18 جمعرات , جنوری 2018

نيوز: بينظير ڀٽو جي قتل جو ذميوار ذاتي طور تي مشرف کي سمجهان ٿو: بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مان بينظير ڀٽو جي قتل جو ذميوار ذاتي طور تي اڳوڻي فوجي سربراهه پرويز مشرف کي ئي سمجهان ٿو، جنهن حالتن جو فائدو وٺي منهنجي امڙ کي قتل ڪرايو.

 بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو  ان نوجوان ڇوڪري کي بينظير جي قتل جو ذميوار نه ٿو سمجهي جنهن 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي ۾ امڙ تي حملو ڪيو هو.

هن چيو ته ان دهشتگرد شايد گولي هلائي هجي پر مشرف منهنجي امڙ جي سڪيورٽي کي ڄاڻي واڻي  هٽايو ته جيئن کيس منظر تان هٽايو وڃي. سندس چوڻ هو ته پرويز مشرف منهنجي امڙ کي سڌي ڌمڪي ڏني ۽ چيو ته سندس حفاظت جي ضمانت ساڻس سهڪار تي ٻڌل آهي، حملي واري ڏينهن مشرف شهيد  بينظير جي سڪيورٽي هٽائي ڇڏي…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : پير جو ڳوٺ: ٻن يرغمالين کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو، گهر ۾ خوشي جي لهر

پيرڳوٺ جي رهواسي ٻن يرغمالي  نوجوانن کي هڪ سئو يارنهن ڏينهن کان پوءِ  پوليس بازياب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے