24 آچر , جون 2018

نيوز: ڪراچي: رينجرز جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي، 8 جوابدار گرفتار

رينجرز ڪراچي  جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪندي 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

خواجا اجمير نگري جي علائقي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي جوابدار جنيد کي گرفتار ڪيو، جنهن جي سياسي وابستگي ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي. جوابدار ٽارگيٽ ڪلنگز سميت ڪيترن ئي ڏوهاري وارداتن ۾ ملوث آهي.

 هڪ ٻي ڪارروائي ۾ عيدگاهه جي علائقي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي 3 جوابدارن محمد راحيل عرف منا، مرتضيٰ خان عرف احسان ۽ عبدالرحمان عرف ماني کي گرفتار ڪيو، جنهن جو تعلق لياري گينگ وار سان آهي. جوابدار ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائيم سميت ڪيترن ئي ڏوهاري وارداتن ۾ ملوث آهن.

هڪ ٻي ڪارروائي ۾ جمشيد ڪوارٽر ۽ گڏاپ ٽائون جي علائقن ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي 3 جوابدارن محمد سليمان، ڪاشف مسيح ۽ آڪاش مسيح کي گرفتار ڪيو آهي.

جوابدار ڦرن سميت اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهن. ٽول پلازه جي علائقي ۾ رينجرز اسنيپ چيڪنگ دوران جوابدار  محمد رفيق کي گرفتار ڪيو………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chambar: Independent candidates Khair Mohammad and Mir Muhammad Kokhar started an election campaign

نيوز: چمبڙ: آزاد اميدوارن خير محمد ۽ مير محمد کوکر پاران چونڊ مهم شروع

چمبڙ ۾ قومي ۽ صوبائي تڪن جي آزاد اميدوارن خير محمد ۽ مير محمد کوکر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے