24 منگل , اپریل 2018

پي اي سي طرفان ڪيپٽن ر صفدر کي 9 ارب رپيه ڏيڻ تي وضاحت طلب   

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اڳوڻي وزيراعظم جي نياڻي ڪيپٽن صدر کي 9 ارب رپيه ڏيڻ تي ناڻي واري وزارت کان وضاحت طلب ڪئي آهي. پي اي سي سيڪريٽريٽ طرفان ناڻي واري سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ڪابينا کي حڪم جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آڊٽ اختيارين موجب نواز شريف پنهنجي نياڻي ڪيپٽن صفدر کي 9 ارب رپيه جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، اها ڳري رقم جاري ڪرڻ کان اڳ نه پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو ويو ۽ نه وري بجيٽ دستاويز ۾ ذڪر آهي. سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن سهيل عمار پي اي سي جي اجلاس ۾ اعتراف ڪيو ته ڪيپٽن صفدر کي 9 ارب رپيه جاري ڪيا ويا آهن. شيخ رشيد چيو ته پي اي سي 9 ارب رپين جي خرچ جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي درخواستون ڏنيون آهن پر سيڪريٽري ڪابينا اڃا تائين رڪارڊ فراهم نه ڪيو آهي، اهو معاملو هر مرحلي تي اٿاريندس.  پي اي سي جي اجلاس ۾ پاڪستان اڪادمي ادبيات ۾ غير قانوني طور ڀرتين جو به انڪشاف ٿيو.  ڪميٽي قانون واري وزارت کي هڪ مهيني ۾ ڀرتين لاءِ قانون ٺاهڻ جي هدايت ڪئي.  ڪنوينر راڻا افضل حسين جي صدارت ۾ پي اي سي جي ذيلي ڪميٽي براءِ مانيٽرنگ ۽ عملدرآمد پرويز مشرف جي دور ۾ مدرسن جي سڌارن ۽ ملڪ جي سمورن ضلعن ۾ پولي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ لاءِ تعليم واري وزارت کي ڏنل 3 ارب 58 ڪروڙ رپين جي فنڊن ۾ هير ڦير تي ڳڻتي ظاهر ڪندي آڊيٽر جنرل کي معاملي جي مهيني اندر خاص آڊٽ جي هدايت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

مريد ڪي(ويب ڊيسڪ) مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ سبب 5 ڄڻا مارجي ويا. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے