27 جمعہ , اپریل 2018

تاريخ جي ڪلهن تي رکيل ذميداريءَ جو اڻپورو فرض

ڪالهه پاڪستان جي اهم سياسي اڳواڻ ۽ ٻه دفعا وزيراعظم رهندڙ محترما بينظير ڀٽو جي 10هين ورسيءَ جي موقعي تي سندس قتل، ان پٺيان سازشن توڙي محترما جي اهميت جي باري ۾ مختلف ڏسائن ۽ مختلف خيال رکندڙ ڌرين وٽان اهم ڳالهيون سامهون آيون آهن، پر اها ڳالهه بدستور موجود آهي ته 10 ورهيه گذرڻ جي باوجود محترما بينظير ڀٽو جو قتل انصاف جو ڳولائو آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڳوڻو فوجي جنرل پرويز مشرف محترما بينظير ڀٽو جو قاتل آهي. هن ان واقعي لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون. محترما جي سيڪيورٽي جا سمورا گهيرا هٽايا ويا. ان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. شهيد بينظير ڀٽو کي بي بي کي اسلام جو پرامن چهرو ڏيکارڻ ۽ آمريت سان وڙهڻ جي سزا ڏني وئي. بي بي جا قاتل معصوم شهرين جي رت سان اڄ به  هولي کيڏي رهيا آهن. حڪمران بي وس آهن، ڊنل آهن. انهن سخت حالتن هوندي به سندن پارٽي عوام جي خوشحالي لاءِ ظالمن جنگ ۾ رڌل آهي. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 10هين ورسي تي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بي بي اميد جي علامت هئي تنهن بي بي کي دهشتگردن کي للڪارڻ جي سزا ڏني وئي. اسان عوام سان ڪيل واعدن کي نه وساريو آهي، اسان ليڊرشپ جي رستي تي هلي رهيا آهيون، اسان پارٽي باني جو ڏنل آئين اسان اصل شڪل ۾ بحال ڪيو. سندس چوڻ هو ته بي بي جنهن جموريت لاءِ وڙهندي رهي اسان اها جمهوريت بحال ڪئي، بي بي کي جمهوريت جو بچاءُ ڪرڻ جي سزا ڏني وئي.  اڄوڪن حڪمرانن جمهوريت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي هر اداري جي آزادي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جڏهن ته اسان محترما بينظير ڀٽو جي مشن کي اڳتي وڌائينداسين. بي بي جمهوريت لاءِ پنهنجو سر ڏنو پر موجوده حڪومت هن جمهوريت سان ڇا ڪري رهي آهي. جمهوريت ٻارن جيان وارثن کي ڳولي رهي آهي. هن چيو ته بي بي مذهب جي ٺيڪيدارن کان باغي هئي اڄ اهي ڪنڌ مٿي کڻي رهيا آهن انصاف جا سوداگر اڄ پاڻ انصاف لاءِ دانهون ڪري رهيا آهن. بي بي جنهن عدليه جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي، ان مان توهان کي، توهان جي والد کي ۽ کيس انصاف ناهي مليو دهشتگرد جو شڪار ۽ گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي انصاف ناهي مليو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته  انصاف جا پهريدار ڪڏهن ته انصاف ڏين.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرادري چيو ته ڀٽو جو نالو زندهه رهندو ۽ پنهنجي سڄي زندگي ۾ اڄ تائين بينظير ڀٽو جهڙو ڪو ٻيو بهادر مرد به نه ڏٺو. ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 10هين ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته بينظير هر طرح سان بينظير هئي، هن جيل ڪاٽيا ته بينظير ۽ مقابلا به بينظير ڪيا. هن چيو ته اڄ 10 سال ٿي ويا پر لڳي ٿو ته بينظير اسان کان ڪالهه وڇڙي وئي آهي. هن چيو ته تاريخ ۾ مون جهڙا ڪيترائي ليڊر ايندا ۽ ويندا، پر ڀٽو جو نالو هميشه رهندو،  مون کي پارٽي کي سنڀالي هلڻو آهي، اسان جي پارٽي جي خلاف سازش ٿي آهي، ۽ سازش هن وقت تائين جاري آهي، سمورا ليڊر آر اوز جا بڻايل آهن. هن چيو ته سياست جي ميدان تي گندا آنا ٻاهر نڪري آيا آهن، جيڪي وري اين آر او جي حوالي سان ڪوششُن ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن ڪنهن اين آر او ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان مزاحمت ڪنداسين. اڄ به هو ڪوشش ڪري رهيا آهيو ته اين آر او ملي. هاڻ ڪو به اين آر او مليو ته ان جو مقابلو ڪنداسين.

ٻئي پاسي اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو منهنجي حڪومتي دور ۾ اسٽيبلشمينٽ ۾ اهڙا عنصر هجن، جن طالبان سان گڏجي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي هجي. بينظير ڀٽو جي 10هين ورسي جي موقعي تي برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي پرويز مشرف ان جو سبب ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ مذهبي بنيادن تي معاشرو ورهايل آهي، ان حوالي سان مون وٽ ڪي ثبوت ناهن پر منهنجي خيال سان اهو اندازو درست آهي، جنهن موجب بينظير ڀٽو جهڙي سياسي عورت بابت اهو سمجهيو وڃي ته سندس جهڪاءُ اولهه ڏانهن آهي، ان کي اهڙي قسم جي عنصرن طرفان شڪي سمجهيو ويندو آهي.

هوڏانهن نواز ليگ جي اڳواڻ پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته بينظير جي شهادت هڪ عظيم قومي سانحو آهي، قاتلن جي گرفتاري رڳو واجب نه پر فرض آهي. محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته بينظير جي شهادت هڪ عظيم قومي سانحو آهي پر 10 سال گذرڻ کان پوءِ قاتلن جو قانون جي هٿ ۾ انه اچڻ به هڪ سانحو آهي. خواجا آصف چيو ته قاتلن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ ڀٽو خاندان ۽ پ پ تي قرض آهي.

ٿورڙو غور ڪجي ته جنهن پرويز مشرف تي اڄ آڱريون کڄن ٿيون تنهن جي باري ۾ ته محترما پاڻ قتل کان اڳ ئي مختلف نالا کڻي ويئي هئي جنهن ۾ اڳوڻو فوجي صدر به شامل هيو. 10 ورهيه گذرڻ کان پوءِ ان نالي کي شدمد سان کڻڻ پيپلزپارٽي قيادت جو حق ته ٿي سگهي ٿو پر 10 ورهيه به سوال پڇي سگهن ٿا .

ساڳئي نموني ٽي مهينا اڳ جنرل پرويز مشرف دبئيءَ ۾ انٽرويو ڏيندي چيو هو ته ”محترما ۽ سندس ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو کي آصف علي زرداري مارايو هو“ پر سندس ڪالهوڪو موقف سندس پهرئين موقف سان اڻٺهڪندڙ آهي.

نواز ليگ جنهن سياسي اڳواڻ جي قتل کي ”عظيم سانحو“ ۽ انهن جي قاتلن جو پڪڙ ۾ نه اچڻ به ”عظيم سانحو“ ڪوٺي ٿو، تنهن کي اها ڳالهه ڪرڻ نه ٿي جُڳائي ته سرڪار ۾ رهندي به قاتلن پڪڙڻ جي ذميداري جو بار پيپلزپارٽي تي وجهي. ڇوته، جڏهن پيپلزپارٽي پاڻ اقتدار ۾ هوندي هئي ته عوام ان ذميداري پوري ڪرڻ جو بار پارٽي سرڪار تي وجهندو هيو.

سمورين سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ڌرين کي ۽ سموري سياسي قيادت کي ان ڏس ۾ هڪٻئي تي بار اڇلڻ لا ڪلها ڇنڊڻ بدران تاريخ تي پيل اهو بار هلڪو ڪرڻ گهرجي

خميس 28   ڊسمبر 2017ع، 9   ربيع الثاني  1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

لوڊشيڊنگ جو مسئلو هر هنڌ حل ٿيڻ گهرجي

وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ هاڻي لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، ڇو جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے