهوريت جي دعويدار پيپلز پارٽي ۽ تشدد جو نشانو بڻجندڙ سنڌ جو عوام!:قاسم سوڍر

جمهوريت جيڪو سرمائيدار يا بورجوا ڌرين جو من پسند نظريو رهندو پيو اچي. جيتوڻيڪ جمهوريت جون انڪاري کاٻي ڌر خاص طور ڪميونسٽ ڌريون به نه آهن، پر انهن جي جمهوريت جو مفهوم ٿورو مختلف ان معني ۾ آهي ته، ڪميونسٽ ڌريون پرولتاري يعني پورهيت طبقي جي راڄ مڙهڻ کانپوءِ سڀن کي هڪجهڙا حق ڏيڻ کي جمهوريت ڪوٺين ٿيون. پر ان جي نسبت سرمائيدار ڌريون يا نيئو لبرلزم جون داعي ڌريون ووٽ ذريعي چونڊجي آيل حڪومتن کي ئي جمهوريت جو اصل روح سمجھنديون رهن ٿيون. ها اها الڳ ڳالهه آهي ته، ظاهري طور انهن وٽ به ”عوام جي، عوام طرفان ۽ عوام لاءِ“ ئي واري جمهوريت جي وصف هجي ٿي، پر ڳالهه وري به اهي اچي اليڪشن تي ئي کٽائين ٿا. بهرحال، فرانس کان ويندي دنيا جي مختلف ملڪن جتي جتي به جاگيرداري سسٽم کي ختم ڪرڻ ۽ جمهوريت قائم ڪرڻ لاءِ تحريڪون هليون آهن، انهن جي اڳواڻي انهن ئي بورجوا يعني وچولي طبقي جي پڙهيل ڳڙهيل ۽ جمهوريت جي داعي ڌرين ئي ڪئي آهي، جيڪا سماج جي تبديلي ۾ هڪ اهم وک ضرور ثابت ٿي.

سرمائيدار يا نيئو لبرلزم جي پولڳن وٽ جمهوريت جو جيڪو نظريو آهي اهو نظريي جي حد تائين يقينن ڏاڍو خوبصورت ضرور آهي، پر جڏهن ڳالهه اچي ٿي عمل جي ته پوءِ اهو نظريو فقط چند فردن، خاندانن يا گروهن تائين محدود ٿي وڃي ٿو. ان حوالي سان پاڪستان جو جيڪڏهن مثال وٺجي ته، ملڪ جي قيام کان ويندي نون سالن تائين هڪ ته ملڪ آئين کان بغير پئي هليو، پر جڏهن آئين ٺهيو به ته ان کانپوءِ به ملڪ اندر جمهوري ڪلچر ڳولهيو نه پئي لڌو. حد ته اها هئي جو ويندي 1970ع کان پهرين تائين سڌيءَ طرح عوام جي ووٽ سان نمائندا چونڊڻ جي روايت به نه هئي. جيتوڻيڪ 1965ع ۾ ايوب خان جي دور ۾ اليڪشن ضرور ٿي پر اها آمر جي من پسند ماڻهن يعني بنيادي جمهوريت پسندن کي چونڊڻ جي ئي هڪ چال هئي.

1970ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ سڌيءَ طرح شيخ مجيب الرحمان جي پارٽي عوامي ليگ وڏي اڪثريت سان کٽي آئي، جنهن کي ملٽري اسٽيبلشمينٽ ڪنهن  به صورت ۾ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. ملٽري اسٽيبلشمينٽ لاءِ سوشلزم جو نعرو لڳائيندڙ ذاولفقار ڀٽو ته قابل قبول هو، پر بنگالي قومپرستي جي ڳاهه ڪندڙ شيخ مجيب الرحمان قبول نه هو، جنهن کانپوءِ ڀٽي صاحب به اقتدار جي نشي ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ ڏنو ۽ ائين ملڪ ئي ٻه ڀاڱا ٿيو.

ذوالفقار ڀٽي جي ڪوششن سان ئي نيٺ 1973ع جو آئين ٺهيو جنهن ۾ به صوبائي خودمختياري جي بجاءِ مرڪز کي وڌيڪ مضبوط ئي ڪيو ويو، پر اهو وري به بهتر آئين ان ڪري به هو ته گھٽ ۾ گھٽ اڪثريتي پارٽين جي اتفاق راءِ سان آئين ضرور جڙيو. اهو ذاولفقار ڀٽو جنهن نه صرف ملڪ کي هڪ متفقه راءِ وارو آئين ڏنو، پر گڏوگڏ پنهنجي تقريرن ۾ طاقت جو سرچشمو عوام کي ئي ڄاڻايو. ان ئي ڀٽي صاحب روٽي، ڪپڙا اور مڪان جو نعرو به ڏنو. اها الڳ ڳالهه آهي ته، هو پنهنجي حڪومتي دور ۾ ئي پنهنجي دعوائن تي پورو نه لٿو هو، پر اها حقيقت ضرور آهي ته، بنسبت ٻين حڪمرانن جي هن جون پاليسيون وري به ڪافي حد تائين عوامي ضرور هيون. ڀٽي صاحب جي هزارين اوڻاين باوجود هڪ ڳالهه طئه هئي ته هو پنهنجي آخري وقت ۾ ضياءَ شاهي سان ساز باز ڪرڻ کان وڌيڪ ترجيح عوامي مفادن کي ڏيئي رهيو هو، جنهن کان ئي خوفزدهه ٿي ملٽري هن کي هميشه لاءِ ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو. پر ان ئي ڀٽي صاحب جي پارٽي هن جي ڦاسي کانپوءِ ڪيترو عوام کي ڊليور ڪيو، ان سوال تي غور ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي.

ڀٽو صاحب جيڪو هڪ پاپولسٽ سياستدان هو. پاپولسٽ جيڪو وقت ۽ حالتن کي سامهون رکندي پاليسيون جوڙيندو آهي ته، ان وقت ۽ ان علائقي/صوبي/قوم جي سامهون ڪهڙي ڳالهه رکڻ گھرجي. بلڪل ائين جيئن جناح صاحب پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پاليسي اختيار ڪري رهيو هو، جيڪو جڏهن مثلن پٺاڻن جي سامهون پئي ويو ته، هن کي خبر هئي ته هو تمام گھڻا مذهبي هئا ته اتي هو علي اعلان انهن کي چئي رهيو هو ته، ”اچو منهنجا هٿ مضبوط ڪيو ته پاڪستان کي هڪ اسلامي رياست ۾ تبديل ڪيون“ وري ساڳيو ئي جناح جڏهن ڪراچي ۾ پارسي ڪميونٽي جي هڪ پروگرام ۾ پهتو ته، اتي وري مذهبي رياست جي بجاءِ هو پاڪستان کي هڪ روشن خيال رياست بڻائڻ جي ڳالهه ڪري رهيو هو. جيتوڻيڪ جناح صاحب جي ان پاليسي پٺيان ڪي به سبب ٿي سگھن ٿا. اهو به ممڪن آهي ته، ان وقت پاڪستان هڪ نئين رياست طور دنيا جي نقشي تي اچي چڪو هو، ان ڪري اهو لازمي هو ته ملڪ جي سڀن ماڻهن کي متحد ڪرڻ جي ضرورت هئي. اهڙيءَ طرح، ڀٽو صاحب وري جڏهن پنجاب ۾ پئي ويو ته، هن کي خبر هئي ته، اتي هندستان مخالف ۽ فوج جي حمايت سان ئي پنجاب جي ماڻهن جو ووٽ حاصل ڪري پئي سگھجيو، ان ڪري هو اتي وري اها ئي پاليسي اپنائي رهيو هو. ساڳئي وقت سنڌ ۾ شروع کانوٺي وڏيرن، پيرن، ميرن جو زور پئي رهيو آهي ته، پ پ پ کي ڀوتار ڪلچر مخالف پارٽي سڏيندي به هن سنڌ جي ڀوتارن کي پنهنجي پارٽي ۾ کنيو ته جيئن هو ووٽ حاصل ڪري. پر ان سڀ ڪجھ جي باوجود به هن عوام کي انهن جي سگھ جو احساس ڏيارڻ سان گڏ، تمام گھڻن ماڻهن کي روزگار جا موقعا ۽ ٻيا فائدا ضرور ڏنا، جنهن ڪري ئي ڀٽي صاحب جي عدالتي قتل تي پوري ملڪ جو عوام زارو قطار روئي رهيو هو.

ڀٽي صاحب جي شهادت کانپوءِ شروع وارن ڏينهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو مجبورن يا ٻين سببن ڪري اسٽيبلشمينٽ سان سهڪار ڪندي رهي، پر وري به ڪنهن حد تائين مٿين ڌرين سان جھيڙڻ سبب ئي هن جي ٻه ڀيرا حڪومت هلي وئي. ائين ئي هن مشرف جهڙي ڊڪٽيٽر سان ملڪ واپسي لاءِ ڊيل به ڪئي، پر محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان واپسي کانپوءِ ڀٽي صاحب واري ان پاليسي ته، طاقت جو سرچشمو فقط عوام ئي آهي، تي عمل ڪرڻ جي موڊ ۾ نظر اچي رهي هئي، جيڪا ڳالهه ڪڏهن به ملٽري اسٽيبلشمينٽ لاءِ قابل قبول نه رهي آهي. اهو ئي اهم سبب هو جو محترمه کي پڻ هميشه لاءِ موت جي ننڊ سمهاري وئي.

محترمه بينظير ڀٽو جي 27 ڊسمبر 2007ع ڏينهن شهادت کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي پارٽي منجھان بدلجي زرداري ليگ ۾ تبديل ٿي چڪي هئي، جنهن 2008ع وارين چونڊن ۾ محترمه جي شهادت واري صدمي سبب پوري ملڪ جي ماڻهن کان ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ضرور وئي، پر 2013ع جي چونڊن ۾ اها ساڳي ئي پارٽي جيڪا ان کان پهرين ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي ليکي ويندي هئي، سا سڪڙجي فقط سنڌ سطح جي پارٽي بڻجي وئي. پاڪستان پيپلز پارٽي عرف زرداري ليگ جو پورو پنج سالا حڪومتي دور پوري ملڪ پر خاص طور سنڌ لاءِ تمام ڀيانڪ دور ان لاءِ به رهيو ته، نه صرف سنڌ جي وسيلن جي ان دور دوران ڀينگ ڪئي وئي، پر سنڌ کي انتظامي طور ورهائڻ جهڙا ڪارناما به ان ئي حڪومت طرفان سرانجام ڏنا ويا. اهو پ پ پ جو پنج سالا دور ئي هو، جڏهن گلگت بلتستان کان ويندي پنجاب تائين جو ماڻهو سمجھي چڪو هو ته، هاڻي اها پارٽي ڪا سياسي پارٽي نه پر فقط هڪ سياسي خاندان جي لميٽيڊ ڪارپوريشن بڻجي چڪي هئي. باقي رهيو سنڌ جو عوام، سو ته شروع کانوٺي وڏيرن ۽ پيرن جي چڪرن ۾ ڦاٿل رهيو آهي، جنهن جي جند انهن ڄورن منجھان ڇڏائڻ لاءِ اڃا تائين ڪا سياسي ڌر پ پ پ جو مد مقابل بڻجي سگھي نه آهي، سو اڄ به عوام انهن ئي ڄورن جي ور چڙهيل آهي.

اها مشهور چوڻي آهي ته، نانگ جو کاڌل نوڙي کان به ڊڄندو آهي. يا انسان پنهنجي غلطين منجھان ئي سکندو آهي. پر افسوس ته اهي ٻيئي چوڻيون پ پ پ جي قيادت کي اڄ تائين سمجھ ۾ نٿيون اچن يا وري اها اهو سمجھي چڪي آهي ته، ڪجھ به ٿئي پر ڇاڪاڻ ته سنڌي قوم جا آقا بڻيا ويٺل وڏيرا، سردار، پير ۽ مير انهن جي کيسن ۾ پيل آهن، سو پ پ پ کي نه لهر نه لوڏو. پاڪستان اندر سياست جا هر صوبي اندر رنگ ئي مختلف آهن. مثلن، پنجاب ۾ ڀلي چاهي فقط نوازليگ ئي ڇو نه مسلسل حڪومت ڪري يا ڪا به ٻي پارٽي اچي، پر ان کي اها خبر ضرور هوندي ته، ڪجھ به ٿئي پر پنجابي عوام کي مراعتون ضرور ڏيڻيون آهن. پنجاب جون حڪمران ڌريون بلڪل ائين ئي ڪنديون رهن ٿيون، جيئن آمريڪي سرڪار ڪندي آهي ته، پوري دنيا کي لٽبو پر آمريڪا جي عوام کي لازمي طور نوازبو ۽ اتي جمهوريت کي به مضبوط رکڻو آهي. ائين ئي پنجاب جو حڪمران طبقو جيڪو وفاق تي به قابض آهي، پوري ملڪ جي عوام کي لٽيندو پر پنجاب جي عوام کي فائدا ضرور ڏيندو. ڇاڪاڻ ته اها سندس مجبوري آهي ڇو ته جيڪڏهن پنجاب جو عوام ڏکيو ٿيو ته، اهو روڊن تي ايندو ۽ جڏهن اهو روڊن تي آيو ته پوءِ ايوب شاهي جهڙي اجگر بلا به سائيڊ تي ٿي سگھي ٿي ته پوءِ نوازليگ يا ٻي ڪا ڌر ڇا دٻ جھليندي. ائين ئي خيبرختونخوا جو عوام به ڪافي باشعور آهي جو اهي هر ڀيري حڪومتي ڌر بجاءِ ڪنهن ٻي ڌر کي موقعو ڏيندا رهن ٿا ته جيئن انهن کي احساس ٿيندو رهي ته، عوام جا مسئلا حل نه ڪبا ته پوءِ ڳالهه ڳچي ۾ پئجي ويندي. باقي رهيو بلوچستان ۽ سنڌ، سو بلوچ عوام به هڪ طرف ملٽري جي ور چڙهيل آهي، ٻئي طرف پٺاڻن سان به منهن ڏيئي پيو ته ٽئين طرف وري پنهنجا ئي سردار آهن، جيڪي سموريون ڌريون عوام کي لٽينديون رهن ٿيون.

جيتري حد تائين سنڌ جي ڳالهه آهي ته، هڪ طرف پ پ پ اندر ويٺل وڏيرن ۽ پيرن جي لوڌ آهي جيڪا سنڌ جي عوام کي وڇن جيان ڏنگي رهي آهي ته ٻئي طرف، لساني بنيادن تي ورهاست ۽ مٿان وري پنجابي آپيشاهي به عوام جو رت چوسيو آهي. هاڻي ته حالت ان حد تائين وڃي پهتي آهي جو، شايد پ پ پ قيادت کي اها سو سيڪڙو پڪ ٿي چڪي آهي ته، ڪجھ به ٿئي پر سنڌ ۾ عوام ووٽ فقط پ پ پ کي ئي ڏيندو. اهو ئي سبب آهي جو مٿان اليڪشن هجڻ باوجود به بجاءِ عوام کي ڪي فائدا ڏيڻ جي ته جيئن هو ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ وٺي سگھن، پر الٽو سنڌ جي عوام کي اهڙو بي رحمي سان تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، جهڙوڪ اهي ڪي انسان نه پر جانور هجن (جانورن تي به تشدد ڪرڻ بين الاقوامي قانون مطابق ڏوهه آهي).

هونئن ته سنڌ پوليس جو ڪردار گھڻي ڀاڱي عوام دشمن ئي رهندو پيو اچي، پر هاڻي تازو جهڙيءَ طرح ڪراچي م پرامن احتجاج ڪندڙ ڪمند جي آبادگارن ۽ استادن تي پوليس ڏمري آهي، سو شايد ئي اڄ جي دور ۾ ڪنهن مهذب معاشري ۾ ٿيندو هجي. ڪمند جا آبادگار جيڪي فقط سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ ته جيڪو ڪورٽ اگھ ڏيڻ لاءِ حڪومت تي زور ڀريو آهي، تنهن تي عمل ڪيو وڃي، جو ئي مطالبو ڪري رهيا هئا. پر ان باوجود بجاءِ انهن جي مطالبن کي ٻڌڻ، انهن تي غور ڪرڻ کانپوءِ عمل ڪرڻ جي الٽو انهن تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، جنهن ۾ نه صرف آبادگار ۽ هاري پر ان سان گڏوگڏ وڪيل ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا به تشدد جو نشانو بڻيا. ساڳيءَ طرح، اين ٽي ايس پاس استادن طرفان پنهنجي جائز مطالبن لاءِ جڏهن ڪراچي ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويو ته، انهن تي به تمام گھڻو تشدد ڪيو ويو.

سنڌ پوليس جي ان وحشياڻي عمل کانپوءِ بجاءِ سنڌ حڪومت ۽ پ پ پ جي قيادت طرفان متاثرن کان معافي وٺڻ ۽ انهن جي مطالبن مڃڻ جي الٽو يا ته اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته، ان ۾ پوليس بلڪل بي ڏوهي آهي يا وري ان ۾ پورهيتن ۽ استادن جو ئي ڏوهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن پوليس تي ٿوري به تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته، ان وقت پوليس کي سنڌ حڪومت جي ماتحت ڏيکارڻ جي بجاءِ الٽو ڪنهن ٻيءَ مخلوق طور پيش ڪيو پيو وڃي. يا وري وڌ ۾ وڌ سنڌ جي وڏي وزير ۽ بلاول ڀٽو طرفان هڪ اڌ مذمتي بيان سامهو اچي ٿو. پر ڇا حڪومت ۽ پ پ پ قيادت جي اهڙن مذمتي بيانن سان ماڻهن جا مسئلا حل ٿي ويندا؟ ڇا حڪومت جي اهڙي ڪارڪردگي کانپوءِ به اهي پاڻ کي جمهوريت پسند سڏائيندي ٿورو به لڄي نه ٿا ٿين؟ ان کان به اهم سوال ته ڇا اڃا به سنڌ جو عوام اهڙن ئي عوام دشمن نمائندن کي ووٽ ڏيئي ايوانن تائين پهچائيندو رهندو؟

سنڌ جي عوام لاءِ ايندڙ چونڊون هڪ امتحان هجڻ سان گڏوگڏ هڪ موقعو به آڻي رهيون آهن ته، هاڻي ڀلي وڏي پئماني تي به سهي پر ڪنهن حد تائين تبديلي ضرور اچي رهي آهي، جنهن جو مثال گذريل مڪاني چونڊن منجھان لڳائي سگھجي ٿو، جنهن ۾ ٿورا ئي سهي پر هيٺئين ۽ وچئين طبقي جا ماڻهو اڳتي ضرور آيا هئا. ساڳيءَ طرح 2013ع جي چونڊن ۾ ڪٿي گھٽ ته ڪٿي پ پ پ جي نمائندن جي اڌ تائين قومپرستن به ووٽ کنيا هئا. تنهنڪري، سنڌ جي عوام کي هن ڀيري پنهنجي وت وس آهر بجاءِ هر ڀيري جيان عوام جو استحصال ڪندڙ ڌرين کي چونڊڻ جي، عوام دشمن نمائندن جي نسبت سوچي سمجھي ڪن نون نمائندن جيڪي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي واقعي ۾ خواهش رکندڙ هجن، کي ضرور آزمائڻ گھرجي. ساڳئي وقت، اهو سنڌ جي کاٻي ڌر ۽ قومپرست ڌرين خاص طور اهي جيڪي اليڪشن وڙهڻ چاهين ٿيون، لاءِ به انتهائي لازمي آهي ته، بجاءِ ڪنهن خيالي انقلاب جي تمنا ۾ پنهنجيون عمريون ۽ نسل برباد ڪرڻ جي، عوام جي مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ پ پ پ، ايم ڪيو ايم، نوازليگ، پي ٽي آءِ ۽ اهڙين ٻين اسٽيٽس ڪو جي حمايتي ڌرين جو متبادل بڻجڻ لاءِ ڪا بهتر ۽ پائيدار حڪمت عملي جوڙي ميدان تي لهڻ گھرجي.

[email protected]

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے