21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

رياست، جمهوريت ۽ حڪومت خلاف نئين سازش تيار ٿي رهي آهي:مريم نواز

لاهور(م ڊ) پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف اهم دوري تي سعودي عرب روانو ٿي ويو. ذريعن موجب سعودي حڪومت شهباز شريف لاءِ خاص جهازموڪليو جنهن جي ذريعي هو سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جو وڏو وزير سعودي عرب ۾ اهم ملاقاتون ڪندو ۽ عمري جي سعادت به حاصل ڪندو. ذريعن موجب نواز شريف طرفان 2018 ۾ شهباز شريف کي ن ليگ جي وزير اعظم جي اميدوار طور نامزد ڪرڻ کان پوءِ هو 16 ملڪن جي سفيرن سان ملاقاتون ڪري چڪو آهي، ذريعن موجب شهباز شريف 3 ڏينهن اڳ به سعودي سفير سان لاهور ۾ خاص ملاقات ڪئي هئي.043041

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڪيلو پارليامينٽ وڃي ڇا ڪندس، عوام ٻيا پ پ اميدوار به ڪامياب ڪري: بلاول

چنيوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شاهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے