18 جمعرات , جنوری 2018

پوليس گردي پ پ حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي

محبوب چانگ

ڪڏھن آبادگارن تي ڪڏھن استادن تي هي ڪاپهرين پوليس گردي ناهي پر پ پ حڪومت ڊڪٽيٽر ضياءَ جي دور کي عملي جامو پارائي ضياءَ  جي 11 سالا دور جي پوڄاڻي کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهرائي ڊڪٽيٽرس ۾ پنهنجو نالو لکرائي ضياءَ  الحق سان ٻڌي ۽ پاسداري جو ثبوت ڏنو آهي هاڻي عوام تي آهي ته ان کي ڪهڙا لقب ٿا ڏين، پ پ  جي قيادت کي، مرادالحق، بلاول الحق،  يا آصف الحق ، نالي رکڻ تي پ پ حڪومت  عوام کي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ، هاڻي عوام تي آهي ته ڪهڙو نانءُ  ڏيان او ظالم ، جيڪو نالو کڻي نعرو هڻي، اهو عوام کي سوچڻو پوندو ،  پر پ پ حڪومت ماڻهن کي شعر بڻائڻ  سان گڏ تحرڪ ھلائڻ تي به مجبور ڪري ڇڏيو آهي ، پر هاڻي هڪ نظر شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪردار تي جنهن نالي جو کٽيو کائي ايوانن جا مزا ماڻي سڪون جي ننڊ سمهڻ وارن بگهڙن کي ،

شهيد ڀٽو جو منشور ياد ڏيارڻ جي پوري ڪوشش ڪندو هلان ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جنهن جي عوام سان پيار ڪيو ۽ هر اسٽيج تي تقريرو ڪري واضح لفظن ۾ چيو ”ايڪ ذوالفقار علي ڀٽو جو اپ ڪي سامني کڙا هي ايڪ جو تم لوگ کڙي هو “ يعني ڀٽي صاحب عوام کي پنهنجو نالو ڏئي پنهنجي عوام کي پنهنجو جيالو بڻايو، هارين کي زميندارن کان حق وٺي ڏيڻ ۽ غريبن بيوس لاچارن جي مدد ڪرڻ ۽ ظالمن خلاف جدوجهد ڪرڻ جو درس ڏئي حق سچ جو جهنڊو هڻي عوامي ليڊر بنجي ويو ،، جنهن عوام جي ڀلي لاءِ موت قبول ڪيو پر ڊڪٽيٽر سان سمجهوتو نه ڪيو، آخر شھادت جو جام پي هميشه  لاءِ پنهنجي جيالن کي اڪيلو ڪري ويو،

پر شھيد جي متوالن شهيد جي درس کي ياد ڪندي ،، هڪ اهڙ تحرڪ ھلائي ايم آر ڊي جي نالي تي جنهن ان دور جي ڊڪٽيٽر جون متون مجهائي ڇڏيون ،، جيالن تي ضياءَ دور ۾  به اهڙي طريقي سان،  پوليس گردي ٿيندي هئي ، مگر جيالن پنهنجي استاد جي طرفان مليل درس جي پاسداري ڪندي ظلمن جا داستان پنهنجي دل م سانڍي جئي ڀٽو جي نعري سان ضياءَ جو گهيرو تنگ ڪيو ۽ پوءِ ضياءَ دور جي پڄاڻي ٿي  ۽ پوءِ   محترمه بينظر ڀٽو  جلاوطني ختم ڪري پاڪستان اچي پنهنجي جيالن جي وارثي ڪئي، محترمه جي پيار ڀري سهاري جيالن ۾ هڪ نئين اميد جاڳائي جيڪا چئن صوبن جي زنجير ثابت ٿي، اهڙي طرح محترمه پنهنجي جيالن جا انگل آرا به مڃيندي نظر آئي ،، ليڪن ظالمن کي اها ڳالهھ پسند ڪونه ائي اهڙي طرح ھڪ عوامي ليڊر عوام جي نظرن کان اوجهل ٿي وئي، پاڪستان سڄو بند ٿي ويو هر طرف کان محترمه جا جيالا زارو زار روئيندا رهيا، ان وقت جي حاڪم حالتون ڏسي فوج کي چپ رهڻ جو اشارو ڏئي ملڪ  بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي.

۽ پوءِ آصف زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هڻي ٺھيل ٺڪيل پارٽي جو هيڊ ٿي  ٺھي جڙي ويهي رهيو ،، پوءِ جيالا احساس ڪمتري م اچي ويا پر ٿوري وقت کان پوءِ وري جيالن پنهنجا جلوا ڏيکاري هڪ دفعو وري پ پ کي اليڪشن ۾  ڪاميابي ڏيارڻ ۾  وڏو ڪردار ادا ڪيو نه صرف جيالن پر همدردي خاطر پاڪستاني جي چئين صوبن جي عوام پ پ کي ووٽ ڏئي چئين صوبن جي زنجير بڻائي ڇڏيو ،،

مگر پاڪستان جي تاريخ  ۾ پهريو ڀيرو 5 سال پورا ڪرڻ واري حڪومت پ  پ جي هئي جنهن جون واڳون آصف زرداري سڀالي اهو ريڪارڊ قائم ڪيو  جنهن ۾ مفاھمت جي پاليسي جا آثار تمام چٽا نظر آيا، اهڙي طرح شھيد ڀٽي جي منشور کي ختم ڪري مفاهمت جا گيت آلاپي ايڪ زرداري سڀ پي ڀاري جو نعرو متعارف ڪرايو ويو، پوءِ پارٽي جو قصور چئجي يا جيالن جي بدقستي  جو ڪافي تعداد ۾ پارٽي اندر پ پ دشمن عناصرن جي آمد به ڳڻتيءَ جو ڳو عمل آهي، جيڪي پ پ قيادت کي غلظ فيصلا ڪرڻ جون صلاحون ڏئي پ پ کي ٽن صوبن مان آئوٽ ڪري صرف سنڌ اندر ڪجهه ضعلن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي

سنڌ جو عوام جنهن ڀٽي خاندان لاءِ وڏيو قربانيون ڏنيون پر پ پ قيادت اهڙن ماڻهن کي عهدن تي ويهاري ڇڏيو آهي جن جي غلظ پاليسن عوام کي بي روزگاريءَ سان گڏ پوليس گردي تحت ڪچليو آهي، پنهنجي حق لاءِ آواز اوٿاريندڙن سان پوليس گردي  شهيد جي منشور کي ضياءَ منشور ۾ تبديل ڪرڻ برابر آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج واري سياست آخرڪيستائين..؟

مصطفيٰ  جمالي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرادي  پنهنجي سموري سياسي وفد سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے