18 جمعرات , جنوری 2018

زنگيل سائيڪل اُداس آهي!!

محمد خان دائود

اُهو دور اُن ڪوهيڙي ۾ گُم ٿي ويو.جنهن دور ۾ ماستر کي وڏي عزت ملندي هُئي.ماستر کي ماستر چوڻ گار جئان هوندو هو.پراُن وقت ماستر کي مخدوم چيو ويندو هو.قاضي صاحب چيو ويندو هو.وڏي عزت سان نوازيو ويندو هو.ماسترن کي گهرن ڏورانهن علائقن جي بدلي وقت ڳوٺ وارا انهن ماسترن کي پنهنجي گهرن ۾ رهائيندا هُئا يا انهن کي اسڪولن ۾ صاف ڪمرو ملندو هو. جتي ماستر رهي پنهنجو لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندا هُئا ۽ ٻارن کي پڙهائيندا هُئا.

پر اُهو دور ڏور ڪڪرن ۾ گُم ٿي ويو آهي!

اُن وقت ماستر بس علم سان محبت رکندا هُئا .انهن جو ڪم پڙهڻ ۽ پڙهائڻ هوندو هو.اُن وقت نه ماستر سياست ڪندا هُئا نه ئي ماسترن جون ڪي سياسي تنظيمون هونديون هيون. نه الف! نه به !نه جيم!

اُن وقت جا ماستر ته اهڙو قصو پارينا بڻجي ويا آهن. جو انهن کي ڪير ياد به نٿو ڪري.اُهي ماستر جيڪي علم سان، پنهنجي فرض سان ۽ قوم جي معصوم ٻارن سان محبت ڪندا هُئا.اُهي ماستر جنهن جو ڪل سرمايو ڪجهه ڪتاب ،هڪ ڇٽي ۽ هڪ زنگيل سائيڪل ئي هوندي هُئي.اُهي ماستر جيڪي فرشتن جهڙا هُئا يا کڻي ائين لکجي ته اُهي فرشتا هُئا.جيڪي جڏهن جنهن رستن تان گزرندا هُئا ته ماڻهو ادب مان هڪ پاسي ٿي بيهي رهندا هُئا.ماڻهو رستو ڇڏي ڏيندا هُئا.۽ اُهي جهونا با ادب ماستر پنهنجي زنگيل سائيڪل تي ويهي ڏاڍي شان سان گزرندا هُئا.پر اُهو به دور گزر ويو!

پوءِ اُهو دور آيو جنهن ۾ سنڌ جي تعليم جي تباهي شروع ٿي جنهن ۾ هٿ وٺي وڏيرن ڪمدار ماستر ڀرتي ڪرايا.ڪمدار اُن لاءِ ته اُهي ماستر گهٽ پر ڪمدار وڌيڪ هُئا،هوُ بس وڏيرن جا منڇي ٿي رهجي ويا،ويو سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻڏندو. هوُ سنڌ جي تعيلم ٻوڙڻ ۾ پيش پيش هُئا.هوُ به سرڪار جي ان ڪم جا هُئا ته الڪيشني ڊيوٽي ڪن.پوليو جي زميداري تي هاڻي آئي آهي جنهن کي ڪيترا سال ٿيا هوندا؟!!

نه ته ان کان پهرين انهن ماسترن تي بس پنج سالن ۾ بس هڪ دفعو اليڪشني ڊيوٽي رکيل هُئي اُها به هن ملڪ ۾ اليڪشن ڪيترا دفعا ٿيا آهن ۽ اُن سرڪار کي ڪيترو ٽائم ملندو رهيو آهي؟

نه وفاقي سرڪار کي سنڌ جي ٻڏندڙ تعليم جو ڪو اونو رهيو آهي ۽ نه ئي سنڌ سرڪار کي اسڪول هلن ٿا نه ماستر اچن ٿا نه ٻارن جو تعداد ڪيترو آهي.داخلا نئين سال ۾ ٿين ٿا يا نه اُن ڳالهه جو سنڌ سرڪار کي ڪو به اونو ناهي.ماستر سنڌ ۾ ماسترن جي حاضري زيرو کان به گهٽ رهندي آهي.۽ اهيا ڪا اڄوڪي ڳالهه ناهي سنڌ جا ماستر ته زماني کان ماستر هوندي به پنهنجي فرض کان غافل آهن اسڪول ويران آهن.اسڪولن ۾ واڙها کُليل آهن.سنڌ ۾ اسڪول گودامن ۾ تبديل آهن.سنڌ ۾ اسڪول وڏيرن جو اوطاقون بنيل آهن.سنڌ ۾ اسڪولن ۾ گڏهه چرندا آهن.سنڌ جي اسڪولن ۾موالي سُلفي پي قلندر جو نعرو هنڻدا آهن.سنڌ جا اسڪول ائين ويران آهن جئين ڪئين بيواهه جي سنيڌ!

ائين به ڪونهي ته ڪو سنڌ ۾ُسُٺا ماستر ڪونهي سنڌ ۾ سُٺا ماستر به آهن پر اُهي پڙهائن ڪونه  سکيا آهن اُهي ايترا سُٺا آهن جو انهن کي  ماسترن جي سياسي تنظيمن جون واڳون مليل آهن ڪو ڪي پي ٽي الف جو اڳواڻ آهي ته ڪو پي ٽي ن جو اڳواڻ آهي. ڪو پي ٽي  جيم جو اڳواڻ آهي.جڏهن چڱا ماستر ماستري سياست جي نظر ٿي وڃن ته ٿر کان ويندي  ڪاڇي تائين. لاڙ کان ويندي اتر تائين انهن اسڪولن جو اهڙو ئي حال آهي. جهڙو حال انهن ماسترن جو آهي جيڪي ماستر هوندي به اسڪول نٿا وڃن.۽ سياست ۾ داخل ٿي ڪڏهن سرڪار مٿان پريشر وجهن ٿا .ڪڏهن پاڻ ۾ ئي وڙهي پنهنجي سياسي پارٽين جي مٿان الزام بازي ڪن ٿا.اُهي ماستر جيڪي سنڌ جي ٻارن جي مستقبل جا ڏوهاري آهن.اُهي ماستر جيڪي انهن والدين جا ڏوهاري آهن. جيڪي والدين پاڻ ته ڪونه پڙهيا پر ان خوشي ۽ اُن نيت سان پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪليندا آهن ته من ائين پڙهي پون.پر اُهئي سنڌ جا ماستر آهن جيڪي ڪڏهن به اهيو نٿا چاهين ته انهن هارين ماهي گيرن مزدورن جا ٻار پڙهي پون.جيڪي ماستر سياست کان بچي وڃن ٿا اُهي ماستر پاڻ کي اين جي اوز ۾ مصروف رکن ٿا.۽ جيڪي ماستر اين جي اوز جي سڻڀي گراهه کان بچي وڃن ٿا.اُهي وري اخباري نمائيندي ٿي ميڊيا جو ڪارڊ حاصل ڪري تونگر خان ٿي پنهنجي تر ۾ هلن ٿا جڏهن اُهي هوندا ئي تونگر خان ته اسڪول ڇا لاءِ ويندا؟پنهنجي ڊيوٽي ڇا لاءِ ڪندا؟ٻارن کي ڇو پڙهائيندا؟سنڌ سرڪار ڪئي سالن کان پوءِ جاڳي هن صوبي جي اسڪولن ۾ بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳرايو اُن سان شروع ۾ ته ڪجهه اثر پيو ڪجهه ماستر حاضر ٿيا ۽ ڪجهه وقت کان  اڳ رٽائر ٿي ويا.پر جئين ته هر شيءِ جو جُڳاڙ آهي ماسترن پنهنجون آئي ڊيز حاصل ڪري جڳاڙ ڪري ڇڏيو وري اهو ئي ساڳيو ئي حال ته پوءِ اهڙي اسڪولن ۽ ماسترن جو ڇا ڪجي جيڪي سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ۾ ڪم نه اچن اهڙن اسڪولن مان اُهي ڪتا.اُهي گڏها،اُهي موالي ڪئين ڪڊجن جيڪي  هنگن ٿا،هيگين ٿا ۽ سُلفي پئين ٿا .هوُ وڃڻ لاءِ نه آيا آهن.هوُ ته انهن اسڪولن جي تباهي لاءِ آندا ويا آهن .انهن کي هٿ سان انهن ماسترن ويهاريو آهي .جيڪي پڙهائڻ کان نابري واري سياست ۾ داخل ٿي ويا آهن جنهن جي نالي اڳيان وڏو خان صاحب لڳايو وڃي ٿو.۽ هوُ به ڪنهن محفل ۾ وڏي ٽور سان پنهنجي تعارف ائين ڪرائيندا آهن ته

“مان پي ٽي الف جو چئيرمين آهيان!“

خوشي سان ۽ همٿ سان مضبوطي سان هٿ ملائيندا آهن.

اُهي ماستر پنهنجون خذمتون ۽ پنهنجون عمرون هن قوم حوالي ڪري ويا جنهن جا شاگرد استاد بخاري کان ويندي اياز تائين هُئا.رسول بخش پليجو کان ويندي انور پرزادو تائين هُئا.

اُهي استاد به ويا .شاگرد به ويا.علم به ويو ۽ اُهي اسڪول به ويا.هاڻي تي بس

رُڃ آهي!!

سُڃ آهي.!!

اُهي سياستدان جيڪي سرڪاري اسڪولن جي درين ۽ بينچن تي ويهي پڙهي آيا.ڇا هاڻي اُهي پنهنجا ٻار انهن سرڪاري اسڪولن ۾ موڪلين ٿا؟ڇا نثار کوڙي کان ويندي شرجيل ميمڻ تائين اعجاز ڌامراهه کان ويندي مولا بخش چانڊئي تائين اُهئي پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ موڪلين ٿا.جڏهن ڪنهن يونين جو ڪائونسلر پنهنجي ٻار کي سرڪاري اسڪول جو در نٿو ٽُپائي ته هڪ وزير هڪ مشير هڪ سينٽر ڪئين پنهنجي ٻار کي سرڪاري اسڪول ۾ موڪليندو؟!!!

ماسترن جي تي اُها ئي فوج ڪنهن ڪم جي ڪونهي جيڪي سنڌ سرڪار جي بجٽ تي مفت ۾ پلجي رهي آهي نه ڪا تعليمي جنگ لڳڻي آهي نه اهيا فوج ڪم ۾ اچي شهيد ٿيڻي آهي ته اُن فوج کي ڪئين پالبو جيڪا ڪجهه ڏينهن پهرين ڪراچي ۾ پوليس هٿان لٺيون کائي سيءِ ۾ پاڻي ۾ ذليل ٿي گرفتار ٿي تذليل جو شڪار ٿي. اُهي ماستر ڪهڙي ڪم ايندا؟انهن کي اگر سرڪار پاڻ وٽ رکيو ته سرڪار انهن کي ڪهڙي جنگ ۾ موڪليندي؟ اُهئي سڀئي ماستر پي پي جي پهرين دور ۾ پير مظهر ڀرتي ڪيا جنهن تي الزام آهي ته ايتري جايون ئي خالي نه هيون جيترا ڀرتي ڪيا ويا.ٻيو اهيو الزام آهي ته سنڌي لينگويج ٽيچر لاءِ به اهڙي ماسترن کي ڀرتي ڪيو ويو جيڪي بنگالي هُئا برمي هُئا،چترالي هُئا.پٺاڻ هُئا جيڪي سنڌي ته ڇا پڙهائيندا پر انهن کي ته سنڌي شبدن جي به واقفيت ناهي.

ٻيو پير مظهر تي اهيو به الزام آهي ته اهئي سموريون نوڪريون ويڪيون ويون هيون.جنهن جي تفتيش نيب ۽ ايف آئي اي ۾ هلندڙ آهي ۽ پير مظهر جو نالو به اي سي ايل ۾ شامل آهي.پر ظلم اهيو آهي جئين آئون مٿي لکي آيو آهيان ته سرڪار انهن ماسترن کان پنهنجي بيگار به وٺندي رهي آهي. اُهئي ڀرتيون ڪي هاڻي جون نه آهن پر پي پي جي پهرين دور جون آهن.۽ سرڪار انهن ماسترن کان 2013 جي اليڪشني ڪم به ورتو.پر انهن ماسترن کي پگهار لاءِ روپيو به نٿو ملي ۽ انهن جي نوڪري به پڪي نٿي ڪئي وڃي.

پوءِ اُهي ماستر پراڻين شڪارين جو شڪار ٿي پي ٽي الف،ن ب، جيم، جي چمبي ۾ اچي ڪڏهن لانگ مارچ ڪن ٿا ڪڏهن احتجاج ڪن ٿا ڪڏهن قلم ڇڏي هڙتال ڪن ٿا پوءِ وري لٺيون کائي گرفتار ٿي ضمانتن تي آزاد ٿين ٿا.۽ تعليم جو حال اهڙو آهي جنهن لاءِ حليم باغي لکيو هو ته

“منهنجي ٿر جو حال جي پُڇندي

روئي پوندي!!

روئي پوندي!!“

يونيورسٽين ۾ گنڊا پوءِ داخل ٿيا. يونيورسٽين  ۾ تعيلم جو ٻيڙو پوءِ ٻڏو آهي پر پرائمري تعليم پهرين تباهه ٿي آهي ۽ اها تعليم ڪنهن تباهه ڪئي؟!!!

هوُ ماستر انهن ڪڪرن ۾ گُم ٿي ويا جيڪي عالم هُئا ڏاها هُئا،هوُ علم جا اڪابر ۽ بس صاحب علم هوندا هُئا.پراُهو دور ڪڪرن جي پويان گُم ٿي ويو.

اُهي ماستر جيڪي سنڌ ۾ انهن لين لاڙڻ کان به زياده آهن .پر اُن جي هوندي به هزارين اسڪول بند آهن.۽ انهن اسڪولن ۾ سنڌ جو نصيب سُلفي پي رهيو آهي. ۽ تمام ڏور دادو ۾ استاد بخاري جي گهر ۾ اُها سائيڪل  اُداس آهي جنهن تي اسان جو سرجڻهار پنهنجي ذهن ۾ موسيقي جهونگاريندو ويندو هو.۽ شاعري جا شبد اُن بخاري تي ڪنهن ماڪ جئان وسندا هُئا.جنهن ۾ هو ڀنل رهندو هو. اڄ اُها زنگيل سائيڪل اُداس آهي!!!

هي به ڏسي سگهو ٿا

قادري ڌرڻو، آصف زرداري ۽ عمران خان ۾ اختلاف

مظهر علي خاصخيلي  هڪ دفعو ٻيهر 17 جنوري اربع جي ڏينهن عوامي تحريڪ جي سربراهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے