17 اربع , جنوري 2018

پيٽ جي چرٻي گھٽائڻ جا 6 آزمايل طريقا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) نئين زماني ۾ مرد وڌندي وزن سان گھڻو پريشان آهن جيڪا ڪيترين ئي بيمارين جو سبب پڻ آهي. جهڙي ريت پيٽ جي چرٻي هڪ رات ۾ نه وڌندي آهي ساڳئي ريت فوري طور ختم به نه ٿي سگھندي، انهيءَ ڪري بهتر آهي ته ان کي ورزش ۽ قدرتي طريقن سان گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي جيڪو گھڻو ڏکيو عمل آهي.

ورزش:

جن ماڻهن جي زندگي ۾ جسماني ڪم جو عنصر گھٽ آهي اهي صبح يا شام جو 40 منٽ واڪ کي پنهنجو معمول بڻائن. واڪ ڪرڻ فوري طور نتيجو آڻي سگھي ٿو. هو دفتر يا ڪم جي جاءِ تي هلڻ گھمڻ جي ڪوشش ڪن ته جيئن زندگي ۾ حرڪت پيدا ٿئي.

اڇي کنڊ کان پاسو ڪريو:

کنڊ جي نقصان ڪار اثر تي گھڻي جاچ ٿي چڪي آهي. اڃان به ان کي ٿُلهائپ جو هڪ وڏو سبب قرار ڏنو ويندو آهي. کنڊ ۾ موجود گلوڪوز ۽ فرڪٽوز سادا ڪاربوهائيڊريڊس ئي آهن. انهن جي واڌ گلائيڪوجن ۾ تبديل ٿي چرٻي ۾ جمع ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي. ان جي بدران ڳُڙ جو استعمال ڪريو يا ٿي سگھي ته کنڊ کي پهريئن مرحلي تي گھٽ ۾ گھٽ ڪري ڇڏيو.

کاڌي ۾ پروٽين جو استعمال:

پروٽين اسان جي خوراڪ جو اهم حصو آهي ۽ ان جي گھڻن ئي فائدن مان هڪ اهو به آهي ته سولائي سان ختم نه ٿيندڙ چرٻي کي گھٽ ڪندو آهي. پروٽين سان هميشه پيٽ ڀرڻ جو احساس ٿيندوآ هي ۽ هر هر کاڌو کائڻو نه پوندو آهي. ان جي ڪري توهان بيدو، پنير ۽ اڇو گوشت استعمال ڪري سگھو ٿا.

سبز چانهه جا فائدا:

سبز چانهه جا فائدا روزانو دريافت ٿي رهيا آهن. سبزچانهه چرٻي کي ختم ڪرڻ ۾ گھڻي مدد گار ثابت ٿيندي آهي. ان ۾ موجود هڪ قسم جا اينٽي آڪسيڊنٽس ۽ قدرتي قينول جو نالو ڪيٽي چن آهي جيڪي ميٽابولزم کي تيز ڪندا آهن، جنهن سان جسم اندر چرٻي تيزي سان ڳري ويندي آهي.

ريشي وارا کاڌا:

رريشي يا فائبر کي پنهنجي معمول ۾ شامل ڪريو. اهي هاضمي واري نظام کي بهتر ڪندا آهن، ڪوليسٽرول کي گھٽ ڪندا آهن ۽ جسم ۾ چرٻي جي واڌ ويجهه روڪيندا آهن. فائبر هول گرين ۾ هوندو آهي ان ڪري ان جو استعمال سموري حياتي جاري رکڻ گھرجي.

گرم پاڻي:

هن وقت گرم پاڻي جو وڏو چرچو آهي جڏهن ته چيني ۽ جاپاني تهذيبن ۾ صدين کان گرم پاڻي استعمال ڪرڻ هڪ معمول آهي. گرم پاڻي رت جي رڳن کي صاف ڪندو آهي ۽ جسم کي ڌوئي ڇڏيندو آهي. ان جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته گرم پاڻي جسم ۾ چرٻي کي ڳارڻ ۾ مدد ڪندو آهي. جيڪڏهن توهان ان ڳالهين تي عمل ڪريو ته جلدي ئي هاڪاري نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ جينياتي بيمارين جو پهريون ڊيٽا بيس متعارف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ جينياتي تبديلين ۽ انهن ۾ پيدا ٿيندڙ مرض جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے