19 اربع , سيپٽمبر 2018

بينظير قتل ڪيس ۾ جاچ انتهائي بي دلي سان ٿي، حملي آورن ۽ اصل ڏوهارين تائين پهچڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي: بي بي سي رپورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) بي بي سي بينظير ڀٽو قتل جي جاچ ۾ سنگين غفلتن جي نشاندهي ڪئي آهي. بي بي سي بينظير ڀٽو بابت تفصيلي رپورٽ شايع ڪئي آهي جنهن ۾ ڪيس جي جاچ دستاويزن جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته پوليس ڪيس جي جاچ انتهائي بي دلي سان ۽ گرفتار ڪيل حملي آورن جي ۽ سهولتن جي اصل ڏوهارين تائين پهچڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي. رپورٽ مطابق جاچ آفيسر سعود مرزا هڪ بمبار جو حليو ٻڌايو جيڪو ڪراچي جي هڪ مخصوص علائقي جو لڳي پيو جڏهن ته اها انتهائي اهم ڄاڻ ڪڏهن سامهون نه آندي وئي. رپورٽ مطابق گڏيل قومن واري ڪميشن جي سربراهه چيو ته جاچ ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪجهه حڪومتي وزيرن به تعاون نه ڪيو. هن اسٽيبلشمينٽ ۾ ڪجهه ماڻهن جو بيان وٺڻ چاهيو پر ايئن نه ڪرڻ ڏنو ويو ۽ ان کانپوءِ ان جي آفيس ۽ سيڪيورٽي به واپس ورتي وئي. رپورٽ مطابق ٻن سهولتڪارن کي 15 جنوري 2008ع جي هڪ چيڪ پوسٽ تي مبينا مقابلي ۾ ماريو ويو. ان کانپوءِ ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي به ماريو ويو جن ۾ بينظير ڀٽو جي سيڪيورٽي تي مقرر خالد شهنشاهه به شامل آهي ان واقعي جو هڪ جوابدار اڪرم الله اڃان زندا آهي ۽ ڪيس ۾ سزا صرف ٻن آفيسرن کي ٻڌائي وئي جن حادثي واري جاءِ ڌورائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرڪاري اسپتالن ۾ کدڙن فقيرن جو الڳ وارڊ، پنجاب جي صحت واري کاتي کان تجويزون طلب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ کدڙن فقيرن لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ الڳ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے