26 جمعرات , اپریل 2018

شهيد محترمه بينظير ڀٽو تاريخ جو عظيم آواز

انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي اڃ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ اسان 10 هين ورسي ملهائي رهيا آهيون ان موقعي تي آزاد ڪشمير کان وٺي پاڪستان جي خيبر پختون خواهه ۽ خيبر پختون خواهه کان وٺي بلوچستان ، پنجاب ،سنڌ، بلوچستان صوبن جي هر ننڍي وڏي شهر ۽ ڳوٺ مان شهيد محترمه بينظير جي فڪر جا جانثار ڪارڪن پ پ جا جيالا لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿيل هوندا ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سميت، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ، شهيد مير مرتضٰي ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو جي مزارن تي وڃي انهن کي خراج تحسين پيش ڪندا ۽ سندن سان عهد وفا ڪندا ،مون عظيم شهيد محترمه بينظير ڀٽو تي سهيڙيل پنهنجي هڪ ڪتاب (تاريخ جو عطيم آواز) ۾ شهيد بينظير ڀٽو، ۽سندس والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ،سندس ڀائرن شهيد مير مرتظي ڀٽو ،شهيد شاهنواز ڀٽو جي شهادتن تي لکيو هو ته لاڙڪاڻي جي هن ڀٽو خاندان سان جيڪو ويل وهايو ويو آهي ان جو ڪارڻ هڪ هيو ته هو ويڪائو وکر نه هيا هو هڪ سنڌي خاندان هو ۽سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي جو رهواسي هو ۽ سنڌ ڌرتي سان تعلق رکندڙ هيو ۽ هو دنيا جا ذهين ترين انسان هيا هو پنهنجي ذهن ۽ ضمير جو آواز ٻڌندا هيا،ان ڀٽي خاندان کي سازشن تحت  جسماني طور اسان کان جدا ڪرڻ جو مقصد پ پ پ کان قيادت کسڻ هيوجنهن قيادت تي سڄي دنيا ۾ سڌين کي ناز هيو۽پاڪستان جو مظلوم آواز کين پنهنجو آواز سمجهندو هيو اهو آواز جيڪو دنيا ۾ پاڪستان جي مظلومن جو آواز بنجي ملڪ جي آمريتي قوتن ۽ دنيا جي سامراجي قوتن کي للڪاريندو هيو ،شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شخصيت زندگي جي جدوجهد هڪ تحريڪ ۽ هڪ تاريخ به هئي ،اهڙي جهڙي ڪنهن شاعر چواڻي ته

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا،

هن گهايل ڌرتي جي سيني تي ،

اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا،

جا دنيا کي جاڳائي ٿي،

جا دنيا کي بدلائي ٿي ،

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي ۽ان جي زندگي جي جدوجهد به هڪ تاريخ هئي ۽ ان جي شهادت اهڙي گهري چيخ هئي جيڪا دنيا کي جاڳائڻ ۽ سماج کي بدلائڻ جو سڏ هئي،ڪنهن ڏاهي جي چوڻي آهي ته زندگي انسان کي هڪ دفعو ملي ٿي ان کي پنهنجي ذات لاءِ جيئڻ بجاءِ انسان ذات جي ڀلي لاءِ جيئڻ گهرجي شهيد محترمه بينظير ڀٽو سميت لاڙڪاڻي جي ان ڀٽي خاندان زندگي پنهنجي ڀلي لاءِ گذارڻ بجاءِ انسان ذات جي ڀلي لاءِ گذارتي آهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سندس نياڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽوتوڙي سموري خاندان هن ايشيا جي عطيم خطي ۾ پوري مسلم دنيا سميت پاڪستان جي عوام جي بنيادي مسئلن لاءِ ويڙهه ڪندي موت کي خوشي سان گلي لڳايو آهي ،منهنجي نطر ۾ پاڪستان جو بنيادي مسئلو ،غربت بک ،بيروزگاري،۽جهالت کان پوءِ وڏي ۾ وڏو مسئلو جمهوريت جو اهي ۽ جمهوريت لاءِ ويڙه ئي هڪ عطيم زندگي آهي جيڪا ٻين لاءِ جئي وڃي ٿي ان جمهوريت جي ويڙهه ۾ شهيد بينظير ڀٽو ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي سموري خاندان جو ڪردار هر اول دستي وارو رهيو آهي ۽اڳواڻي ڪندڙ رهيو آهي .

محترمه بينظير ڀٽو تاريخ جو عطيم آواز هئي جيڪا دنيا جي مظلوم پيڙهيل عوام کي مظلوم قومن کي ڏيهي توڙي پرڏيهي، جابر ۽ ظالم قوتن کان آزادي ڏيارڻ لاءِ ۽استحصالي سماجي ۽ معاشي نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ جانين جو نظرانو ڏنو،شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي جن قوتن شهيد ڪرايو اهي قوتون اهي آهن جن جي اها سوچ آهي ته پاڪستان خصوصن سنڌ کان سياسي قيادت کسجي ڇو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو اها شخصيت هئي جنهن جي هڪ لفظ جي آواز تي لکين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هيا ۽لکين پورهيت ماڻهو جا هٿ اڀا ٿي ويندا هيا ،هن جي هڪ جملي تي هر پورهيت ماڻهو جان ڏين لاءِ تيار ٿي ويندو هيو ،ان بينظير ڀِٽو جي سياسي فڪر جدوجهد جو بار هاڻي سندس ور آصف علي زرداري جي ڪلهن تيهيو،  جنهن هاني اهو بار آصف علي زرداري شهيد راڻي ۽ پنهنجي  فرزند بلاول ڀٽو جي ڪلهن تي رکيو آهي آصف علي زرداري اهوانسان آهي جنهن شهيد بينظير ڀٽو جي پنجاب صوبي جي راولپنڊي شهر ۾ شهادت وقت سنڌ جي هر گهر لاڙڪاڻي جي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جمهوريت جي شهيدن جي مزارن تي نه کپي نه کپي پاڪستان نه کپي جي نعرن جي جواب ۾ کپي کپي پاڪستان کپي جو نعرو هني پاڪستان کي بچايو هيو ۽ بلاول ڀٽو زرداري اهو انسان اهي جنهن پنهنجي عظيم ماءُ، عظيم قائد جي لاش کي ڪلهو ڏيڻ باوجود جمهوريت ئي شهيد محترمه بينظير جو خوبصورت پلاند آهي، جو نعرو هڻي پاڪستان کي بچائڻ جو عزم ڪيو هيو ۽ محترمه جي مشن کي مڪمل ڪرڻ جو عهد ڪيو هيو هن پاڪستان سان سنڌين ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي خاندان جي ٻي ڪهڙي وفاداري ٿي سگهي ٿي جو پاڪستان پيپلز پارٽي کي لکين خدشا هجڻ باوجود نه رڳو وفاقي سياست ڪري رهي آهي پر ان ۾ ويساهه رکي ٿي پر ان پاڪستان ۽ وفاق کي بچائن لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽قربانيون ڏنيون آهن پاڪستان اڄ ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي پ پ جو چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري ان کي ان ڏکين حالتن مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجي نا نا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فڪر جنهن لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽوبه پنهنجي جان ڏني، اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو هڻي، جمهوريت اسان جي سياست ، اسلام اسان جو دين، منزل اسان جي سوشلزم، طاقت جو سرچشمو عوام جو چار نڪاتي پروگرام ڏئي پاڪستان پيپلز پارتي جو بنياد وڌو هيو ان پارٽي ۽فڪر کي هاڻي بلاول ڀٽو زرداري اڳتي وڌائي رهيو آهي .

اسان جو فرض آهي ته اسان شهيد قائد محترمه بينظير ڀٽو جي ڏهين ورسي جي موقعي تي هي عزم ڪيون ۽نعرو هڻون ته شهيد قائد محترمه بينظير ڀٽو زندهه آهي ،بلاول ڀٽا زرداري قدم وڌاءِ سنڌ توسان گڏ آهي ڇو ته پ پ پ آهي ته سنڌ آهي بلاول ڀٽو زرداري آهي ته پ پ آهي ۽اسان کي يقين ڪرڻ گهرجي ته بلاول ڀٽو زرداري ئي آهي جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حقيقي فڪرکي رياست جو فڪر بنائي عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏياري سگهي ٿو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو به اهو ئي نعرو ۽ آخري مقصد هو ته ،هي انسان گهري ٿو اجهو لٽو ۽ روزگار ،اسان سنڌ جا ماڻهو هن وقت بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ جو ساٿ ڏئي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي بهترين خراج تحسين پيش ڪري سگهون ٿا ،شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي شهادت کان ڪجهه گهڙيون اڳ راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو هو ته مان تبديلي آڻڻ ۽ ملڪ کي جمهوريت طرف وٺي وڃڻ لاءِ جان جي پرواه نه ڪئي آهي عوام جي حقن لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان اڄ  ان جو فرزند جان جي پرواهه نه ڪندي شهيد راڻي جي رستي تي هلي رهيو آهي ۽بلاول جي جدوجهد کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته بينظير ڀٽو بلاول جي روپ ۾ زندهه آهي زندهه رهندي جيستائين چنڊ ستارا رهندا ڀُٽي جا نعرا لڳندا رهندا ۽ جيستائين رات آنڌاري رهندي بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ جدوجهد جاري رهندي.تاريخ ۾ انهن شخصيتن جو نالو زندههه رهندو،  اهي جيڪي عظيم سياسي اڳوان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جيان زندگي گذارين ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جيان موت ماڻن  ،شهيد بينظير ڀٽو عطيم هئي عظيم رهندي زندههه هئي زندههه آهي جيستائين ملڪ جي رياست تي عوام جي جمهوري حڪومت قائم نٿي ٿئي بينظير ڀٽو جي فڪر واري جدوجهد جاري رهندي

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه جهوني جوڳيءَ مواليءَ کي دڙڪا ڏيندي چيو ته ”هن وقت ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے