24 منگل , اپریل 2018

نيو ورلڊ آرڊر جي پڙاڏي ۾ هڪ ٻئي ڀٽي جي شهادت

ڊاڪٽر طالب لاشاري

27 ڊسمبر جي شام، مرگلا جي پهاڙين تان سرد هوائن جي چادر اسلام آباد تي ڦهلائي ڇڏي هئي، مان آفيس ۾ ليپ ٽاپ کي بند ڪري گهر وڃڻ جي تياري ڪندي سوچي رهيو هيس ته محترمه لياقت باغ ۾ پنهنجو خطاب پورو ڪري چڪي هوندي، ايتري ۾ هڪ دوست جو ايس ايم ايس آيو ته بيبي تي خودڪش حملو ٿيو آهي پر بي بي خيريت سان آهي.

مون فورن گهر فون ڪئي ته جيئن ٽي وي تان تازي صورتحال معلوم ٿئي چند لمحن ۾ گهران فون آيو ته بي بي شديد زخمي آهي، پندرهن منٽن کان سندس ساهه نه پيو بحال ٿئي. مون کي پنهنجو ساهه ڳلي ۾ ڦاسندو محسوس ٿيو ۽ آفيس ۾ ويٺل ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ڏانهن ڊوڙيس ۽ سڄو اسٽاف هڪ ٽي وي سيٽ ڀرسان وڃي ويٺاسين. چند لمحن ۾ اها خبر آئي جنهن سڄي ملڪ تي قيامت برپا ڪري ڇڏي. تڪڙ ۾ گهر پهتس، ايتري ۾ پير آف چيهو شريف پير عبدالله جو فون آيو. هڪ ٻئي سان افسوس ڪندي اوڇنگارون نڪري ويون. مان فورن ايف سيڪٽر مان زرداري هائوس پهتس، جتي ڪجهه اڳواڻ پارٽي ورڪر ۽ اسٽاف موجود هيو. سڀ ماڻهو روئي رهيا هئا، خبر پئي ته حاڪم علي زرداري صاحب پهچي چڪا آهن ۽ راولپنڊي جنرل هاسپيتل ويل آهن، جتي اسان جي ڀيڻ جو مڙهه رکيل هيو، رات جو ڏهين وڳي مخدوم امين فهيم صاحب، رحمان ملڪ ۽ شيري رحمان پهتا، مخدوم صاحب کي سيني ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ڪافي سور هيو . ان کان پوءِ ڪافي تعداد ۾ صحافي به پهچي ويا. ساڍي ڏهين وڳي مخدوم صاحب اها پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن ۾ پارٽي پاران سرڪاري طرح ان اندوهناڪ سانحي ۽ 40 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو، مخدوم صاحب کان اسان واقعي بابت به پڇيو.

مملڪت خداداد پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڀٽي خاندان جو هي چوٿون لاش اسان کي مليو آهي، تاريخ جي رهزنن، تاتارين، ترخانن ۽ چنگيزين، سنڌ جي روح کي تڙپائي ڇڏيو آهي، لطيف سائين جو ڪيڏارو، تنبوري جي تندن تي جاڳي پيو آهي، روءِ زمين جي ٽن قديم تهذيبن مان هڪ ۽ پنج هزار سال پراڻي تهذيب هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي رت جي ڀيٽا ڏئي انساني تهذيب کي جيئڻ جو گس ٻڌايو آهي.

بي بي جي شهادت جي چند ڪلاڪن اندر سنڌ ۽ پاڪستان ٻري اٿيو، انڊس هاءِ وي کان وٺي شاهراهه ريشم تائين هر شيءِ بلاڪ ٿي وئي، سرحد جا قبائلي علائقا جيڪي مذهبي انتهاپسندي جي ور چڙهيل آهن اتي به احتجاج شروع ٿي ويو. تدفين واري ڏينهن تقريبن ٻه کان اڍائي هزار ماڻهو پارليامينٽ هائوس سامهون گڏ ٿيا. جتي مان، اي آر ڊي جي نائب صدر رائو جاويد علي سان گڏ پهتس، ماڻهو زارو قطار روئي رهيا هئا، خاص ڪري راولپنڊيءَ جي ڪارڪنن جي حالت خراب هئي. هڪ عورت ڪارڪن بيهوش به ٿي وئي. ايتري ۾ پوليس چوڌاري ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. شديد نعريبازيءَ ۽ ٽائر سڙڻ کان پوءِ غائبانا جنازي نماز پڙهي وئي. حڪمران هن سياسي طوفان کي غور سان ڏسي رهيا هئا ۽ گذريل اٺن سالن کان ملڪ سان ڪمانڊو ايڪشن ڪندي انتهائي پلاننگ سان سرڪاري پارٽين ۽ سندن جرائم پيشا ماڻهن کي ميدان تي آڻي، انتهائي چالاڪي سان ذاتي ملڪيت ساڙائي سڄي معاملي کي نسلي ۽ ذاتي رنگ ڏنو پر تاريخ دان مبارڪ علي جو اهو چوڻ به قابل غور آهي ته ”تاريخ جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته جڏهن به مفلس ۽ مفلوڪ الحال ماڻهو اٿندا آهن ته پنهنجي اڳيان ايندڙ هر شيءِ کي ڀسم ڪري ڇڏيندا آهن“.

افسوسناڪ پهلو اهو هيو ته محترمه جي شهادت تي عوام جي عظيم مزاحمت جيڪا ملڪ ۾ ڪنهن سياسي انقلاب جو پيش خيمو ثابت ٿئي ان کي هڪ ٻن ڏينهن ۾ ئي حڪمرانن طرفان غلط رنگ ڏئي اجهايو ويو.

محترمه جي شهادت، روسي دانشور ڪالينن جي ڪتاب ”تاريخ ۾ فرد جو رول“ کي ٻيهر ذهنن تي تازو ڪري ڇڏيو آهي. محترمه جهڙي عظيم هستيءَ سان مون کي 1992ع کان وٺي ملاقاتن جو موقعو مليو، جڏهن مون اسٽوڊنٽ لائف کان پوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ذاتي دوست ڊاڪٽر ڪامل راڄپر پاران محترمه شهيد سان متعارف ڪرائڻ کان پوءِ باضابطا طور پارٽي جو ڪم شروع ڪيو ۽ بعد ۾ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر به ٿيس بعد ۾ محترمه جڏهن جلاوطن رهي ته ساڻس اي ميل تي مسلسل رابطو رهيو. حقيقت هي آهي ته محترمه پڙهيل لکيل ساٿين جو انتهائي خيال ڪندي هئي ۽ انهن جي ڏنل تجويزن کي پارٽي اڳواڻن ڏانهن موڪليندي هئي.

سياسي بنيادن تي تجزيو ڪجي ٿو ته چوٿين ڀٽي جي شهادت هن خطي جي سياست بابت نوان سوال اٿاريا آهن، انهن سوالن جي جواب ڳولڻ کان سواءِ  اسان وٽ هاڻي ڪو چارو ڪونهي.

اهي سوال هي آهن ته ”اصل تي وڊي سرڪاري“ جي 60 سالن کان جاري ايجنڊا جو اسان وٽ ڪهڙو جواب آهي، پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ مستقبل جي جوڙجڪ بابت اسان وٽ ڪهڙو حل آهي، عالمي صورتحال جنهن جو فوڪس ايشيا تي اچي ويو آهي، ان جو ڪهڙو حل آهي، هن سوال کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ لاءِ ان کي مختصر بيان ڪرڻ ضروري آهي.

سوشلسٽ بلاڪ ۽ سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ طاقت جو توازن آمريڪا جي حق ۾ ٿي ويو آهي، نين مارڪيٽن جي تلاش، وچ اوڀر ۽ سينٽرل ايشيا جا تيل جا ذخيرا جيڪي آمريڪي ۽ يورپي سرمائيداريءَ جي بقا لاءِ ٻارڻ جو ڪم ڏيندا، تن جي قبضي لاءِ آمريڪا، يورپ کان ڪافي اڳتي نڪري چڪو آهي. عراق ۽ افغانستان ۾ آمريڪي موجودگي انهيءَ پاليسي جو حصو آهي، ايندڙ معرڪي طور ڏکڻ ايشيا مختلف طاقتن جي ايجنڊا تي سرفهرست آهي، قنڌار جي طالبان کان وٺي (جن لاءِ عبدالرحيم گروهڙي مرحوم چيو هيو ته ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌاران جوکو“

لالو کيت جي ايم ڪيو ايم تائين ڪنهن جو ڪهڙو رول هوندو اُهي شيون انتهائي اهميت اختيار ڪري چڪيون آهن. سينٽرل ايشيا کان وٺي سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ تائين تيل جي رسد ۽ عربي سمنڊ جي گرم پاڻيءَ تائين رسائي عالمي سرمائيداريءَ جي لائيف لائين جو ڪم ڏيندي.

سڄي معاملي جو تجزيو ڪرڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته ان سڄي صورتحال کي سمجهڻ، انهي جو ڏاهپ سان حل ڳولڻ جي صلاحيت شهيد ڀيڻ محترمه بينظير ڀٽو ۾ هئي. مستقبل جي انهي وايومنڊل ۾ وٽس سنڌ جي سورن جو به ادراڪ هيو ۽ منجهس عالمي سرمائيداري ڪئمپ جي ليڊرن سان ڊائلاگ ڪرڻ جي به بي پناهه صلاحيت موجود هئي.

18 آڪٽوبر جي استقبال ۽ ان کان پوءِ محترمه جي جلسن ثابت ڪري ڇڏيو هو ته سندس ان بي پناهه سياسي سگهه ۾ هر ڏينهن اضافو ٿي رهيو هو، ڪروڙين محڪوم، مفلس ۽ پيڙهيل ماڻهو مٿس اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار هيا، اها صورتحال مختلف قومن ۽ ”دهلي جي ٺڳن“ کي قبول نه هئي.

سنڌ جي هن عظيم نياڻيءَ جنهن ملڪ جي ڪروڙين عوام کي جيئڻ جو اتساهه ڏنو ان جي عظيم غم کي نئين طاقت ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. وري ڪنهن نئين لاش وٺڻ کان انڪار لاءِ بولان، راوي، چناب ۽ خيبر جي محڪومن جي نجات لاءِ ۽ جديد سنڌ جي تعمير لاءِ.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستاني سياست ڪيڏانهن پئي وڃي؟

علي ٿهيم پاڪستاني سياست ۾ عمران خان جي انٽري ۽ سندس پارٽي جو شمار ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے