25 سومر , جون 2018

روس جو شام ۾ ٻه مستقل فوجي اڏا قائم ڪرڻ جو اعلان

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو آهي ته شام ۾ ٻه فوجي اڏا مستقل بنيادن تي قائم ڪيا ويندا جنهن جي منظوري صدر پيوٽن ڏئي چڪو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف جو چوڻ آهي ته روس شام ۾ ٻه فوجن اڏن طرطوس ۽ حميميم ۾ پنهنجي فوجين جي مستقل موجودگي جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. روسي چيف آف اسٽاف گذريل هفتي انهن ٻن فوجي اڏن تي اعتماد جو اظهار ڪيو هو. هاڻ اسان پنهنجا مستقل فوجي اڏا بڻائڻ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي منظوري روسي صدر والادي مير پيوٽن پهرين ئي ڏئي چڪو آهي. شام ۾ طرطوس جي اڏي تي ٻيڙي جي ڪمڪ جي مرڪز جي واڌ جي حوالي سان روس ۽ شامي حڪومت وچ ۾ معاهدي جي واڌ ٿي چڪي آهي. ان معاهدي جي تحت طرطوس جي بندرگاهه تي هڪ وقت ۾ روس جا 11 جنگي سامونڊي جهازن جي موجودگي جي اجازت هوندي جن ۾ ايٽمي توانائي سان ڪم ڪندڙ جهاز به شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان مفتي نور ولي کي نئون امير مقرر ڪري ڇڏيو

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف پاڪستان مفتي نور محمد ولي محسود کي نئون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے