18 جمعرات , جنوری 2018

ڪنهن به ڀارتي فوجي لائين آف ڪنٽرول تي سرحد پار ناهي ڪئي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ڪنهن به ڀارتي فوجي لائين آف ڪنٽرول تي سرحد پار ناهي ڪئي، ڀارتي ميڊيا طرفان اهڙي پروپئگنڊا سرسي ثابت ڪرڻ ۽ ڏسندڙن کي خوش ڪرڻ لاءِ ناڪام ڪوشش آهي. واضح رهي ته ڀارتي ميڊيا ۾ اهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته هڪ فوجي لائين آف ڪنٽرول ڪراس ڪري ورتي آهي، ڀارت ان کان اڳ پڻ اهڙي قسم جون دعوائون ڪندو رهيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي ڀارت جي اهڙي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف صحيح جاءِ تي بيٺو آهي، اسان کي ڪيرائڻ وارا پاڻ ڪِري رهيا آهن: طلال چوڌري

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته اسان کي ڪيرائڻ وارا …