19 اربع , سيپٽمبر 2018

مُهين جو دڙو، سنڌو ۽ شاعري

ادل سولنگي

`                       اداسي اهڙي ڪيفيت آهي، جيڪا انسان کي اندر ۾ پيهي کيس گهڻو ئي تڙپائيندي  آهي، ڇاڪاڻ جو اداسي شاعراڻي ڪيفيت آهي، اهڙي ڪيفيت جيڪا ڪا به مند موسم ڏسڻ کان سواءِ اچي انساني اندر ۾ واسو ڪندي آهي. اداسيءَ جا پل پهر ، لمحا ۽ کن پل انساني اندر ۾ اُٿل مچائي ڇڏيندا آهن ۽ جڏهن اهڙي اداسي جي ڪيفيت ڪنهن سوچيندڙ ذهن تي لهندي آهي تڏهن شاعري پنهنجا پر پکيڙي اڏرڻ لڳندي آهي. اهڙي ڪيفيت جنهن ۾ نه رڳو اداسي پرانساني  پيڙائون ۽ ڀوڳنائون به هجن ته اهي ڪنهن به حساس انسان ۽ آرٽسٽ کي مجبور ڪنديون آهن ته هو ان اداسيءَ کي لفظ، رنگن، سازن ۽ آلاپن سان محسوس ڪرائي، جڏهن اهڙن پلن  کي پرکڻ لاءِ ڪو شاعر قلم کڻندو آهي، تڏهن الائي ڪيترا گيت، غزل، نظم، آزاد نظم، وايون، نثري نظم، دوها، سورٺا، بيت، سانيت، ترائيل لکي پنهنجي احساسن جو اظهار  ڪندو آهي، جنهن ۾ ان اداسيءَ جا عڪس اُڀريل هوندا آهن ۽ اهڙي اداسي جو ماحول، سنڌو جي سموري شاعريءَ ۾ محسوس ٿئي ٿو.  سنڌوءَ وٽ اداسي ڪيفيت بدران تخليقي عمل جي پيڙا جيان محسوس ٿئي ٿي، جنهن مان مسلسل سندس گذر ٿيو آهي، اداسي ڪنهن به شاعر جي اندروني دنيا جي احساسن ۽ منظرن جي مڪمل عڪاسي ناهي پر جيڪو ڪجهه منجهس نظر اچي ٿو، ان جو پنهنجو هڪڙو الڳ ٿلڳ مقام آهي.

سنڌوءَ کي نه رڳو علمي ادبي ڳوٺ يا شهر پلئه پيو آهي پر کيس ورثي ۾ ادب، سياست، روشن خيالي، سيڪيولرزم، تصوف، موسيقي، راڳ جون تهذيبي روايتون، تاريخ، ڳوٺاڻو فطري ماحول ۽ شهر جون سختيون، علم، تجربو، مشاهدو، عشق ۽ اباڻو، ڏاڻو شاعراڻو ورثو.

هونئن ته شاعري ڏات به آهي ته ڏانءُ به آهي ۽ ضروري ناهي ته ڪنهن شاعر جي پٺ ۾ سندس وڏڙا بيٺل نظر اچن، ڇاڪاڻ جو شاعري هڪ الڳ مرتبو آهي، الڳ مقام آهي ۽ هڪ الڳ جهان آهي.

ڏات نه آهي ذات تي،  جو وهي سو لهي.

اهڙي ريت سنڌوءَ جو شاعريءَ ڏانهن لاڙو هن جي مزاج جو مامرو آهي ۽ سندس پسند جو ميدان آهي ۽ ان ميدان ۾ سنڌوءَ جا ڇڙواڳ وهڪرا به محسوس ٿين ٿا ته سا نتيڪي به محسوس ٿئي ٿي.

سنڌو: مُهين جي دڙي جي مٽيءَ جي هڪ ڏات جي اهڙي مورتي آهي، جيڪا صدين کان لفظن جي جسم ۾ روح ڦوڪيندي رهي آهي، جنهن انساني اندر جي انتهائي حساسپڻي کي آلاپ ڏئي لفظن جا جيئرا جاڳيندا، احساس محسوس ڪرايا آهن.

سنڌو: سنڌ جي زرخيزيءَ جي ديوي آهي، اها سنڌو جنهن جي ڪنارن تي ويهي آڳاٽن لوڪن ويد لکيا هئا ۽ سنڌو تهذيب جي واکان ڪئي هئي، اها سنڌو جنهن، مُهين جي دڙي جهڙي عظيم شهر جي لوڪن کي هنر، ڏاهپ، آرٽ، زراعت ۽ واپار جي مهارت جي  خوابن ۽ سوچن جي ساڀيان ڏياري. سنڌو پنهنجي تخليقي وهنوار ۾ ان قديم سنڌوءَ جي وهڪرن سان زرخيز ٿيندڙ ڌرتيءَ جي ڪک مان جنميل آهي، جنهن سنڌوءَ دنيا جي تهذيبن کي جنم ڏنو، مُهين جي دڙي جي ڀر ۾ ٻلهڙيجي واسي سنڌو جيڪا شاعرا آهي.

اداسي

سنڌو پيرزادو جي شاعري جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ نظم، غزل، گيت، وايون، سانيٽ، نئين صنف، دهري، نثري، نظم، آزاد نظم ۽ پابند نظم شامل آهن.

اسان جو ڳوٺ وارو گهر نظم، ان جو پس منظر بيان ڪندي هن نظم ۾ سنڌوءَ جي اندر ۾ ڇوليون هڻندڙ احساساتي سنڌو اٿلندي محسوس ٿئي ٿي، جڏهن ته ان نظم ۾ يادن جا عڪس به آهن ته آڳر تي ڪچهريون ڪندڙ ان گهر جون ڀاتياڻيون ۽ ڪيترائي شخق به آهن، آڳر مٿان کڙيل چنڊ جو منظر آهي ته ٽالهيءَ جي وڻ جي اڪيلائي به محسوس ٿئي ٿي، هڪ ننڍڙي نينگريءَ کي پنهنجي ننڍ پڻ جي راندين جون ساروڻيون به آهن، هو  ڀريي تريي گهر جي آڳر ۾ جڏهن اڪيلي آهي ته هوءَ ويتر اداس ٿي وڃي ٿي ۽ پنهنجي محرومين ۽ پيڙائن جو پيرائتو احوال پنهنجي نظم ۾ ڪري ٿي، پنهنجي ماضيءَ کي ساري ٿي، انهن گذريل ويل پلن کي محسوس ڪرائي ٿي، جن پلن ۾ هن آڳر تي ڪي ٽهڪ ٻريا هئا، ڪيئي ڳيچ ۽ سهرا ڳايا ويا هئا ۽ ڪيترائي ساوڻ ۽سيارا هن آڳر ۾ پنهنجي نيڻن ۾ آئيندي جا خوبصورت خواب اُڻيا هئا، پنهنجي ڏاڏيءَ ۽ نانيءَ جي پيار ۽ پنهنجائپ جي ٿيندڙ پالوٽ جا منظر، امڙ جي ٻاجهه ۽ پيءُ جي شفقت، اوڙي پاڙي جي ٻارڙن سان کيڏيل رانديون، جوڀن ڏانهن وڌندڙ وکون ۽ اڪيلائين راتين جي گروي هجڻ جي ڪٿائون، جيڪي نه رڳو سندس نيڻن مان لڙڪ ٽمائن ٿيون پر دل ۾ هڪ درد جي سٽ به اُڀارين ٿيون، گهر جا ڪمرا ۽ ورانڍو خالي ڏسي اداس ٿي وڃي ٿي، جيڪا اداسي سندس هن پنهنجي ڪتاب مان ماٽ جي ڇاٽ بڻجي انساني روح مٿان ڄڻ ڪو وارُ ڪري ٿي، هن نظم۾ ان ننڍڙي نينگريءَ جو ٻالڪپڻ، رانديون، جوڀن جا خواب، ڄڻ ته گروي رکيل آهن، جن جو وياج ڀرڻ لاءِ هن کي روح جي رولاڪي ڀوڳڻي پوي ٿي، ڳوٺ کان مونندي هن جي اندر مان اداسي اُمالڪ ڪنهن چمڪندڙ ڦٽ مان رت پونءِ جيان ايذاءُ ڏئي نڪري ٿي ۽ نظم جي پڄاڻي هنن لفظن سان ٿئي ٿي ته: .

ڳوٺ وساري واپس  ٿيان ٿي!

دل جي ناول جو ڄڻ ڪوئي،

باب وساري موٽان ٿي،

ڳوٺ اهو ڄڻ ننڍپڻ ڪو،

خواب وساري موٽان ٿي!!

ڳوٺ ۽ شهر جي ٻه واٽي تي بيٺل سنڌو ڳوٺ کي وساري نٿي سگهي ۽ پٿريلي شهر ۾ هوءَ گهاري نٿي سگهي، اهو سنڌوءَ جو توڙي جو انفرادي ڏک آهي، پر نظم، اجتماعي، انساني محرومين، پيڙائن ۽ ڀوڳنائن جو احساساتي  اظهار محسوس ٿئي ٿو، جنهن ۾ هر اهو جيءُ آهي  ۽ جنهن پنهنجي ڳوٺن سان رشتو، ناتو ڇني ڇڏيو آهي، انهن جي زندگيءَ جو المياتي قصو آهي، جيڪو پنهنجي فطري ماحول کان پر انهون ٿيوآهي.

ورهاڱي ويل جن پنهنجي ماتر ڀوميءَ ۽ ڀريل تريل گهر ڇڏيا هوندا. انهن جي مٿان ڪيتريون وڄون ڪڙڪي ڪريون هونديون، جيڪي  رت جا درياهه ۽ روين جي لوڻياٺي رڻ مان اڪريا هوندا، مون کي  حبدار سولنگي جو اهو نظم نظم روئاريندو آهي، جنهن ۾ هن سئو ڪمرن وار حويلي ۾ رهندڙ” ڳيريلي شهر“ جي سيٺ ڪوٽو مل تي نظم چٽيو هو. نظم سچ پچ انساني اندر جي سموري وارتا بيان ڪرڻ جو انتهائي وسيع ۽ موڪر رکندڙ ميدان  آهي، جنهن تي تخليق جا ڪيئي ڪُميت ڊوڙائي سگهجن ٿا، دنيا جي ادب ۾ نظم اهڙي صنف آهي، جنهن جي آڌار تي تمام گهڻن شاعرن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ جن مهارتون ڏيکاريون آهن.

ٿر جو نوحو

اهڙو نظم آهي،جيڪو ٿر جي صدين جي ڏڪار ۽ اوٿرن ۾ اڏامندر واري اڃ ۽ رُڃ جي ڪٿا ڪاري آهي.

اهائي بک ساڳي آ،

صدين کان اُڃ ساڳي آ،

اهي ئي ڏک مارن جا،

صدين کان رُڃ ساڳي آ،

هي نظم  ٿر جي ڏکايل انسانن جي اجتمائي درد ڪٿا آهي.

اڃا ڀي مارئي ٿر جي،

ڀري ٿي کوهه تان پاڻي.

هن نظم ۾ انساني حقن جي پائمالي خلاف ، احتجاج به آهي ته حڪمرانن جي بي حسي جي ڪهاڻي به آهي، جن هڪ طرف بم، بندوقن، ٽينڪن، توبن، بمبار جهازن ۽ ايٽمي هٿيارن جا انبار ته گڏ ڪري ورتا آهن پر ٿر جي اڃ اجهائڻ لاءِ ڪا به اهڙي رٿا ۽ رستو جوڙي ناهن سگهيا، جنهن سان انساني اُڃ جو اُجهاءُ ممڪن ٿي سگهي. هڪ انسان دوست تخليقڪار جو اهو قومي فرض آهي ته هو پنهنجي ڌرتيءَ تي وسندڙ انسانن مٿان ٿيندر هر ظلم ۽ زيادتيءَ خلاف تخليقي شعور سان مزاحمتي ڪردار ادا ڪري ڏکويل ۽ محروم انسانن جي ڌرُ ٿي سامهون اچي ۽ حڪمرانن جي اهڙي روش خلاف پنهنجي قلم جو ڀرپور استعمال ڪري پاڻ موکي ۽ ڌرتيءَ جي مٿان مڙهيل آپي شاهي راڄ خلاف پنهنجو احتجاج نوٽ ڪرائي.

ليبر ڊي: هڪ مختصر پر جامع نثري نظم آهي

جنهن ۾ سموري دنيا جي پورهيتن جي انساني حقن جي گهر ڪندي حڪمرانن جي پورهيت ۽ انسان دشمن پاليسين ۽ انهن پاليسين تي عمل ڪرائيندڙ بيوروڪريٽس کي  نوازڻ ۽ ملڪ جي اڏاوت ڪندڙ پورهيتن جي حقن تي ڌاڙو هڻندڙن خلاف ڀرپور نندا ۽ احتجاج آهي.

سِرن ٺاهڻ، گارو ڍوئڻ،

۽  لوهه ڪُٽڻ وارن،

اڄ پنهنجو ڪم ڪيو!

ڪيترن ئي ڪارخانن، پلن ۽،

نئين ٺهندڙ عمارتن،

۾ به  ڪم جاري رهيو!!

گند ميڙڻ ۽ ٻُهارڻ وارن،

به اڄ پنهنجو ڪم ڪيو،

گهرن ۾ ڪم ڪندڙ مايون،

صرف آچر تي موڪل ڪري سگهن پيون.

۽ اڄ آچر نه هو!

اڄ صرف آفيسون بند هيون.

۽ آفيسرن کي ،

مزدورن جي عالمي ڏينهن جي،

موڪل هئيٰ

وڏا اڱڻ نظم

اسان جو ڳوٺ،

جنهن تي پر امن ۽ پر فضا ماحول،

شهر جي ٻوساٽيل فضا ۾،

هر وقت ياد اچي ٿو،

اُن ڳوٺ ۾ هڪ اسان جو گهر هو،

جنهن کي هڪ وڏو اڱڻ هو،

جنهن کي روز صبح ساجهر جو،

اسان جي ڏاڏي ايئن ميڙيندي هئي،

ڄڻ هوءَ گهر جا سڀ ڏک به،

ميڙي ڪڍي ڇڏيندي هجي.

هن نظم ۾ چانورن، انبن، بتي ٻرڻ، کوهيءَ تان پاڻي ڀرڻ، ٻارڙن کي  کٽن تي سمهاري لوليون ڏيڻ جي منظرن ۽ احساسن جو اظهار ڪيو ويو آهي.

ٻوڏ نظم

سنڌ جا هي پيچرا، دڳ سارا،

واٽ واهڻ جي اچڻ جا سڀ اشارا،

انتظارن جا نظارا ڄڻ ٻڏي ويا،

اڄ ته درياهه جا ڪنارا سڀ ٻڏي ويا،

ٻارڙن جون ٻوڏ ۾ رانديون

ڳيچ سهرا، ڪاڄ شاديون،

سڱ، رشتا ۽ محبت جون ڪهاڻيون،

آس ۽ اميد جا ڌاڳا ٻڏي ويا!!

جهوپڙيون، رَليون ٻڏي ويون،

مال ۽ ٽليون ٻڏي ويون،

کيت پارا پوک ۽ وَليون ٻڏي ويون!

 

بس بچي آ هوڏ جيڪا،

حڪمرانن جي مٿي تي،

بادشاهي تاج وانگر،

اڄ به جا چمڪي رهي آ،

اڄ به جا چمڪي رهي آ.

نظم

هي! اهڙي ٻوڏ جو منظر چٽي ٿو،

جنهن ۾ انسان جو سڀ ڪجهه،

لڙهي ويو آهي، بس جيڪڏهن،

رهيو آهي ته حڪمرانن جو،

آپي شاهي راڄ.هُٺ ۽ وڏائي

نظم روئي به نٿا سگهون

درياهه جي سڪي وڃڻ جا منظر آهن، جنهن ۾ ڪڏهن ٻيڙيون هلنديون هيون، اتان جڏهن واري اڏامڻ ٿي لڳي، هن نظم ۾ ننڍ پڻ جي انهن احساسن جو ذڪر آهي، جڏهن درياهه ۾ ٻيڙيون هلنديون هيون.

نظم ڪجهه يادون

هن نظم ۾ هڪ ڳوٺ آهي، ڳوٺ جون گهٽيون آهن، گڏين جي راند آهي، مٽيءَ جا رانديڪا آهن، پلي، ڦريون،ڦوٽا پٽڻ جا منظر آهن ۽ ڳاڙهن ٻيرن جا کٽا مٺا احساس آهن.

پٿر جو شهر!

پٿر جي دل ۽،

پٿر جون نگاهون!

پٿر جا هي ماڻهو،

پٿريليون هي پناهون،

پٿر جو شهر آ،

جتي ڪو به جذبو،

نه دل ۾ لڇي ٿو،

جتي پيار چاهت،

به آهي ويڳاڻي،

جتي رت جا سڀئي،

رشتا به پٿر. !!

پٿر جي شهر ۾ وسندڙ پٿرن جهڙن ماڻهن جي  روين جي ڪٿا ڪاري هن نظم جو روح آهي، جنهن ۾ سنڌوءَ ڪيترائي ورهيه رهندي به روح جي رولاڪي ۽ خيالن جي خانه بدوشي ڀوڳي آهي، جيڪو هن شهر جو وڏو  الميو آهي ته هيءُ شهر انساني احساسن کان خالي خالي شهر آهي.

ڳوٺ جي گهٽين ۾ ساڳيا منظر ڏسڻ ۽ ننڍ پڻ وانگر راندين کيڏڻ جي سڌَ آس، اُميد ۽ تمنا ڏيکاريل آهي.

دهري هيءَ نئين صنف آهي.

جنهن کي دهريءَ جي سرين جيان لکيو ويندو آهي، دهريءَ ۾ گيت ۽ نظم واري ڪيفيت مزاج ۽ احساس هوندا آهن، جنهن کي ٻوليءَ جي جماليات سان اڻيل ڏيکاريو ويندو آهي.

خوشيون، خوشبوءِ وانگر مهڪيون،

ڏيئا ڏيئا رات آساري،

جڳ مڳ، جڳ مڳ سار امنظر،

ڏياريءَ جي آ رات الا!

هن نظم ۾ سنڌ جي، اوائلي سماج جي منظر ڪشي ڪئي وئي آهي، جنهن مان شاعر جي پنهنجي سماج جي پرتن سان ڳانڍاپو ۽ هڪجهڙائي محسو ٿئي ٿي.

ڏيئا ڏيئا رات نظم..

ساڳيو ئي ڳوٺاڻو، ماحول، فطرت جون ڳالهيون ۽ انساني اندر جي اڪيلائين محرومين، اُلڪن، اڌمن جو وستار آهي.

سانوڻ رت ۾ ڏيئن وانگر،

اڀ تي ڪيڏا تارا آهن!

تارن جو سانوڻ رت ۾ ڏيئن جهڙو منظر ڏيکاريل آهي، جنهن ۾ اهو خاص مند جو منظر ڪري ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته تارن جو کڙڻ ڪنهن به مند جي محتاجي وارو عمل نه پر مندن موسمن کان مٿاهون ۽ مسلسل عمل هوندو آهي.

اسا جي ديس جو شاعر……نظم

خوبصورت شاعر حسن درس کي خوبصورت لفظن جي ڀيٽا ڏنل آهي، هن نظم ۾ اندر جي احساسن جون ڇوليون آهن، جيڪي انساني روح کي انهن جذباتي وهڪرن ۾ لوڙهي وڃن ٿيون ، خوبصورت لفظن ۾ انساني احساسن جو ڀرپور اظهار ڪري ٿو.

ٻرندڙ اکيون…! نظم

جنهن ۾ ڳوٺ، ٿڌيون هوائون، ننڍڙو قبرستان، وڻن جا جهڳٽا، هڪ ننڍڙي قبر جو  منظر، ڏاڏيءَ جي اوسيئڙن ۽ انتظارن جو احساس، مٽيءَ جي چُلهي جو ذڪر، عيد تي ڳوٺ اچڻ جا نياپا، زندگيءَ ۾ ٻاجهه جا ڀاڪر پائڻ واري ڀرپور احساس جي وارتا/ڪٿا بيان ڪيل آهي.

تون مون کي ايئن وڻندو آهين!

هي نظم…….

انتهائي احساساتي ۽ رومانوي  آهي، جنهن ۾ مينهوڳيءَ جي مند، سمنڊ ڪنارو، لهندڙ سج جو منظر، سنڌوءَ ڪناري ٻيڙيون، مُهين جو دڙو، بين جو سُر ۽ آلاپ، رات جي راڻي جي خوشبو. فيض احمد فيض، پروين شاڪر، قرت العين حيدر، امرتا پريتم، جگجيت، چنڊ جو جوڀن، سرد رات جي سانت ۽ پرينءَ جون اکيون آهن.

اداسي.

اداسي هيءَ سکي منهنجي!ڪا ننڍ پڻ جي سهيلي آ!!

 

هي ڪتاب جي ٽائيٽل وارو نظم آهي، جنهن جو پس منظر به ڳوٺاڻو آهي، جنهن ۾ ننڍ پڻ جون يادگيريون آهن، هي نظم اداسيءَ جا سبب ۽ ڪارڻ محسوس ڪرائي ٿو، سنڌوءَ جو مزاج نج فطري ڳوٺاڻو آهي، هوءَ اڄ به پنهنجي پٽ سونو جهڙي ٻارڙي آهي، جنهن جي مَنَ ۾ چَنڊ کي لاهي اچڻ جي تمنا آهي، سمنڊ کي اندر ۾ اوتي ڇڏڻ جي اُڃ، رڻ ۾ رابيل پوکڻ جو احساس، درياهه ۾ ٻيڙن ۽ سڙهن کي ڇُلندي ڏسڻ، ڏاڏيءَ جي ڪڇ تي چڙهي گهمڻ جي آس ڪر کڻندي محسوس ٿئي ٿي.

آزاديءَ جو سپنو…….نظم

جنهن ۾ پکين ، هوائن، درياهن، سمنڊ ڪنارن جي آزاديءَ جو ذڪر آهي، جڏهن ته هن نظم ۾ هڪ سوال به آهي ته اسان جا ڳوٺ شهر وستيون واهڻ ڇو آزاد ناهي، زرخيز زمينون، کيت ڪتيون، چيٽ تارا، گروي هجڻ جو ڏک ”اداسيءَ “ جو بنياد آهي، سنڌ جي سماج ۾ مڙهيل انتهاپسندي، ڌارين جون يلغارون، آپگهاتي بمبار، فرقيواريت، نياڻين جو اڀمان ٿيڻ جو ڏک، آزاديءَ جو، سپني جو ساڀيائن جي رڻ ۾ اُلڻ ۽ ڀٽڪڻ جو درد، پيڙا، داسيءَ جو سبب ٿين ٿا.

ورهاڱي کانپوءِ پيدا ٿيل چوٿين پيڙهي سان تعلق رکندڙ سنڌو پيرزاديءَ جي شاعريءَ جي ڪتاب ” اداسي“ احمد سولنگي، جنهن هن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لکيوآهي، جيڪو اڄ جي شاعراڻي دنيا ۾ تخليقي شاعريءَ جو اهم نالو ۽ حوالو آهي. ان شاعريءَ جي حضور ۾ لکندي چيو آهي ته:.

ماءُ جي مقدس مامتا ۽ محبوبا جي لازوال مُرڪَ جهڙي شاعريٰ

عمر جي هر پل جو وڇور اڄ تنهنجي آڏو ظاهر ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇاڪان جو شايد اهڙو ليکو چوکو عمر جي آخري گهڙيءَ تائين ڪنهن سان به ڪري نه سگهان يا پاڻ ۾ اهڙو ست ساري نه سگهان. سبب انيڪ ٿي سگهن ٿا پر پنهنجي زندگيءَ جو سمورو سچ تنهنجي آڏو آشڪار ڪندي ڀانيان ٿو ته ايندڙ زندگي گذارڻ مون ، لاءِ وڌيڪ سهنجي ٿي پوندي، مان وڌيڪ اعتماد ۽ اطمينان سان تنهنجي ٻانهن جي پناهه هيٺ جي سگهندس، ٻي طرح جيئڻ لاءِ ڪنهن شخص کي ڪيتريون ئي مختلف پناهون، نصيب ٿي سگهن ٿيون، جن سڀني کي مون تياڳي ڇڏيو آهي.

اڄ مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته زندگي ڏکي آهي پر لفظ پنهنجي ليکي وڌيڪ ڏکيا ۽ شڪل هوندا آهن، انهن جي معنيٰ ۽ مفهوم کي فقط پنهنجي درد جي احساس ذريعي ئي سمجهي سگهجي ٿو.

احمد علي سولنگي، جنهنجو جو مڃڻ ۽ چوڻ اهو آهي ته سنگتراش جي جذبي ۽ ذهن ۾ ڪو به حسين مجسمو پهرين جنم وٺندو آهي، ها! اهو فنڪار ان جسم جا غير ضروري پٿر پنهنجي ڇيڻيءَ ۽ هٿوڙيءَ سان ضرور هٽائيندو آهي پر اهو جسم حقيقت ۾ سنگتراش جي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڳئي جنم وٺي چڪو هوندو آهي.

چترڪار جي ساڌنا، رنگن جي چونڊ کان پهرين پنهنجي درد جي اڪيلي رياست ۾ رلندي آهي، اهو ڀٽڪاءُ يا آوارگي آرٽسٽ جي خود ميراث به آهي ته ان جي اشانت من جي شانتي ۽ آنند پڻ.

درد جي سَمضني جو پهريون ۽ آخري سِرو موسيقار جي من جي خاموش ڪُنڊن ۾ ڪنهن آبشار وانگر ڦٽندو آهي. ڇڙو لاڳ سُرن جي تخليق، ترتيب ۽ تقسيم موسيقار جي من جي ويا ڪلتا سان ئي واسطو رکي ٿي.

نرت آس پاس جي ماحول/مانڍاڻ کان پهرين نرتڪي جي ساهه جي سرگم ۾ پيدا ٿيندو آهي، لئيءَ/تال جو بدني مظاهرو، روح جي رياضت کانپوءِ ئي جڳ جي لاءِ مسرت ۽ سڪون جو سبب بڻجندو آهي.

سوال اهو آهي ته ڇا ڪو به آرٽسٽ اندر جو عياش هوندو آهي ؟يا انهيءَ جي ڪَهل جي ڪرمَ سان به ڪا وابستگي هوندي آهي؟ ڇو جو هڪ حساس دل آرٽسٽ جي پهرين ۽ آخري پناهه گاهه درد جي غار حرا ئي هوندي آهي.

درد زندگيءَ جي مُرڪ، قوت ۽ ان جي سُندرتا جو آئينو هوندو آهي، درد زندگيءَ جي سڦلتا آهي، درد ميري ءَ ۽ ڌنڌليءَ سانجهه جو سفر  به انهن کي نصيب ٿيندو آهي، جن کان قدرت/فطرت کي گهڻو ڪجهه وٺڻوهوندو آهي.

دردُ پيري آهي، زندگيءَ جي چور دروازن تائين پهتل سڀني پيرَ هُن ليڪي رکيا آهن، هن جي ليڪي پاتل سچ کي وقت لنوائي نه سگهندو، درد اهو ڀاڳوند ڀاڳيو آهي، جيڪو پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي به اڻ هوند ۽ خالي پڻي ۽ ان جي حاصل   ڪيل اندر جي خوشحاليءَ مان هو پنهنجي آس پاس کي اڻ ميودان  ارپي ٿو.

اهو سچ آهي ته شاعري پرسنل/ذاتي تاريخ به هوندي آهي، جنهن تخليق ۾ ذات جا اليما، سور سپنا، وڍ واڪا، بي واجبيون، تلخيون، چهڪ چير، سزائون، ڪٿائون، جبر، رشتا ناتا، تڪليفون، اهنج، ايذاءَ ادائون، روڳ رسوايون، زخم ۽ لڙڪ نه آهن ته اُها تخليقي پنهنجو اصلوڪو روپ ڌاري نٿي سگهي. پنهنجيون سڀ خوبيون پوريون ڪندي هجي پر اها پنهنجي دور جي سچ کي ڪڏهن به پائي نٿي سگهي.

شاعري درد جي مياڻ مان نڪتل اُها  تکي تلوار آهي، جيڪا هر دور جي تارونءَ تي ترندي آهي، ڇاڪاڻ ته درد ئي هر دور ۾ پنهنجيءَ پنهنجيءَ نوعيت سان موجود رهندي پئي آيو آهي.

شاعري! ۽ شراب جي رشتي کي ڳنڍي رکڻ جي روايت جيتوڻيڪ ننڍي کنڊ جي دهليءَ جي ” گلي باران قاسم“ کان وٺي سکر جي ” جنات بلڊنگ“ ڪوئنس روڊ ۽ ڪراچيءَ جي ” ڪلفٽن برج“ تائين ساڳي رهي آهي، جيڪا هاڻ درد جي تقاضا به آهي ته التجا پڻ! چئي نٿو سگهجي ته ڪنهن وقت ڌيان جو دئار درد جي دستڪ تي کلي پوي ۽ شاعري! تون اجين جي شهزادي جيان من جي محل ۾ پيهي اچين.

شاعري تون سمجهين ٿي ته ايڪهين صديءَ جو  نئون ڪئنواسي آيل عالمي تبديلين پٽاندڙ جڙي راس ٿي رهيو آهي، نسلي گروهن ۽ لساني تعصب گذريل صديءَ کي جيڪو ڦريو، لُٽيو، چيريو ڦاڙيو آهي، انهن گهاون جا نشان اڄ انسان جي معصوم ۽ بيوس چهري تي ظاهر ٿي بيٺا آهن، جن کي ڀريندي ڀريندي اڄ نون تضادن ، سوالن ۽ جوابن جنم ورتو آهي.

اڱڻ ڪنهنجو به هجي پر اهو پنهنجي اڱڻ کان ڪنهن به ريت ڪوجهو ۽ گهٽ نه سمجهڻ گهرجي.

ڌرتي ڪنهن جي به هجي پر جيڪا ڇڪ ۽ مهڪ پنهنجي ماترڀوميءَ منجهان ئي ماڻي سگهجي ٿي، اهڙي خوشبو ۽ انهيءَ جي امرتا جو احساس ڪنهن به پل،  پنهنجي ماتر ڀوميءَ منجهان محسوس ڪري سگهجي ٿو.

ڪنهن به ماءُ جو احترام، پنهنجي ماءُ جي احترام جي برابر هوندو آهي، ماکيءَ جو ميٺ سڀني لاءِ هڪجهڙو هوندو آهي.

هوا آزاد آهي، انهيءَ جي حد نشان جي خبر فقط خلائن منجهان ئي لڳائي سگهجي ٿي.

چند فطرت جو فانوس ته سڀني جي لاءِ ئي آهي، سمنڊ دنيا جي سڀني عاشقن جي لاءِ هڪ جهڙو اتساهه جو سبب پئي رهيو آهي. بک جو احساس سڀني جي لاءِ ساڳيو ئي هوندو آهي.

آسمان جي ڪشادگيءَ آڏو ڪير پنهنجون اکيون ٻوٽي سگهي ٿو؟، اها! ٻي ڳالهه آهي ته سڀ کي پنهنجي پنهنجي ريت، پنهنجي ڌرتي، پنهنجا پيغمبر، سپنن جي پنهنجي مالها، پنهنجي دلدل، پنهنجو رستو، پنهنجي منزل ۽ پنهنجا گهاو هوندا آهن.

جيڪڏهن ڪنهن لمحي محسوس ڪجي ته سور جي سٽ جو احساس ۽ عالمگيريت جي اُڻ تُڻ، جيڪا ڪالهه ڪافڪا، موپاسان، البرٽ ڪاميو، آسڪر وائيلڊ، ماريارلڪي، زاڪ ديدا ۽ رولان بارٿ جي هانون ۾ هري  رهي هئي، اڄ اُهائي شدت، گارشيا مارڪيز، ٽرانسٽومر ۽ سميس هيني جي ڇاتيءَ ۾ دل وانگر ڌڙڪي رهي آهي.

۽ اسان جو ڀٽائي!

جنهن داخليت کان مٿڀرو ٿي فرد کي فراريت کان بچائي ورتو آهي، اها يا ته اعليٰ فڪر جي وشالتا آهي يا ٻوليءَ جو وسيع پڻو، جنهن ٽن صدين جي وڇوٽيءَ کي ختم ڪندي ان کي اڄ جي درد جي ڪيفيت سان ڳنڍي ڇڏيو آهي.

پهرين ۽ ٻي مهاڀاري جنگ ۾ جيڪو رت وهايو ويو، اهو اڃا تاريخ جي سفيد ڪفن تان سڪو نه آهي.

هيروشيما ۽ ناگا ساڪيءَ جا ڦٽ اڃا تائين چڪندي محسوس ٿي رهيا آهن.

قرآن پاڪ ۾ آيل آهي ته ” لا اکراة في الدين“ جنهن جي معنيٰ ڄاڻائي وئي آهي ته : دين جي باري ۾ ڪو به جبر نه آهي، پر ڀانت ڀانت جي رياستن ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، انهيءَ کان ڪهڙي اک چشم پوشي ڪري سگهي ٿي؟

* رسول اڪرم عالمگريت، اتحاد، محبت ۽ مساوات جي تعليم ڏئي ٿو، نفرت، عداوت ۽ تعصب کي ختم ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو. اڄ مان سوچيان ٿو ته شاعري! جيڪڏهن تون عالمي ڪلچر جو حصو نه ٿي سگهندينءَ ته تون اگهامڻ جي لائق نه رهي سگهندينءَ ! پر اهو وسارڻ نه گهرجي ته عالميت جي اهڃاڻ جو آواز به انهيءَ شاعريءَ منجهان اُڀري سگهي ٿو جيڪا شاعري پهرين پنهنجي ڌرتيءَ جي درد جي دانهن کي سمائي سگهندي.

درد جيڪو سڀني کي هڪ ٻئي سان جوڙيندو آهي.

اچو سورن واريون، ڪريون سور پڇار !!

انهيءَ عظيم درد ئي ” بالزاڪ“ ميلان ڪنڊيرا“ جهڙن صدين جي سرجڻهارن سان سنمک ڪرايو آهي، جن پنهنجي تخليقن وسيلي انسان جي روشن آئيندي جو ڏس ڏئي ان کي خوف جي ڪاري  ۽ منحوس رات مان ڪڍي سچ ورنو سج ڏيکاريو آهي.

ڪتاب ”خواب آواز پکي “ تان ورتل.

سنڌوءَ جي شاعراڻي پرک ڪندڙن ۾ اسان جو نهايت ئي سگهارو تخليقي شاعر امداد حسيني به شامل آهي. جديد سنڌي شاعريءَ جي هاڻوڪي زماني جي ذهين ۽ خوبصورت شاعري تخليق ڪندڙ شاعرا روبينا ابڙو اداسيءَ جو مهاڳ لکيوآهي، جنهن سنڌوءَ جي شاعريءَ بابت پنهنجي علمي ۽ تنقيدي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته : .

شاعريءَ  سنڌو جي روح مان ڦٽي نڪري ٿي.

سنڌوءَ جا گيت، غزل نظم،  آزاد نظم، نثري نظم، وايون، دُهريون، سانيٽ سنڌيءَ شاعريءَ جي چنريءَ مٿان ڪنهن نيروليءَ ۽ ڪنهن رنگريز جا چٽيل چٽ محسوس ٿين ٿا، سنڌو پنهنجي انفرادي محرومين، اداسي، پيڙا ۽ڀوڳنا کي ڪويتا جي روپ ڏئي پنهنجي نازڪ ۽ نفيس جذبن جو احساساتي اظهار ڪيو آهي. سنڌوءَ جي مزاج ۾ رچيل ڳوٺاڻو فطري ماحول واسو ڪري ويٺل آهي، جيڪو وڏي شهر ۾ رهندي به مٿس حاوي رهيو آهي. ڌرتيءَ جي لوڪن جون سموريون محروميون، اهنج، ايذاءَ، اڻ برابريون، تلخيون، ڪاوڙيون، احتجاجي انداز ۾ ” اداسيءَ “ جو روپ وٺي نروار ٿين ٿيون. اداسي اجتماعي انساني درد جو روپ ڌاري ڌرتيءَ جي دانهن بڻجي اُڀري ٿي، جنهن ۾ ننڍ پڻ آهي، جواني آهي، ڳوٺ آهي، شهر آهي ۽ ڪيئي الميا، حادثا، واقعا آهن، جن جو سنڌوءَ بيباڪيءَ سان اظهار ڪيو آهي، توڻي جو سنڌو ڪٿي ٻوليءَ جي ڄاڻ کان لاپرواهي ڪندي به نظر اچي ٿي ۽ ڪٿي غزل ۾ آندل قافيه ڪجهه هيڻا/ڪمزورمحسوس ٿين ٿا. قافيه هم شڪل، هم آواز/ هم اُچار هجڻ سان شاعري جي جماليات ۽ ترنم گهڻو مٿاهون ٿئي ٿو، جيڪو شاعريءَ لاءِ نهايت ئي ضروري آهي.

ڪا سار ساهمي آ،

بس درد دائمي آ.

جنهن جي لاءِ سائين امداد حسينيءَ لکيو آهي ته: سار جي ساهميءَ ۾ درد جوئي پڙ ڳرو آهي، درد ئي شاعريءَ جي وڻ جو ٻج آهي ۽ ٻج جيترو نج هوندو، زمين جيتري ڀلي ۽ ڀاڻيتي هوندي وڻ اوترو ئي ڇٽ وارو ٿيندو، جيڪو اسان کي ڦَلُ ڦُلَ۽ ڇانورو ڏيندو. لوڪن کي ڪهڙي سُڌ ته  اهو ٻج دل جي ڌرتيءَ ۾ پوکيو ويندو آهي ۽ ڦوٽهڙي کان   سُلي ۽ سَلي کان وڻ ٿيڻ تائين اُن کي لڙڪن جو مينهن ٿڌن ساهن جي هوائن سان تاتيو ويندوآ هي!”

سنڌو“ جي شاعري پڙهندي لڳو ته هوءَ به انهن مرحلن مان اُڪري رهي آهي ۽ هن اٿاهه وقت جي وهڪري مان، ڪجهه موتي هٿ ڪري لفطن جي روپ ۾ اسان جي آڏو پيش ڪري رهي آهي.

اسان جي شاعري  ته اوهان جي آس پاس آ.

اسين ُان شاعري جي ڪيترو آس پاس آهيون؟ اسان وٽ انهن موتين جو، لفظن جو ۽  احساسن جو ڪهڙو مُلهه آهي؟ انهن سوالن جا جواب اسان کي ئي ڏيڻا آهن. پنهنجو پاڻ کي شاعر/شاعرا کي ته اڳتي وڌي وڃڻو آهي، ٻي تخليق ڏانهن ۽ نت نئين تخليق ڏانهن، هڪ نئين منظر ڏانهن ، هڪ نئين درد ڏانهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوءِ سوال ته ٿيندو…!

شفيق الرحمان شاڪر اڄ کان اٽڪل 22 سال پهرين عمران خان هڪ سياسي پارٽي قائم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے