19 اڱارو , جون 2018

سڀ سياستدان مري وڃن پوءِ به نواز شريف پنهنجي ڀاءَ کي وزيراعظم بڻجڻ نه ڏيندو: شيخ رشيد

ملتان (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته سڀ سياستدان مري وڃن پوءِ به نواز شريف پنهنجي ڀاءَ کي وزيراعظم بڻجڻ نه ڏيندو، شهباز شريف! توهان پاڻ کي فيصلو ڪري ڇڏيو. ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته آرمي چيف جي ان ڪئميرا اجلاس جو خطاب ظاهر ڪيو وڃي، رضا رباني کان درخواست آهي ته سينيٽ سيشن کي اوپن ڪري، مان حديبيا ڪيس تيار ڪري ڇڏيو آهي، ڊيرا غازي خان جي جلسي ۾ اعلان ڪندس. هن چيو ته نواز شريف اهو ئي پيو چاهي ته جمهوريت ختم ٿي وڃي، هو ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سندس خواهش آهي ته ٻن سالن لاءِ فوج اچي ۽ کيس سزا نه ملي. شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف! نواز شريف توهان کي ڪڏهن به وزيراعظم بڻجڻ نه ڏيندو، توهان پاڻ ئي فيصلو ڪري ڇڏيو، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وڪيٽ جي ٻنهي پاسن ڏانهن کيڏي رهيو آهي، حقيقي ويڙهه شاهد خاقان عباسي ۽ شهباز شريف وچ ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي تقرير کانپوءِ مون کي چونڊون خطري ۾ نظر اچي رهيون آهن، ميان صاحب جي تقرير عدالت جي سنئين سڌي توهين آهي، تقرير دوران شيم شيم جا نعرا به هڻايا ويا. هن چيو ته شريف ڀائرن پئسا ڏئي عدالتن تي حملا ڪرايا، نواز شريف سمجهيو پئي ته کيس قطري خط بچائيندو، وزيراعظم بڻجي بڻجي اڃا تائين نواز شريف جو پيٽ ناهي ڀريو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The nomination papers of Pervez Musharraf, Farooq Sattar and Asadullah Khan were rejected

پرويز مشرف، فاروق ستار ۽ اسد الله ڀٽو جا نامزدگي فارم رد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي صدر پرويز مشرف، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاورق ستار ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے