24 منگل , اپریل 2018

وڏي وزير جي تنقيد سرٽيفڪيٽ آهي ته اسان سٺو ڪم ڪري رهيا آهيون: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪاميابيءَ کانپوءِ وڌيڪ عاجزي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، سڌي دڳ تي هلڻ اسان جي آزمائش آهي، اسان عوام کي حقن ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. پارٽي ميمبرن کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪنهن به ڪائونسلر، سينيٽر يا اسيمبلي ميمبر کانسواءِ ماڻهو جلسي ۾ آيا، اسان جي جلسي ۾ سرڪاري ملازمن کي زبردستي نه آندو ويو هو. هن چيو ته وڏو وزير پاڻ سنڌ جي آزادي گهٽ ٻڌائي رهيو آهي، کيس ته سنڌ جو ڪيس وڙهڻ گهرجي، مراد علي شاهه جي تنقيد سرٽيفڪيٽ آهي ته اسان سٺو ڪم ڪري رهيا آهيون، وڏي وزير جي تعصباڻي سياست باوجود اسان لسانيت جي باهه نه ٻاريندا، پنهنجي ماڻهن کي تعصب جو زهر نه ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت وارا ادارا تباهه آهن، وڏو وزير ٿر ۾ ٻارن کي به نه بچائي سگهيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

مريد ڪي(ويب ڊيسڪ) مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ سبب 5 ڄڻا مارجي ويا. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے