20 ہفتہ , جنوری 2018

ميرپورخاص ۾ ڪمند جي آبادگارن جو احتجاج، ٽول پلازه بند ٽائرن باهيون-رپورٽ هاشم شر

سرڪار پاران ڪمند جو مقرر ڪيل اگهه 182 روپيه نه ملڻ خلاف ميرپورخاص جي آبادگارن ميرپور خاص ٽول پلازه بند ڪري ڇڏيو، ٽائرن کي باهيون……….،

پيش آهي هاشم شر جي هيءَ رپورٽ…………..

ميرپورخاص ڊويزن جي هارين ۽ آبادگارن جو ڪمند جو مقرر ڪيل سرڪاري اگهه نه ملڻ خلاف احتجاج جاري آهي، سوين آبادگارن ميرپورخاص ٽول پلازه تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو………..

هارين ۽ آبادگارن جو هڪ وڏو انگ ٽول پلازه تي موجود رهيو، جيڪي مسلسل نعره هڻندا رهيا،

آبادگارن ۽ هارين جي احتجاج ۽ ڌرڻي سبب ميرپورخاص حيدر آباد ۽ ميرپورخاص ٽنڊوالهيار روڊ بند ٿي ويا، جنهن ڪري ٻنهي پاسن کان هزارن جي انگ ۾ گاڏيون روڊ جي ٻنهي پاسن کان جمع ٿي ويون………

روڊ جي بند ٿيڻ ڪري سفر ڪندڙ عام ماڻهو تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن……….

آبادگارن جي احتجاج دوران لا ۽ آرڊر جي صورتحال کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ريجنرز ۽ پوليس جون گاڏيون پڻ موجود رهيو…………..

آبادگارن جو چوڻ آهي شگر ملز مالڪن پاران سنڌ سرڪار جي مقرر ڪيل اگهه 182 روپيه نه ڏيڻ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ سبب اسين مجبور ٿي ويا آهيون………………..

آبادگارن اعلان ڪيو ته جيستائين شگرملز مالڪ کائن سرڪار جي مقرر ڪيل اگهه تي ڪمنڊ خريد نه ڪندا تيستائين احتجاج جاري رهندو…………..،

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ناليوارو ليکڪ ۽ ترقي پسند دانشور 84 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ناليوارو ليکڪ ۽ ترقي پسند دانشور 84 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻي ويو، سندس زندگي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے