19 اربع , سيپٽمبر 2018

آرمي چيف جو جنرل قمر جاويد باجوه جو پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري واه جو دورو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنر قمر جاويد باجوه پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري (پي او ايف) واه جو دورو ڪيو آهي. پاڪ جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه واه ڪينٽ پهتو جتي هن پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جو دورو ڪري اداري جي پيداروار ۽ ٻين معاملن سميت مختلف منصوبن تي بريفنگ ورتي. آرمي چيف کي پي او ايف جي مستقبل جي ويزن ۽ حڪمت عملي کان سواءِ تحقيقاتي ۽ ترقياتي منصوبو بابت به آگاهه ڪيو ويو. پاڪ فوج جي سربراه پي او ايف کي دفاعي پيداوار جي حوالي سان اهم درجو ڏيارڻ تي آفيسرن ۽ ملازمن جي خدمت کي ساراهيو ۽ موجوده چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اداري جي مهارت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو. ان موقعي تي آرمي چيف پي او ايف واه ۾ ڪيترين ئي سهولتن جو افتتاح به ڪيو، ان سان گڏوگڏ يوريا مولڊنگ پلانٽ يو ايف ايم سي جو به افتتاح ڪيو. انهن سهولتن سان پي او ايف واه ۾ رهندڙ 11 هزار خاندانن به فائدو حاصل ڪري سگهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرڪاري اسپتالن ۾ کدڙن فقيرن جو الڳ وارڊ، پنجاب جي صحت واري کاتي کان تجويزون طلب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ کدڙن فقيرن لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ الڳ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے