19 اڱارو , جون 2018

ڪلڀوشن جي امڙ ۽ گهر واريءَ جي بيواهن وانگر ساڻس ملاقات ڪرائي وئي: سشما سوراج جو الزام

نئين دهلي( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج چيو آهي ته پاڪستان ڪلڀوشن ياديو جي امڙ ۽ گهر واريءَ جو منگل سوتر، بنديا ۽ چوڙيون لهرائي بيواهن وانگر ساڻس ملاقات ڪرائي. ڀارتي پارليامينٽ جي مٿين ايوان راجيا سڀا ۾ پاليسي بيان ڏيندي سشما سوراج چيو ته پاڪستان طرفان ڪلڀوشن ياديو جي گهر واري ۽ امڙ کي هيسايو ويو،  اهڙي توهين ڪئي وئي جيڪا لفظن ذريعي بيان نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته مان ڪلڀوشن ياديو جي امڙ اونتي سان ملاقات ڪئي ۽ حوال احوال پڇا ته سندس اکين مان ڳوڙها لڙي آيا. هن چيو ته ڪلڀوشن جي ماءُ ٻڌايو ته ڪيئن پاڪستان سندس سهاڳ جي نشاني ختم ڪرائي، هن پاڪستانين کان روئيندي درخواست ڪئي ته هن ڪڏهن منگل سوتر نه لاٿو آهي پر زبردستي لهرايو ويو. سشما سوراج موجب ڪلڀوشن جي امڙ کيس ٻڌايو ته جڏهن مان ڪلڀوشن سان مليس ته سڀ کان پهرين هن پنهنجي والد بابت پڇا ڪئي ڇو ته کيس منهنجي ڳچيءَ ۾ منگل سوتر ۽ مٿي تي بنديا نظر نه اچي رهيا هئا، مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ساڙي نه لاٿي آهي پر پاڪستان مون کي شلوار ۽ ڪرتو پهرڻ تي مجبور ڪيو.  سشما سوراج چيو ته ڪلڀوشن جي گهر واري ساڳيا جوتا پهري ٻن مختلف فلائٽس ذريعي پاڪستان وئي جنهن دوران ايئرپورٽس جي نهايت سخت سڪيورٽي جوتن ۾ ڪابه ڪيمرا يا رڪارڊنگ ڊائس نه پڪڙي پر پاڪستان ڪوڙو الزام هنيو، هاڻي ڪوڙ پکيڙي رهيا آهن، اسان اڳ ئي خبر هئي ته هو ايئن ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The nomination papers of Pervez Musharraf, Farooq Sattar and Asadullah Khan were rejected

پرويز مشرف، فاروق ستار ۽ اسد الله ڀٽو جا نامزدگي فارم رد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي صدر پرويز مشرف، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاورق ستار ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے