17 اربع , جنوري 2018

افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ 2 آپگهاتي ڌماڪا، 40 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل( ويب ڊيسڪ ) افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ هڪ ٻي پويان ٻن آپگهاتي ڌماڪن جي نتيجي ۾ 40 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. افغان ميڊيا رپورٽس موجب  افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ صبح ساڍي ڏهين وڳي آپگهاتي ڌماڪا ٿيا. پهريون ڌماڪو ڪابل جي علائقي برچ ۾ قائم خبر ايجنسيءَ جي آفيس ويجهو ٿيو، جڏهن ته ٻيو ڌماڪو ثقافتي آفيس جي گيٽ تي ڪيو ويو. افغان ميڊيا موجب گهر وزارت ٻنهي ڌماڪن ۾ 40 کان وڌيڪ ماڻهو مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته 50 کان وڌيڪ زخمي آهن. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب ٽئين ڌماڪي ۽ فائرنگ جا آواز به ٻڌا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ريڪٽر اسڪيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے