18 جمعرات , جنوری 2018

ٻارن کي مڇي کارايو ۽ ذهين بڻايو

پنسلونيا (ويب ڊيسڪ) چيني ۽ آمريڪي ماهرن هڪ جاچ بعد چيو آهي ته جيڪي ٻار هفتي ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو مڇي کائيندا آهن ٻين ٻارن جي مقابلي ۾ انهن جو آءِ ڪيو پنج درجا بهتر هوندو آهي. هڪ عرصي کان اها ڳالهه عام آهي ته مڇي ٻارن کي ذهين بڻائي ٿي پر ڪُجهه ماهرن ان کي وهمي خيال چوندا رهيا تنهن هوندي هاڻي هڪ ڊگھي ۽ وڏي جاچ بعد ان ڳالهه جي تصديق ٿي آهي ته مڇي کائڻ سان ٻارن جي ذهانت تي هاڪاري اثر ٿئي ٿو. چيني ٻارن تي هڪ جاچ ڪئي وئي آهي جنهن کي يونيورسٽي آف پنسلونا جي اسڪول آف نرسنگ جي پروفيسر جيانگ هونگ لوئي انجام ڏنو آهي. هو چوي ٿي ته ان جاچ بعد آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي ٻارن جي خوراڪ جون ترجيحون تبديل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن انهن ٻارن  جي بهتر طريقي سان افزائش ٿي سگھي. پروفيسر جيانگ هونگ لوئي چيو ته جيڪهن والدين چاهن ٿا ته سندن ٻار تندرست رهن ۽ هڪ اسڪول ۾ بهترين ڪارگردگي ڏيکارن ته کين هفتي ۾ هڪ ڀيرو مڇي ضرور کارائن. جاچ لاءِ ٽيم چين ۾ 500 اهڙن ٻارن جي چونڊ ڪئي جن جي عمر 9 کان 11 ورهيه هئي ۽ سندن کاڌي جو جائزو ورتو ويو. انهن ٻارن کان کاڌي پيتي جي معمول تي هڪ سوال نامو ڀرايو ويو جنهن ۾ پُڇيو ويو ته هنن گذريل مهيني ڪيتري مڇي کاڌي هئي. ان جي آپشنز ۾ بلڪل نه کان هفتي ۾ هڪ ڀيرو مڇي کائڻ تائين شامل هو. ماهرن اِنهن ٻارن جو ذهن ڏسڻ لاءِ چين ۾ رائج ويشلر انٽيلي جنس اسڪيل استعمال ڪيو جنهن ۾ هڪ ٻار جا وربل ۽ نان وربل تي ٻڌل روين کي ماپيو ويندو آهي. گڏ ئي والدين کان ٻارن جي ننڍ بابت پُڇاڻو ڪيو ويو ته هو ڪيتري دير تائين سمهندا، رات جو ڪيترا ڀيرا جاڳندا يا ڏينهن جو سمهندا آهن يا نه؟. ماهرن ڊگھي جاچ بعد انڪشاف ڪيو ته جيڪي ٻار هفتي ۾ هڪ ڀيرو مڇي کائيندا آهن انهن جو ٻين مڇي نه کائيندڙ ٻارن جي مقابلي ۾ آءِ ڪيو 4.8 پوائنٽ وڌيڪ هوندو آهي. جن ۾ ٻارن ڪڏهن ڪڏهن کاڌي هئي انهن جي صلاحيت به بهتر هئي جڏهن ته مڇي نه کائڻ وارا ٻار کائن پوئتي رهيا. ان جاچ کان سواءِ کاڌي جي هڪ ٻي آمريڪي ماهر سمانٿا هيلر چيو ته مڇي پروٽين ۽ اوميگا ٿري فيٽي ايسڊ جو بهترين ذريعو آهي. فيٽي ايسڊ دماغ کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن جڏهن ته ننڍن ٻارن جي دماغي نشونما ۾ به انهن جو اهم ڪردار هوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جسم لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ ميگنيشيئم

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ ڪينسر جو مرض تيزيءَ سان وڌڏي رهيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے