23 ڇنڇر , جون 2018

سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙين تي پاڪستان جو ڀارت اڳيان سخت احتجاج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙين تي ڀارت جي قائم مقام ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس گهرائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستان رک چڪري سيڪٽر ۾ ڀارتي فورسز جي بنا سبب فائرنگ تي سخت احتجاج ڪندي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي جي مذمت ڪئي آهي. پاڪستان ڀارتي فوج طرفان ايل او سي پار ڪرڻ جي دعويٰ رد ڪندي چيو آهي ته اها ڀارت جي غلط فهمي آهي، لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فائرنگ سان 3 جوان شهيد ٿيا، ڀارت 2003ع واري سيز فائر معاهدي جو احترام ڪري. ان موقعي تي ڀارت جي قائم مقام ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي خط به ڏنو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارٽي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏني پر سياست نه ڇڏي آهي: مشرف

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته مان پارٽي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے