24 آچر , جون 2018

سنڌ ۾شعور ۽ ڏات جو ڪوئي ڏڪار ڪو نه پوَندو

رکيل مورائي

ائين شيخ اياز چيو هُئو ۽ سچ پچ سنڌي ادب ۾ ايئن چوڻ ۽ ان اعتماد سان چوڻ جو حق به اياز کي ئي هُئو، ڇاڪاڻ ته سنڌي تخليقي ادب ۾ اياز ئي اهڙي سند هُئو ۽ آهي، جنهن جي راءِ مستند ترين، نه رڳو قبول ڪري سگهجي ٿي پر ان جي روشنيءَ ۾ سنڌي ادب بابت لکيل نصابي تاريخن ۽ جائزن جو نئين سِري کان اڀياس ڪري به سگهجي ٿو ۽ ڪو نئون تخليقي ۽ سجيندو اڀياس/تنقيد لکي به سگهجي ٿي جنهن کي سنڌ ۽ ادب جي تاريخ چئجي.

ٻه مارچ اياز جو جنم ڏينهن آهي ۽ سال 2017ع جو جنم ڏينهن، سندس ٽيانوي هين سالگره ٻڌائي ٿو. اياز جي لکڻ ۽ چوڻ موجب هُن ٻارنهن سالن جي عمر ۾ پهريون شعر لکيو ۽ اٺاويهين ڊسمبر اوڻيهه سؤ ستانوي تائين سندس قلم لڳ ڀڳ ساڳي رفتار سان هلندو رهيو، سواءِ انهن سالن جي جن ۾ هو شانتي نڪيتن جو خواب کڻي ان جي ساڀيان لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻيو هئو. انهن چئن سالن ۾ هُن جو فقط هڪ ڪتاب ”لڙيو سج لڪن ۾“ شايع ٿيو. جيڪو اياز جي ان دور جي اڪيلائيءَ، اداسائيءَ ۽ مايوسيءَ کي ظاهر ڪري ٿو جنهن ۾ فقط وايون آهن ۽ انهن واين ۾ شايد آخري وائيءَ جي آخري سِٽ آهي ته

واريءَ منجهه وڃائيا،

تنهنجا پيرا مون،

شام لٿي آهي.

۽ سچ پچ ته اسان ائين ئي ڀانيو هُئو ته سنڌ اياز جي روپ ۾ پنهنجي تخليقي ادب جا، خاص طور شاعريءَ جا پيرا وڃائي ويٺي آهي. اياز تان اهو دؤر ۽ اها ڪيفيت نهايت تيزيءَ سان گذري وئي، ان دور کي اياز ڪيئن ڀوڳيو ان جو اظهار هُن پنهنجي آتم ڪٿا جي هڪ وڏي، شاندار هڪ هزار صفحن تي پکڙيل ڪتاب ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ بار بار ڪيو آهي. هن ڪتاب جو نالو وري اياز جي ان ڪيفيت جو اظهار آهي. جيڪا هن ڊگهي ڀوڳيل ذهني عذاب کانپوءِ حاصل ڪئي هُئي. هيءُ اهو عذاب هُئو جيڪو اياز کي نه چاهيندي به ڀوڳڻو پيو هئو. هيءُ اهو عذاب هُئو جيڪو سندس دشمنن /مخالفن جي شڪست کانپوءِ کيس دوستن وٽان پلئِه پيو هُئو. ۽ ان سان اياز ڪيئن منهن ڏنو ان لاءِ اسان کي اهي سڀ ڪتاب ڏسڻا پوندا. جن جي شروعات اياز جي هڪ دلبر دوست ۽ سنڌ جي ذهين اديب شاعر ۽ صحافيءَ يوسف شاهين پاران ڇپايل هڪ غير معمولي ڪتاب ”پتڻ ٿو پور ڪري“ سان ٿئي ٿي، جنهن کان جلد ئي پوءِ شاهين صاحب اياز جي هائيڪن جو سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب ڇپايو جنهن جو نالو هئو ”پن ڇڻ پڄاڻا“ ۽ پن ڇڻ پڄاڻا ڇا ٿيو؟

اياز جي طبعيت ۽ تخليق تي اهڙي بهار آئي، جنهن کي سنڌ ۾ ايندڙ ڪيترين صدين تائين پڙهيو ويندو ۽ ياد رکيو ويندو، هُن ايترو نثر ۽ نظم ڏنو، جيترو اياز گذريل زندگيءَ ۾ نه ڏئي سگهيو هُئو. هُن رات ڏينهن جي سنڌي کي مٽائي ڇڏيو، جڏهن ڌرتيءَ جي هن حصي تان سج لهڻ شروع ڪندو هُئو، تڏهن اياز جي ڏات جو سج اڀرڻ شروع ڪندو هُئو. ۽ جڏهن وري پرهه پنهنجا پر ڦڙڪائڻ لڳندي هئي. صبح جي سمنڊ کي چمي ايندڙ هير سندس فليٽ جي گيلريءَ اندر ڌوڪي ايندي هئي.۽ سندس فليٽ جي گيلريءَ ۾ جهرڪين جا مٺڙا آواز ٻُرڻ لڳندا هئا. ته اياز پنهنجي قلم کي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ڪجهه وقت ڏيندو هُئو ۽ جيستائين اياز جو قلم ٿڪ ڀڃندو هُئو، تيستائين اياز ننڊ توڻي جاڳ ۾ ان اوسيئڙي ۾ هوندو هُئو ته قلم کي وري ڪٿان شروع ڪري. ڇاڪاڻ ته هو اهو فيصلو ته اڳي ئي ڪري چڪو هُئو، ته ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ!

۽ هن اهو ٿڪ اڻٽيهين ڊسمبر جي رات پنهنجي مرشد جي اکين آڏو، ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي پنهنجي ماءُ مٽيءَ جي هنج ۾ وڃي ڀڳو. اها مٽيءَ جنهن جي مان وڌائڻ، ان کي آجپو ڏيارڻ ۽ ان جي اولاد جي آزاديءَ لاءِ هن سڄي عمر گيت لکيا، جيل ڏٺا، ڪافر ۽ ملحد جا مهڻا سَٺا ۽ دوستن جي بيوفائين کي ڀوڳيو.

هيءُ وقت اياز جي تخليقن جي اهڙي سُڪار جو وقت هُئو، جنهن کي سنڌ جي نالي ڪندي هن مٿيون شعر لکيو هُئو ۽ ان ۾ هن اهو فيصلو ڏنو/ڪيو هُئو ته:

سنڌ کي مون آڇيو ايڏو سُڪارُ

ڏات جو ڪوئي ڏڪارُ

ڪونه پوندو.

۽ سچ پچ اياز پنهنجي تخليقن وسيلي سنڌ ۾ ايترو سُڪار آندو جو ايندڙ ڪيتريون ئي صديون سنڌ شايد وڌيڪ شاعريءَ جي ضرورت محسوس نه ڪري ۽ اياز جي شاعريءَ تي قناعت ڪري. ڇاڪاڻ ته اياز جي شاعريءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه موجود آهي، جنهن جي سنڌ کي گهرج هئي، آهي ۽ رهندي.

تخليقي عمل رڪڻو نه آهي، پر ملڪ ۽ ڌرتيون جن تخليقن تي فخر ڪنديون آهن ۽ جيڪي تخليقون انهن ملڪن ۽ ڌرتين جي تهذيبي، تمدني ۽ تاريخي سڃاڻپ بڻجنديون آهن، اياز سنڌ جو اهڙو تخليقڪار آهي.

پڻ ڇڻ پڄاڻا ڪتاب کانپوءِ نهايت تيزيءَ سان اياز جا ڪتاب ايندا رهيا. پر اياز ڪتابن جي ڇپجڻ کان گهڻو گهڻو تيز لکندو رهيو. ان دور ۾ لکيل سندس سڀ ڪتاب هن جي خاموشيءَ وارن گذريل سالن جي مصروفيت جا شاهد بڻبا ويا ۽ خود انهن سوالن جا جواب پڻ! جيڪي ضيائي آمريت ۾ سندس خاموشيءَ بابت کانئس سامهون، الڳ الڳ فورمن تان يا الڳ الڳ لکڻين ۾ پڇيا ويا. اياز ڪوبه بيان جاري ڪونه ڪيو، ڪوبه جوابي مضمون ڪونه لکيو، سڀني ڳالهين جا جواب اياز جي شاعريءَ ڏنا.

ماڻهو سڀ هڪجهڙا آهن

هر ماڻهوءَ کي بک لڳي ٿي،

هر ماڻهوءَ کي اُڃ لڳي ٿي،

پيار بنا ڄڻ هر ماڻهوءَ کي،

ساري دنيا سڃ لڳي ٿي،

هيءَ به حقيقت آهي ليڪن!

ڪي ماڻهوءَ جو روپ رکن ٿا،

سچ ته شڪاري ڪُتا آهن.

ڪارا توڙي اڇا تن کي،

هڪجهڙا ڪاڻيٺا آهن.

اڇا توڙي ڪارا ڪتا،

سارا پونجيءَ وارا ڪتا،

خاڪي ورديءَ وارا ڪتا،

هاها! سڀ هڪجهڙا آهن.

اياز جو هڪ ئي جواب ڪافي هُئو، انهن سڀني سوالن ڪندڙن کي، جمهوريت، انساني آزادي، قومن ۽ طبقن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ وارن لاءِ ۽ انهن لاءِ جيڪي اهي سڀ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ۽ ڪيترا ڀيرا ڪرڻ لاءِ، اڳواٽ انهن خاڪي واريءَ وارن کان پڇي ايندا هُئا. جڏهن جمهوريت تي راتاهو  هڻي، ڀٽي صاحب کي ڦاهي ڏني وئي ته اياز هڪ اهڙو درد ناڪ نظم لکيو، جنهن کي جڏهن عابده پروين پنهنجو آواز ڏنو ته سڄي سنڌ کي اکين ۾ رت ڀرجي آيو.

واويلا وڻڪار

ماڻهو تنهنجي موت تي

رنا زارو زار.

اياز جي شاعريءَ جو سنڌ ۾ آيل سڪار جيتوڻيڪ ڪو معجزو نه آهي. ان پويان اياز جي علم ۾ سنڌ جي پنج هزارن سالن جي تهذيبي، تمدني ۽ تاريخي پيڙا به آهي ته ان پيڙا مان پرايل شعور به. اياز جي سِٽ سِٽ مان سنڌ جي ڏک جو احساس ان جي ماڻهن جي بک جي شدت، پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڌارين سان جوٽيل جنگين ۾ بهادريءَ سان وڙهڻ واري سگهه، سندن وڍيل سرن مان وهندڙ رت جي گرمي ۽ پوءِ سندن من ۾ سدائين لاءِ رهندڙ انسان ذات لاءِ ٻاجهه ۽ امن پسند طبيعت جا عڪس ڏسڻ جهڙا آهن، جيڪي ايندڙ نسل شايد وڌيڪ چِٽائيءَ سان ڏسي سگهن، شايد اهي نسل جن نسلن لاءِ اياز پنهنجي ڪتاب ”لڙيو سج لڪن ۾“ جي ارپنا ڪئي هئي ته:

”ماضيءَ ۽ مستقل جي نالي.“

ماضيءَ جو شعور اياز وٽ هُئو، جيڪو هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏنو آهي. ان شعور مان پرائي، جيڪو اڄ جو نوجوان نسل حاصل ڪندو، اهو سڀاڻي/ مستقبل ۾ ظاهر ٿيڻو آهي. ۽ جيڪو سڀاڻي اياز جي شاعريءَ مان ظاهر ٿيندو، اهو اياز جو خواب هوندو. جيڪو هُن ورهايل ننڍي کنڊ کي اُپکنڊ ٿيڻ بابت ڏٺو هُئو ۽ جنهن جي ساڀيا لاءِ هُن پنهنجي شعور جي اکين کي ڪڏهن به ننڊ ڪرڻ نه ڏني. ۽ مسلسل لکندو رهيو.

اڄ جڏهن دنيا ان خواب جي ساڀيان ڏانهن وڌي رهي آهي، جنهن کي جديد ٻوليءَ ۾ مذهبي شدت پسندي/ مذهبي دهشتگرديءَ کان پاڪ دنيا ٿو چيو وڃي، ان جي نشاندهي اياز ان وقت ڪئي هُئي جڏهن هي ننڍو کنڊ مذهبي تنگ نظريءَ جي اڳ ۾ سڙي رهيو هُئو ۽ جاگرافيءَ طور ڇيهون ڇيهون ٿي رهيو هُئو.

ملان پنهنجي عمامي ۾ ،

لوچي ڏاڙهي نوچي،

سرمد ڇا ٿو سوچي؟!

هيءَ سِٽ سنڌي صوفي شاعريءَ ۾ اظهاريل انساني شدت پسنديءَ/ مذهبي برابريءَ کانپوءِ ڄڻ سنڌيءَ شاعريءَ جو هڪ اهڙو اظهار آهي، جنهن جي ٻنهي سرحدن تي مذهب جي شدت پسنديءَ جي آگ جا شعلا آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا هُئا. ساڳئي وقت عالمي سامراج جي آشيرواد سان آندل فوجي آمريتن جي سخت ترين دورن ۾ اياز جو هيءَ نظم هڪ اهڙي سڏ جو پڙاڏو هُئو، جيڪو اڄ ايڪهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي.

هي سنگرام،

سامهون آ،

نارائڻ شيام!

هن جا منهنجا قول به ساڳيا،

ٻول به ساڳيا،

هو ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي، پر

منهنجا رنگ، تول به ساڳيا.

ڍٽ به ساڳيو، ڍول به ساڳيا

هانءُ به ساڳيو، هول به ساڳيا.

هُن تي ڪيئن بندوق کڻان مان!

هُن کي گولي ڪيئن هڻان مان!

ڪيئن هڻان مان!

ڪيئن هڻان مان!

ڪيئن هڻان مان!

مان سمجهان ٿو ته پنهنجي زمان ۽ مڪان جي دائري اندر ننڍي کنڊ ۾ مذهب جي بنياد تي بڻايل هن ملڪ جي سرحدن ۾ هن نظم کان وڌيڪ مذهبي شدت پسنديءَ/ مذهبي دهشتگرديءَ ۽ فوجي آمريت خلاف ڪنهن به ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ڪوبه نظم گهٽ ملندو، جنهن نظم جي مليل اعزاز طور سنڌ جي تاريخ ۾ اڄ تائين اڪيلو سنڌي شاعر اياز هئو، جنهن جيل ڀوڳيو ۽ انهن يادگيرين تي پنهنجو لازوال ڪتاب ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ لکيو.

تاريخ ان بابت اڃا ماٺ ۾ آهي شايد سڀاڻي/ مستقبل ۾ اها ڳالهائي ڇاڪاڻ ته سڀاڻي/مستقبل ۾ اها تخليق جي ان سُڪار واري سنڌ جي تاريخ هوندي، جيڪو سُڪار اياز جي تخليقن اُن کي ارپيو آهي. سنڌ سڀاڳي ڌرتي آهي جنهن اياز کي جنم ڏنو آهي ۽ ٻه مارچ جو ڏينهن هن ننڍڙي ديس لاءِ سڀاڳ جو ڏينهن آهي جو اهو اياز جو جنم ڏينهن آهي.

اياز! جنهن سنڌ کي نئون شعور پنهنجي شاعريءَ وسيلي ڏنو، جيڪو شعور سڀاڻي واري سنڌ جي تحفظ جي ضمانت بڻبو۽ سڀاڻي جڏهن به اٺاويهين ڊسمبر جو ڏينهن ايندو ته هڪ اڀاڳ جي علامت هوندو، سنڌ، سنڌيٻولي ۽ سنڌي ادب لاءِ !.

هي به ڏسي سگهو ٿا

کنڀڻ ۽ گم ڪرڻ وارو سلسلو آخر ڪيستائين؟

رحمت علي تنيو سڄي ملڪ ۾ نامعلوم ماڻهن هٿان ماڻهن کي کنڀڻ ۽ کين گم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے