18 جمعرات , جنوری 2018

حقيقت ۾ منهنجي امڙ جو قاتل پرويز مشرف ئي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مان بينظير ڀٽو جي قتل جو ذميوار ذاتي طور تي اڳوڻي فوجي سربراهه پرويز مشرف کي ئي سمجهان ٿو، جنهن حالتن جو فائدو وٺي منهنجي امڙ کي قتل ڪرايو. بينظير ڀٽو جي ڏهين ورسي تي هڪ انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان ان نوجوان ڇوڪري کي بينظير جي قتل جو ذميوار نه ٿو سمجهان جنهن 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي ۾ منهنجي امڙ تي حملو ڪيو هو. هن چيو ته ان دهشتگرد شايد گولي هلائي هجي پر مشرف منهنجي امڙ جي سڪيورٽي کي ڄاڻي ٻجهي هٽايو ته جيئن کيس منظر تان هٽايو وڃي. سندس چوڻ هو ته پرويز مشرف منهنجي امڙ کي سڌي ڌمڪي ڏني ۽ چيو ته سندس حفاظت جي ضمانت ساڻس سهڪار تي ٻڌل آهي، حملي واري ڏينهن مشرف بينظير جي سڪيورٽي هٽائي ڇڏي جيڪا ڳالهه اتفاق ناهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجي والد کي بينظير ڀٽو جي قتل جو ذميوار سمجهڻ مظلوم کي ظالم قرار ڏيڻ برابر آهي. هن چيو ته منهنجي امڙ جي قتل جي معاملي ۾ حقيقتن کي لڪايو پيو وڃي ۽ ميڊيا ذريعي هڪ خاص قسم جو تاثر ڏنو پيو وڃي جيڪو پرويز مشرف کي بچائڻ لاءِ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ ۾ چورن جي مافيا ويٺل آهي، ڏوهارين جي عزت نه ڪندس: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته پارليامينٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے