20 ہفتہ , جنوری 2018

اردو ڳالهائيندڙ سول سوسائٽي جي سنڌي دشمني

جاويد چانڊيو

ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ ڪجھه سال اڳ ملڪ جي هڪ وڏي صنعتڪار سڪندر جتوئي جي پٽ شاهه رخ جتوئي هٿان هڪ ڊي ايس پي جو اڪيلو نوجوان پٽ شاهزيب قتل ٿي ويو هو. ان ڪيس ۾ ڪيترائي لاها چاڙها آيا. سول سوسائٽي ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن مظاهرا به ڪيا. جنهن جي ڪري ڪيس انتهائي هاءِ پروفائل ٿي ويو هو. شاهه رخ ۽ ساڻس گڏ الزام هيٺ آيل سندس هڪ دوست سراج ٽالپر سالن جا سال قيد ۾ به رهيا. واقعي کان ڪجھه عرصو پوءِ مقتول شاهزيب جي قانوني وارثن ”ديت“ وٺي يا في سبيل الله پنهنجو قانوني ۽ شرعي حق استعمال ڪندي پٽ جي قاتلن کي معاف به ڪري ڇڏيو هو پر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جو قلم شامل هئڻ سبب وارثن جي معافي نامي کي رد ڪندي ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلائڻ جو حڪم ڏنو هو. ان کان پوءِ ڪيترا سال ڪيس هليو ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن کي موت ۽ عمر قيد جي سزا ٻڌائي. ان سزا خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي وئي ۽ ڊويزن بئنچ 4 ڏينهن اڳ شاهه رخ جتوئي ۽ سندس دوست کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪيس مان دهشتگردي جو قلم ختم ڪري ڪيس سيشن ڪورٽ ۾ هلائڻ جو حڪم پڻ ڏنو، جنهن بعد ضمانت جا بانڊ ڀري ٻئي ڄڻا ڪيترا ئي سال قيد ڪاي جيل مان آزاد ٿي گھر پهتا.

اصول اهو ٿيندو آهي ته ڪنهن به قاتل يا ڏوهاري جي عدالتي ضمانت ٿئي ٿي ته ان خلاف مٿين عدالت ۾ اپيل صرف متاثر ڌر ئي ڪري سگھي ٿي پر هتي معاملو ئي ابتڙ آهي. مقتول جا قانوني وارث وڏي واڪي چئي رهيا آهن ته هنن خون معاف ڪري ڇڏيو آهي پر ڪراچي سان تعلق رکندڙ اردو ڳالهائيندڙن جي نام نهاد سول سوسائٽي اڱاري ڏينهن سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ شاهه رخ جتوئي جي ضمانت خلاف اپيل داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته شاهزيب جو قتل دهشتگردي هو جنهن سان معاشري جو امن متاثر ٿيو آهي جنهن جي ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو غير قانوني آهي جنهن کي رد ڪندي عدالت دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو برقرار رکي.

ڪالهه صبح جو جيئن ئي اخبارون نظر مان گذريون ۽ مٿين خبر پڙهيم ته هڪدم کل نڪري وئي ته جن ماڻهن اها اپيل داخل ڪرائي آهي انهن جو شاهزيب سان پري پري جو ڪو به واسطو نه آهي ۽ انهن پاران اپيل داخل ڪرائڻ جو ڪوبه اخلاقي يا قانوني جواز ناهي. اصل کل جوڳي ڳالهه اها آهي ته اپيل داخل ڪرائيندڙ نام نهاد سماج سڌارڪن کي شاهزيب جو قتل ته دهشتگردي نظر آيو جنهن سان سندن چواڻي معاشري جو امن متاثر ٿيو آهي. پر انهن کي ڪراچي سالن تائين هلندڙ لساني دهشتگردي ڪڏهن به نظر نه آئي ۽ نه ئي ان دهشتگردي سان کين معاشري جو امن تباهه ٿيندي نظر آيو. انهن کي پروين رحمان، حڪيم سعيد ۽ ٻين شخصيتن جا بي گناهه قتل نظر نه آيا جن سان حقيقت ۾ معاشرتي بگاڙ پيدا ٿيو. کين بلديا فيڪٽري ۽ 12 مئي جهڙا واقعا دهشتگردي نه لڳا هئا شايد، وڪيلن کي زندهه ساڙڻ وارو واقعو به دهشتگردي نه لڳو ۽ نه کين ڪڏهن اها جرئت ٿي ته انهن ڪيسن جي حوالي سان عدالتن ۾ وڃن ۽ معاشري پاران ڌر بڻجن.

مان ڪنهن به صورت ۾ شاهزيب جي قتل کي درست نٿو چوان، بنا ڪنهن شڪ جي اهو فعل هڪ ظالماڻو عمل هو جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آهي پر 10 رڪني سول سوسائٽي جنهن ۾ سمورا اردو ڳالهائيندڙ شامل آهن انهن کي رڳو هڪ قتل ۽ هڪ قاتل ڇو نظر آيو آهي؟ ڇا شاهزيب جي قتل کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ قتل ناهن ٿيندا رهيا؟ ڇا شاهزيب واقعي کان پوءِ ڊفينس جي علائقي ۾ اهڙا واقعا ناهن ٿيا؟ جيڪڏهن ٿيا آهن ته پوءِ سول سوسائٽي ٻين واقعن تي ڇو خاموش رهي آهي؟ ڪراچيءَ جي رستن تي روز استاد، پورهيت ۽ ٻيا مظلوم جانورن وانگر پوليس هٿان ڪٽجندا رهن ٿا ته پوءِ مٿي ڄاڻايل 10 رڪني سول سوسائٽي عدالتن ۾ ڇو ناهي وئي؟ ڇا اها رياستي دهشتگردي ناهي؟ انهن 10 ڄڻن کي ڪنهن حق ڏنو آهي ته پاڪستاني قانون سان گڏ الله جي قانون جو به مذاق اڏائن جنهن ۾ وارثن کي معافي جو اختيار ڏنو ويو آهي. اصل ۾ مٿي ڄاڻايل باقي واقعن ۾ ايم ڪيو ايم سميت اهي ڌريون ملوث آهن جن خلاف وڃڻ جي جرئت ڪوبه اردو ڳاالهائيندڙ نٿو ڪري سگھي. پر هڪ سنڌي صنعتڪار جنهن مڪمل طور تي قانوني رستو اختيار ڪيو، عدالتن جا دروازا کڙڪايا، مقتول شاهزيب جي وارثن پنهنجو قانوني ۽ شرعي حق استعمال ڪيو پر جيئن ته اهي ان 10 رڪني سول سوسائٽيءَ جو ڪجھه به بگاڙي نٿا سگھن ان ڪري اهي نام نهاد سماج سڌارڪ معاشري جو درد کڻي بنا ڪنهن جواز يا تعلق جي سپريم ڪورٽ ۾ ويا آهن جنهن لاءِ ملڪ جي اعلى عدالت مان اها اميد آهي ته اها قانون ۽ شريعت کي آڏو رکي فيصلو ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قادري جي ڪنٽينر تي مجيب ۽ گريٽر پنجاب جون ڳالهيون

گل  مورو هي علامه طاهر القادري جو ڪرشمو چئجي يا ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو، جو ڪيتري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے