22 جمعو , جون 2018

اسان ڪڏهن به پيپلز پارٽي جهڙو اين آر او نه ڪيو آهي: احسن اقبال

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ )  وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته اسان ڪڏهن اهو اين آر او نه ڪيو جيڪو پ پ ڪيو، پارليامينٽ جو مدو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻي منزل طئي ڪنداسين. ڪوئيٽا ۾ پهرين ايگزيڪيوٽو پاسپورٽ آفيس جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته سياسي استحڪام ملڪي ترقي لاءِ آڪسيجن وانگر ضروري آهي، طاهر القادري ۽ مخالف ڌر اي پي سي کي ڌرڻي بدران قومي ٻڌي لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس بڻائين. هن چيو ته 2013ع ۾ دهشتگردي ايتري قدر هئي جو بلوچستان ۽ ڪراچي جا روڊ غير محفوظ هئا، چئن سالن بعد بلوچستان مان ڀنگ لاءِ اغوا جا آواز نه ٻڌا آهن، جڏهن ته گوادر کان ڪراچي ۽ ٻين روڊن تي ماڻهو بنا خوف سفر ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته اسان جو پاڙيسري ملڪ افغانستان جي ڌرتي استعمال ڪري سي پيڪ کي ناڪام بڻائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته جاسوس ڪلڀوشن ياديو اعتراف ڪيو ته سي پيڪ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڀارت ڪروڙين ڊالر استعمال ڪري رهيو آهي. احسن اقبال چيو ته اسان جو مقابلو ڀارت ۽ خطي جي ٻين ملڪن سان معيشت جي ميدان ۾ آهي، معيشت مضبوط ٿيندي ته ڪو ملڪ ميري اک سان ڏسي نه سگهندو. احسن اقبال ايگزيڪيوٽو پاسپورٽ آفس جي مختلف شعبن جو به معائنو ڪيو ۽ چيو ته  ڪوئيٽا ايگزيڪيوٽو پاسپورٽ آفيس جي اڏاوت تي هڪ ڪروڙ 80 لک رپيه خرچ ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته ڪوئيٽا ايگزيڪيوٽو پاسپورٽ آفيس بلوچستان جي پهرين پاسپورٽ آفيس آهي جتي جديد ترين سهولتون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. احسن اقبال چيو ته ايگزيڪيوٽو پاسپورٽ آفيس ۾ هڪ ئي وقت 80 ماڻهن کي سروس ملي سگهندي ۽ هڪ پاسپورٽ جي تياري ۾ 20 کان 25 منٽ لڳندا، جڏهن ته عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ الڳ جاءِ آهي جيئن ڏکيائي نه پيش اچي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪمانڊو ڪڏهن به ملڪ واپس نه ايندو: آصف علي زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پرويز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے