24 سومر , سيپٽمبر 2018

سجاول: نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ سٽي سجاول ۽ نيشنل ٽيم ميچون کٽي ورتيون

Pakistan-sindh-SajawalDistricNotified_10-12-2013_122248_lسجاول (ڊ ر) سجاول بوائز هاءِ اسڪول گرائونڊ ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ دوران دلچسپ مقابلا جاري آهي. ان حوالي سان پهرين رائونڊ ۾ سٽي سجاول ۽ شام اليون جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ شام اليون پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 56 رنسون ٺاهي سگهي، جواب ۾ سٽي سجاول 5 اوورن ۾ گهربل ٽارگيٽ بنا ڪنهن وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. اوپنر خباب جوڻيجي کي 42 رنسون ٺاهڻ تي مين آف دي مچ قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ٻئي رائونڊ ۾ ورلڊ اسٽار ٽيماڻي ۽ نيشنل ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ نيشنل جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 159 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ ورلڊ اسٽار ٽيماڻي 90 تي ڍير ٿي وئي. گلشير ملاح کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: ڀارت هڪ دفعو وري پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سرپر فور جي هڪ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے