18 جمعرات , جنوری 2018

ڏهن سالن جو ڳُجهه: بينظير ڀٽو جو قاتل ڪير؟

اوئن بينيٽ جونز

بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين عورت هئي، جنهن کي ڪنهن ملڪ جي سربراهيءَ  جو موقعو مليو، پر ڏهن سالن ۾ وڌيڪ بهتر نموني سمجهه ۾ آيو ته پاڪستان جو نظام ڪهڙي نموني ڪم ڪري ٿو، بجاءِ اهو  معلوم ٿيڻ جي ته ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڪنهن ڏنو هو.

ڊسمبر 2007ع ۾ بينظير ڀٽو کي 15 سالن جي بلال خودڪش ڌماڪي جي مدد سان قتل ڪري ڇڏيو، ان وقت بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ جي لياقت باغ کي چونڊن جي سلسلي ۾ هڪ ريلي کي خطاب ڪري واپس وڃي رهي هئي، جڏهن بلال  هن جي گاڏيءَ جي ويجهو ويو، پهريان کيس گولي هنئي ۽ ان کانپوءِ پاڻ کي اڏائي ڇڏيو، بلاول اهو حملو پاڪستاني طالبان جي حڪم مطابق ڪيو.

بينظير ڀٽو پاڪستان جي پهرين جمهوري وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي هئي، هن جي والد جو سياسي سفر هڪ فوجي آمر ختم ڪيو، جڏهن 1979ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جي حڪومتي دور ۾ کيس سوليءَ چاڙهيو ويو.

بينظير ڀٽو ان کانپوءِ به ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم بڻي پر ملڪ جي فوج ڪڏهن به هن تي اعتبار نه ڪيو ۽ ڪرپشن جي الزام جي مدد سان هن کي حڪومت کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، پنهنجي موت وقت بينظير ڀٽو ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ لاءِ چونڊ مهم هلائي رهي  هئي.

بينظير ڀٽو جي قتل کانپوءِ پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي  بدامني پکڙجي وئي، هن جي چاهيندڙن روڊن تي جلاءُ گهيراءُ ۽ پٿراءُ ڪيو ۽ ملڪ خلاف نعريبازي ڪئي.

2017ع ۾ پاڪستان جي صدر ۽ فوجي آمر، اڳوڻي جنرل پرويز مشرف ڏهن سالن کانپوءِ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته شايد ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ملوث هئي.

جڏهن هن کان پڇيو ويو ته ڇا اسٽيبلشمينٽ ۾ موجود سرڪش عنصرن جو پاڪستاني طالبان سان بينظير ڀٽو جي قتل جي رٿا بندي جي حوالي سان تعلق هو ته هن جو چوڻ هو ته ” شايد، ها بلڪ“ ڇو جو اسان جو معاشرو مذهبي طور ورهايو پيو آهي ۽ پرويز مشرف مطابق انهن عنصرن جي موجودگي بينظير ڀٽو جي موت جو سبب بڻي.

پاڪستان جي اڳوڻي سربراهه جي واتان نڪتل هي جملو ڪافي حيرت جوڳو آهي، عام طرح پاڪستان ۾ فوجي اڳواڻ شدت پسند جهادي حملن ۾ رياست جي ملوث هئڻ جي الزامن کي قطئي غلط قرار ڏيندا آهن.

اهو پڇڻ تي ڇا کيس رياست جي شرپسند عنصرن جي ان حملي ۾ ملوث هئڻ بابت  ڪا مخصوص معلومات هئي ته پرويز مشرف جواب ڏنو ته ” مون وٽ ڪي حقيقتون ته موجود ناهن پر منهنجي خيال ۾ منهنجو اندازو ڪافي حد تائين درست آهي“ هڪ عورت جيڪا اولهه جي ملڪن ڏانهن جهُڪاءُ رکندڙ هجي، سا انهن عنصرن جي نظر ۾ اچي سگهي ٿي. پرويز مشرف تي پاڻ هن ڪيس ۾ قتل جو الزام، قتل جي سازش ۽ قتل ڪرڻ لاءِ مدد فراهم ڪرڻ جا الزام لڳا آهن، سرڪاري وڪيلن مطابق پرويز مشرف 25 سيپٽمبر تي بينظير ڀٽو کي فون ڪئي، جڏهن هوءَ نيويارڪ ۾ هئي ۽ پنهنجي اٺن سالن جي ملڪ بدري ختم ڪرڻ کان ٽي هفتا پري هئي.

بينظير ڀٽو جي ڊگهي عرصي کان ويجهي دورست مارڪ سيگل ۽ صحافي ران سسڪنڊ ٻنهي کي ٻڌايو ته هو ان فون ڪال وقت بينطير ڀٽو سان گڏ موجود هئا.

مارڪ سيگل ٻڌائي ٿو ته فون ڪال ختم ٿيڻ کان فوري پوءِ بينظير ڀٽو چيو ” هن مون کي ڌمڪي ڏني آهي، هن مون کي چتاءُ ڏنو ته واپس نه اچ، هن چيو ته منهنجي واپس اچڻ کانپوءِ جي مون کي ڪجهه ٿيو ته هو ان جو ذميوار نه هوندو ۽ وڌيڪ چيو ته منهنجي سلامتي ۽ سيڪيورٽي جو دارومدار پرويز مشرف سان منهنجي تعلق تي آهي.

ٻئي پاسي پرويز مشرف سختيءَ سان اهڙي ڪا ڪال ڪرڻ جي ترديد ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ته هن بينظير ڀٽو جي قتل جا حڪم جاري  نه ڪيا. بي بي سي سان ويجهر ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ” سچي ڳالهه ته هي آهي ته مان اهڙي ڳالهه تي کلندو آهيان، مان هن کي قتل ڇو ڪندس؟“

ٻئي پاسي بينظير ڀٽو جو فرزند ۽ سياسي وارث بلاول ڀٽو پرويز مشرف جي ڏنل انهيءَ صفائيءَ جي مڪمل ترديد ڪري ٿو، هو چئي ٿو ته پرويز مشرف سڄي صورتحال مان فائدو وٺندي منهنجي امڙ جي سيڪيورٽي کي ڪمزور ڪيو ته جيئن هو قتل ٿئي ۽ منظر تان هٽي وڃي، پرويز مشرف خلاف ڪارروائي ته هن وقت رڪيل آهي  پر  هن ڪيس ۾ نامزد ٻين ماڻهن کي آجو قرار ڏنو ويو آهي.

بينظير ڀٽو جي قتل جي چند هفتن کانپوءِ پنجن ملزمن 15 سالن جي بلال جي القاعدا ۽ طالبان جي چوڻ تي مدد ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.  حراست م ورتل پهرين شخص اعتزاز شاهه کي پاڪستاني طالبان چيو  هو ته هن کي بينظير ڀٽو کي قتل ڪرڻ لاءِ آپگهاتي بمبار طور چونڊيو ويو آهي پر کيس متبادل بمبار جي حيثيت ۾ منتقل ڪيو ويو هو، جيڪو جي پهرين ڪوشش ناڪام ٿئي ها ته ان وقت سامهون اچي ها ۽ ان تي هو خفا به ٿيو.

ان کان علاه ٻن ٻين ماڻهن رشيد احمد ۽ شير زمان اعتراف ڪيو ته هو هن سازش ۾ وچولي درجي جا منتظم هئا ۽ ان کان علاوه ٻن ٻين مائٽن حسنين گل ۽ رفاقت حسين اختيارين کي ٻڌايو ته هنن بينظير ڀٽو جي قتل کان هڪ رات اڳ گهرائي رهائش فراهم ڪئي هئي، جيتوڻيڪ اهي سمورا اعترافي بيان بعد ۾ واپس ورتا ويا هئا، بينظير ڀٽو جي قتل کان چار ڪلاڪ اڳ ملندڙ فون ڪالن جي رڪارد مان سازش جي جاءِ ۽ گفتگو انهن اعترافي بيانن جي سچائي جي تصديق ڪري ٿي، جيڪي بعد ۾ واپس ورتا ويا هئا.

حسنين گل پوليس کي ان اپارٽمينٽ ۾ وڌيڪ ثبوت ڏيکاريا هئا، جتي بلال رات گذاري هئي، بلاول جي جسم مان ملندڙ ڊي اين اي ۽ ان اپارٽمينٽ مان ملندڙ ڊي اين کي بعد ۾ آمريڪي ليبارٽريءَ ۾ تصديق لاءِ موڪليو ويو هو، جتي اهي پاڻ ۾ هڪ جهڙا ثابت ٿيا.

اڄ کان ڪجهه مهينا اڳ تائين هن ڪيس تي جاچ ڪندڙ سرڪاري وڪيلن جو خيال هو ته اهي مبينا منصوبا سازن تائين پهچي ويندا پر سيپٽمبر ۾ سندن عزم اڳيان رڪاوٽ اچي وئي، جنهن سان هي ڪيس ختم ٿي ويو، ڇو جو جج اهو فيصلو ڏنو ته ثبوت جمع ڪرڻ ۽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي طريقيڪار ۾ غلطيون هيون، جنهن جو مطلب هو ته سمورن ملزمن کي آجو ڪيو وڃي، اڃا به پنج ئي ملزم اپيل جو فيصلو اچڻ تائين حراست ۾ آهن.

پاڪستان ۾ هي ڳالهه عام آهي ته ماڻهو بينظِر ڀٽو جي قتل جو قصور وار هن جي مڙس آصف علي زرداري کي قرار ڏين ٿا، اهو الزام لڳڻ جو سبب هي آهي ته بينظير ڀٽو جي قتل جو سڀ کان گهڻو فائدو هُن  کي ٿيو، ڇو جو هو ملڪ جو صدر بڻجي ويو هو.

پر اهڙو الزام هڻندڙن اڄ تائين اهڙا ڪي به قابل قبول ثبوت پيش نه ڪيا آهن، جيڪي آصف علي زرداريءَ جو پنهنجي زال جي قتل ۾ ملوث هئڻ جي الزام کي ثابت ڪن. آصف زرداريءَ پاڻتي لڳل الزامن جي سختيءَ سان ترديد ڪئي آهي ۽ ان بابت چئي ٿو ته هو چُپ رهندو. آصف علي زرداريءَ تي هڪ ٻيو هي الزام به اهي ته هو پنهنجي صدارتي دور ۾ مڪمل طاقت رکڻ باوجود پنهنجي زال جا قاتل ڳولڻ ۾  ناڪام رهيو.

لاتعداد ڳجها دستاويز جيڪي بي بي سي حاصل ڪيا آهن، انهن مطابق ظاهر ٿئي ٿو ته پوليس طرفان جيڪا جاچ ڪئي وئي، سا اهڙي ته خراب طرقي سان ڪئي وئي هئي جو لڳي رهيو هو ته پوليس وارا هيٺين سطح جي ماڻهن جي گرفتاريءَ کانپوءِ اصل ڏوهاري يا انهن جي گروهه کي ڳولڻ ئي نه ٿي چاهيو.

پوليس  جي جاچ ۾ ڪوتاهيون  8 آڪٽوبر 2007ع تي بينظير ڀٽو تي ٿيل قاتلاڻي حملي کانپوءِ ڪافي چٽيون ٿيون، ان واقعي ۾ آپگهاتي بمبارن بينظير ڀٽو جي ڪراچي ايئرپورٽ  کان شهر ايندڙ قافلي تي حملو ڪيو، جنهن ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ هي پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي ٿيل وارداتن ۾ سڀ کان وڏو واقعو شمار ڪيو وڃي ٿو.

هن حملي ۾ پوليس جاچ اهڙي ته بي دليءَ سان ڪئي هئي  جو آپگهاتي بمبارن جي سڃاڻپ ئي نه ٿي سگهي، هن جاچ جي سربراهه مسعود مرزا چيو  هو ته هڪ شخص جي هن چهري جي مخصوص نقشن سان سڃاڻپ ڪئي هئي ته هو ڪراچيءَ ۾ رهندڙ آفريڪي برادريءَ سان تعلق رکي ٿو، آپگهاتي  بمبارن جي سڃاڻپ جي ڏس ۾ هي اهم اطلاع ڪڏهن به عام عوام اڳيان پيش نه ڪيو ويو.

اڳوڻو صدر آصف علي زراري  پوليس تي ٿيندڙ تنقيد جي جواب ۾ چئي ٿو ته هن اسڪاٽ لينڊ يارڊ کان پنهنجي ونيءَ جي قتل جي جاچ ۾ مدد ورتي هئي ۽ گڏوگڏ گڏيل قومن مان جاچ ڪميشن به جوڙائي وئي هئي، جنهن بينظير ڀٽو جي قتل ۽ ان کان اڳ جي حالتن  ۽ سببن جو جائزو ورتو هو .پر ان جاچ ڪميشن طرفان چيو ويو ته جاچ دوران سندن راهه ۾ هر هر رڪاوٽون پيا ڪيون ويون ۽ اهي رڪاوٽون صرف فوج طرفان ئي نه پر صدر زرداريءَ جي وزيرن طرفان به پيدا ڪيون ويون.

جاچ ڪميشن جي سربراهه هيرالڊو منوز ٻڌايو ” اسٽيبلشمينٽ سان تعلق رکندڙ گهڻا ماڻهو هئا، جن کان اسان کي انٽرويو ڪرڻا هئا پر هنن انڪار ڪري ڇڏيو، هيرالڊو منوز چئي ٿو ته منع ڪندڙن ۾ فوجي اهلاڪر ۽ سياستدان ٻئي شامل هئا.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته جاچ ۾ اڳڀرائي ٿيڻ باوجود حڪومت طرفان کين مُهيا ڪيل گهر به واپس ورتو ويو ۽ هنن جي حفاظت لاءِ مقرر سيڪيورٽي اهلڪارن کي به هٽايو ويو. ان ۾ قطعي ڪو شڪ ناهي ته بينظير ڀٽو جي قتل جا سبب ڳولڻ جي عمل کي روڪيو  ويو.

بي بي سي طرفان ڪيل جاچ مان ثبوت مليو آهي ته اهي ٻه همراهه جن بلال جي بينظير ڀٽو تائين پهچڻ ۾ مدد ڪئي هئي، تن کي 15 جنوري 2008ع تي هڪ فوجي چوڪيءَ تي ماريو ويو. زرداري حڪومت جي هڪ اعليٰ عهديدار بي بي سي کي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته هو سمجهي ٿو ته انهن  ٻنهي جو قتل ” مقابلو“ هيو، جنهن کي پاڪستان ۾  عدالت کان مٿانهين قتل طور سڃاتو وڃي ٿو. نادر ۽ نصر الله طالبان جي حامي حقاني نيٽ ورڪ جي مدرسي مان طالب هئا، ان مدرسي سان تعلق رکندڙ ۽ سازشي به مارجي چڪا آهن.

بي بي سي ان جاچ بابت هڪ جامع پريزنٽينشن حاصل  ڪئي، جيڪا سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي وئي هئي، ان مطابق حقاني مدرسي جا اڳواڻ طالب ۽ بم ٺاهڻ جا ماهر  عبدالرحمان بلال کي آپگهاتي جيڪٽ مُهيا ڪئي هئي، جنهن جي مدد سان بينظير ڀٽو کي قتل ڪيو ويو هو، عبدالرحمان کي پاڪستان جي قبائلي علائقي ۾ 23 مئي 2010ع تي قتل ڪيو ويو هو.  ان کان علاه عبدالله هو، جيڪو ان پريزنٽينشن مطابق خودڪش جيڪٽ حملي کان اڳ راولپنڊي پهچائڻ ذميوار هو، هو مهمند ايجنسيءَ ۾ 31 مئي 2008ع تي ٿيل هڪ ڌماڪي ۾ مارجي ويو.

بينظير ڀٽو قتل ڪيس سان لاڳاپيل اهم موتن ۾ هڪ انتهائي اهم موت خالد شهنشاهه جو هو، جيڪو اڳوڻي وزيراعظم جي سيڪيورٽي گارڊن مان هڪ هو. خالد شهنشاهه بينظير ڀٽو تي قتل ۽ حملي واري ڏينهن هن کان رڳو چند  فوٽن جي فاصلي تي هو جڏهن هوءَ راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ پنهنجي تقرير ختم ڪري رهي هئي.

ان ڏينهن جي مليل وڊيو فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته خالد شهنشاهه ڪجهه عجيب ۽ غريب حرڪتون ڪيون هيون ، جن جو ڪو جواز نه هو ۽ نه ئي ڪنهن ان جي تسلي بخش وضاحت ڪئي آهي. هن فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته خالد شهنشاهه جو ڪنڌ ته هڪ هنڌ ٽڪيل هو پر هن پنهنجيون اکيون بينطير ڀٽو ڏانهن کنيون ۽ گڏوگڏ آڱرين سان ڳلو ڪٽڻ جو اشارو به ٺاهيو، اها فوٽيج سامهون اچڻ کانپوءِ وائرل ٿي وئي ۽ ان جي چند مهينن کانپوءِ 22 جولاءِ 2008ع تي کيس ڪراچي ۾ پنهنجي گهر ٻاهران قتل ڪيو ويو.

ٻيو اهم قتل ٿيل شخص جاچ تي مقرر سرڪاري وڪيل چوڌري ذوالفقار هو، هن جي ساک هڪ قابل ۽ مستقل مزاج وڪيل طور هئي، هن پنهنجي دوستن کي ٻڌايو هو ته بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيو آهي، 3  مئي 2013ع تي اسلام آباد ۾ هو عدالت وڃي رهيو هو، جڏهن ته کيس گولي هڻي قتل ڪيو ويو ۽ ٽيون شخص اهو آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته ان کي ماريو ويو آهي پر اصل ۾ اهو جيئرو آهي.

مبينا سازشين پنهنجي اعترافي بيان ۾ چيو هو ته بينظير ڀٽو تي حملي واري ڏينهن هڪ ٻيو آپگهاتي بمبار اڪرم الله بلال سان گڏ هو، جيئن ته بلال پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو ته اڪرم الله جي ضرورت نه پئي ۽ هو اتان هليو ويو.

سالن تائين پاڪستاني عملدار چوندا رهيا ته اڪرام الله کي ڊرون حملي ۾ ماريو ويو  آهي، 2017ع ۾ مرڪزي پراسيڪيوٽر اظهر چوڌري بي بي سي کي ٻڌايو ته ” پاڪستاني جاچ ادارن طرفان گڏ ڪيل ثبوتن جي روشنيءَ ۾ ثابت ٿئي ٿو ته اڪرام الله جيئرو ناهي“

5 آگسٽ 2017ع ۾ پاڪستاني عملدارن 28 صفحن  تي ٻڌل هڪ فهرست جاري ڪئي ، جنهن ۾ ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ گهربل دهشتگردن جا نالا شامل هئا. ان فهرست ۾ نائين نمبر تي لکيل نالو ڏکڻ وزيرستان جي رهواسي اڪرام الله جو هو ۽ هن جي نالي اڳيان لکيل هو ته هو بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ملوث آهي.

اندازو آهي ته اڪرام الله هن وقت اوڀر افغانستان ۾ ترسيل آهي، جتي هو پاڪستاني طالبان لاءِ وچولي درجي جو ڪمانڊر بڻجي چڪو آهي.

گذريل ڏهن سالن ۾ هن وقت تائين بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ صرف ٻن پوليس اهلڪارن کي سزا ٿي، جن قتل واري جاءِ ڌوئڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، ڪئين پاڪستاني انهن جي اهڙي عمل کي ناانصافي قرار ڏين ٿا ۽ انهن جو موقف آهي ته پوليس اهو ڪم فوج جي چوڻ کانسواءِ ڪري ئي نه ٿي سگهي.

هي هڪ ڀيرو ٻيهر ظاهر ڪري ٿو ته حاضر ۽ ريٽائرد فوجي آفيسرن تي ٻڌل پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ هڪ ڳجهو نيٽ ورڪ آهي، جيڪا ملڪ جي قومي مفاد کي پنهنجي ذميواري سمجهي ٿي ۽ ان جي تحفظ خاطر  فيصلو ڪري ٿي. ( بي بي سي جي ٿورن سان)

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج واري سياست آخرڪيستائين..؟

مصطفيٰ  جمالي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرادي  پنهنجي سموري سياسي وفد سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے