21 ہفتہ , اپریل 2018

30 انچن جي آفت کي پيٽ ۾ پاليندڙ نوجوان جو ڪامياب آپريشن…!

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) قبضيءَ جو مرض اهڙو آهي، جنهن جي تڪليف مان سڀ ڪو واقف هوندو، جنهن کي به اهو مرض ٿيو هوندو، ان يقينن تڪليف کي منهن ڏنو هوندو پر توهان جي تڪليف جيتري به هجي، اها هن ڇوڪري جي تڪليف کان وڌيڪ نه هوندي. چائنا جي هڪ سرجن غير معمولي آپريشن ڪري هڪ ڇوڪري جي پيٽ مان 30 انچ وڏي آفت ڪڍي آهي، جيڪا ڪيترن ئي سالن کان ان ڇوڪريءَ جي پيٽ ۾ موجود هئي ۽ ڏينهون ڏينهن اها وڌندي پئي وئي. 22 ورهين جو اهو نوجوان مريض، جنهن جو نالو ظاهر ناهي ڪيو ويو، کي  Hirschsprung جو مرض هو، اها اهڙي بيماري آهي، جنهن ۾ مريض حاجت دوران تڪليف کي منهن ڏيندو آهي. چائنا جي شهر شنگهائي جي هڪ اسپتال ۾ ان نوجوان جو علاج جاري آهي، اسپتال انتظاميا موجب جنهن وقت مريض کي اسپتال آندو ويو، ان وقت سندس پيٽ ڪنهن ڳورهاري عورت جيان نظر اچي رهيو هو. اسپتال وڃڻ کان اڳ نوجوان قبضي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف دوائون ۽ پيٽ جو نظام جاري رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر چائنا جي ان سرجن نوجوان کي ان تڪليف مان سدائين لاءِ ڇوٽڪارو ڏياري ڇڏيو. ڊاڪٽر لو موجب نوجوان جو پيٽ ڏسي ائين لڳي رهيو هو ته اهو ڦاٽڻ وارو آهي، مريض جو آپريشن ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهيو. ڊاڪٽر وڌيڪ چيو ته نوجوان جي حالت هاڻ خطري کان ٻاهر آهي، کيس وڌيڪ علاج جي ڪري اسپتال ۾ رکيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ پنجاب يونيورسٽيءَ جي وي سي کي معطل ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پنجاب يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر زڪريا کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے