22 پیر , جنوری 2018

سپريم ڪورٽ طرفان شريف خاندان جي ملڪيتي ميڊيڪل ڪاليجن جا تفصيل طلب

لاهور( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ خانگي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ فين بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي دوران شريف خاندان جي ملڪيتي ڪاليج جي بئنڪ اڪائونٽس سميت ٻين تفصيل طلب ڪري ورتا. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ خانگي ميڊيڪل ڪاليجن طرفان وڌيڪ فيون وصول ڪرڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. پنجاب جي گورنر رفيق رجوانه جي پٽ آصف رجوانه عدالت جي سامهون پيش ٿي غير مشروط معافي طلب ڪري ورتي. عدالت جي پڇاڻي تي پنجاب جي گورنر جي پٽ آصف رجوانه ٻڌايو ته اسان جا ايڊووڪيٽ انجم سان خانداني لاڳاپا آهن، هو منهنجي والد برابر آهي، ڊاڪٽر فريد ايڊووڪيٽ انجم کي فون ڪرڻ لاءِ چيو هو، چيف جسٽس آصف رجوانه جي غير مشروط معافي قبولي ورتي. عدالتي حڪم باوجود شريف ميڊيڪل ڪاليج جي مالڪن جي عدم موجودگي تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته شريف خاندان جي ملڪيت شريف ميڊيڪل ڪاليج جا مالڪ ڇو نه آيا آهن جنهن تي شريف ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال ٻڌايو ته ڪاليج جو مين ٽرسٽ ميان نواز شريف آهي، کيس نوٽيس نه مليو آهي، جنهن سبب حاضر نه ٿي سگهيو. چيف جسٽس چيو ته پوءِ نواز شريف کي گهرايو وڃي. چيف جسٽس ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت کي ٻڌايو وڃي ته شاگردن کان ڪيتري في وصول ڪئي ويندي آهي، اسپتال جي بئنڪ اڪائونٽس ۽ ٻين تفصيلن کان به آگاهه ڪيو وڃي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته پئسا تعليم جي رستي ۾ رنڊڪ نه بڻجي، جيڪڏهن ٻارڙن جي داخلا لاءِ سرندي وارن سان رابطو ڪرڻو پيو ته ڪيو ويندو، ڇا ڪو اهڙو طريقو آهي جو فيس نه ڏئي سگهندڙ شاگردن جي به ڪنهن نموني داخل ممڪن بڻجي وڃي. چيف سيڪريٽري پنجاب چيو ته صوبائي حڪومت وٽ فنڊ موجود آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن يمن لاءِ 3 بلين ڊالرن جي امدادي رقم جي اپيل جاري ڪري ڇڏي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن يمن ۾ انساني بحراني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے