20 خميس , سيپٽمبر 2018

اظهار جي آزادي

تنوير زمان خان لنڊن

برطانيا جي هڪ پارلياماني ڪميٽيءَ ۾ ”اظهار راءِ جي آزادي“ جو تحفظ ڪرڻ تي مختلف تجويزون ڏنيون ويون آهن ۽ اظهار راءِ جي آزاديءَ جي اهميت تي اهو چئي زور ڏنو ويو آهي ته ان کي رڳو هڪ قانوني تصور طور ئي نه پر هڪ مثبت قدم قدم اختيار ڪرڻ گهرجي، انساني حقن بابت گڏيل ڪميٽيءَ ۾ هيءَ ڳالهه به اٿاري وئي ته شاگرد يونين ۾ مذهب جي نقاد شاگردن کي خوام خواهه سينسر ۽ روڪ ۽ ٽوڪ جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ڏٺو وڃي ته نيم سرڪاري يا خانگي اسڪولن ۾ اهڙين پابندين کي قانوني حيثيت طور هلايو ويندو آهي. اڄ هتي ان موضوع کي ان ڪري به بحث هيٺ آڻڻ گهران ٿو جو اظهار راءِ جي موضوع تي اسان جي ايشيائي يا خاص ڪري پاڪستاني ڪميونٽي ۾ جيڪا برطانيا يا پاڪستان ۾ ويٺل آهي يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ سندن ڳالهه ٻولهه ۾ نه صرف عدم برداشت اچي چڪي آهي پر موضوعن ۾ به تنگي اچي چڪي آهي سو اهڙي جمود کي ٽوڙڻ لاءِ ۽ اهڙن بحثن کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن اسان جي سياستدانن جون به اکيون کلن جيڪي پنهنجي مثالن ۾ يورپ ۽ برطانيا جي ترقيءَ جا مثال ڏيندي پنهنجي نڙي سڪائي ڇڏيندا آهن پر اهي اهو ناهن ٻڌائيندا ته ان ترقيءَ پٺيان اظهار راءِ جي آزايءَ جو ڪيترو عمل دخل آهي.

اسان ته هر شيءِ ۾ اظهار جي آزاديءَ جي نڙي گهٽڻ کي فخر جي ڳالهه سمجهندا آهيون. پوءِ ڀلي اهو محبت جو اظهار ئي ڇو نه هجي پر واردات ۽ ڏوهه جي شڪل ۾ هو سڀ ڪجهه ڪندا آهن، جنهن جي سرعام نفي ڪندا آهن، فقط عادتون ۽ طور طريقا يا معاشرت کي کليل نموني بيان ڪرڻ، تنقيد ڪرڻ اظهار آزاديءَ جي زمري ۾ نه ٿو اچي پر انهن سمورين ڏند ڪٿائن ۽ عقيدن کي پرکڻ، جن تي اسان هڪ ڪلچر جيان براجمان ٿيا ويٺا آهيون، انهن مان ڇا قدرتي ۽ سائنسي طور درست ٿي سگهي ٿو ۽ ڇا فقط اسان جي دماغ جو فڪري مغالطو آهي. ان زاويي ۽ جذبي سان پنهنجي نوجوان نسل کي آگاهه ڪرڻ ۽ انهن کي ايئن ڪرڻ جي آزادي ڏيڻ، جن سان صرف پنهنجي تصوراتي روايتن کي ترڪ ڪن ۽ سائنسي روايت کي اختيار ڪن. هتي يورپ ۾ اظهار جي آزاديءَ کي انسان جو بنيادي حق مڃڻ سان گڏوگڏ اهڙيون روايتون به موجود آهن. جن سان ڪنهن ٻئي جي عقيدي ۽ جذبن کي ڪو اهنج نه رسي يعني ٻئي کي سوچڻ جو موقعو ملي ۽ اهو غلط تصور کي پنهنجي ئي دماغ ۾ چيلينج ڪري سگهي ۽ اهو ان سُٽ کي پاڻ سلجهائي، اظهار راءِ جي آزادي، آزاد سماج جو بنيادي جز آهي ۽ بنيادي ٿنڀ به ۽ ميڊيا به ان ٿنڀ جي زبان آهي، جيڪا اسان جو مڪمل سماجي تصور قائم ڪري ٿي.

ميڊيا کي ڏسندي سماج جي معيار ۽ معاشري جي طرز کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو، يورپ ان زاويي جي سلسلي ۾ چڱي ترقي ڪئي آهي، جنهن جو گهڻو حصو ديسي ۽ ايشيائي پسمنظر رکندڙن لاءِ هضم ڪرڻ به مشڪل آهي. جتي حاڪم ۽ محڪوم طبقي وچ ۾ ڪو رابطو ناهي ۽ نه ئي حاڪم طبقو ان کي ضروري سمجهي ٿو. پر آزاد معاشري ۾ اظهار جي آزادي حڪومتن کي ليگل اٿارٽي مهيا ٿي ڪري ته جيئن حڪومتون عوام جي اشوز لاءِ ڪم ڪن ۽ ڊيڊ لاڪ پيدا نه ٿئي. ڪنهن به لمحي اظهار جي آزاديءَ کي روڪي نه ٿو سگهجي. پوءِ ڀلي اهو بريگزٽ جو معاملو هجي هم جنس پرستن جي شاديءَ جو، مذهب يا عقيدو رکڻ جو معاملو هجي، ترڪ ڪرڻ جو، ان جو هڪ مهذب طريقيڪار موجود آهي، جنهن سان انساني سوچ ۽ رويي سان لاڳاپيل ڪو به معاملو توهين جي صورت اختيار نه ٿو ڪري ۽ سماجي طور ان جي شفافيت برقرار رکي ويندي آهي. اسان اهڙن سمورن معاملن ۾ گهڻو پٺتي آهيون، اسان ته سي پيڪ جهڙي اقتصادي ۽ سياسي معاملي تي به شفافيت سان بحث ڪرڻ ۽ عوام کي حقيقت کان آگاهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون.

پسند جي شادي، پسند جو عقيدو، يا عقيدي جي تبديليءَ جهڙن سماجي معاملن تي ڳالهائڻ ته اسان وٽ ميڊيا تي به گهڻي حد تائين ممنوع آهي، ذاتي ۽ خانداني سطح تي ته گناهه تصور ٿئي ٿو، اهو ئي رويو اسان کي آمريت پسند بڻائي ٿو، سو جي جمهوريت هلائڻي آهي ته اظهار جي آزادي جي سلسلي ۾ جمود ٽوڙڻو ضروري آهي نه ته اسان مهذب انسانن جي صف ۾ اچي نه سگهنداسين. انسان ئي اهڙي مخلوق آهي جيڪو اظهار جي آزادي جي جذبي جو قدر ڪري ۽ سڃاڻي سگهي ٿو ۽ قدرت جي ان تحفي مان فائدو ماڻي سگهي ٿو. ياد رهي ته تقرير ۽ چڙ ڏياريندڙ تقرير ۾ فرق قائم رهڻ گهرجي، ٻنهي کي گڏائي نه ٿو سگهجي، اظهار جي آزاديءَ جو مطلب نفرتون گهٽائڻ ۽ ختم ڪرڻ آهي ته جيئن اسان هڪ ٻئي کي هر سطح تي برداشت ڪرڻ سکون، ان سان ئي محبت جو معاشرو ٺهندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوءِ سوال ته ٿيندو…!

شفيق الرحمان شاڪر اڄ کان اٽڪل 22 سال پهرين عمران خان هڪ سياسي پارٽي قائم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے