22 پیر , جنوری 2018

نواز شريف مون کي فوج جو لاڏلو هئڻ جو طعنو ڏنو، لاڏلو ته اهو آهي جنهن کي جنرل ضياءُ لالي پاپ ڏئي تيار ڪيو: عمران خان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف مون کي فوج جو لاڏلو هئڻ جو طعنو ڏيندو آهي پر سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته لاڏلو ته اهو آهي جنهن کي جنرل ضياءُ الحق لالي پاپ ڏئي تيار ڪيو، لاڏلو ته اهو آهي جنهن مهراڻ بينڪ کان پيسا ورتا، لاڏلو ته اهو آهي جنهن آءِ جي آءِ جي ذريعي فوج جو ڪنڌ استعمال ڪيو آهي ۽ گهڻو پري وڃڻ جي ڳالهه ناهي 2013ع ۾ ئي هڪ برگيڊيئر ٺپا هڻائڻ لاءِ سندس مدد ڪئي هئي، نواز شريف کي هن وقت رڳو اهو ڏک آهي ته اسٽيبلشمنٽ سندس مدد ناهي ڪري رهي، ماڊل ٽائون سانحي جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ طاهر القادري جيڪو به فيصلو ڪندو، آئون ۽ منهنجي پارٽي پاڪستان عوامي تحريڪ جو ساٿ ڏيندي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پارٽي وفد سان گڏ عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته جڏهن ماڊل ٽائون سانحو ٿيو، اسان ٽي وي تي سڌو سنئون ڏٺو. ڪنهن به جمهوري حڪومت ۾ ان بي رحمي جو مظاهور ناهي ڪيو ويو جئين 14 ڄڻن کي ماريو ويو. اهو عوامي تحريڪ جو مسئلو ناهي پر اهو سڄي قوم جو مسئلو آهي. ملٽري ڊڪٽيٽر جي هنج ۾ پليل ماڻهو اسان کي جمهوريت جو درس ڏيندا آهن. تحريڪ انصاف جي سربراهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهباز شريف اهو سڄو ڊرامو توهان کي ڊيڄارڻ ۽ سبق سيکارڻ لاءِ ڪيو هو.  جيڪڏهن اها مافيا نه هجي ها ته توهان کي هڪ مهيني ۾ انصاف ملي وڃي ها.  نيب انهن خلاف ڪيسن کي دٻاءِ رهي آهي. ايف آءِ اي سندن جي ڪنٽرول ۾ ۽ ايس اي سي پي ۾ انهن جا جعلي ڪاغذ تيار ڪيا ويندا آهن. شريف ڀائرس سياسي قائد نه پر مافيا آهن ۽ انهن جا طور طريقا مافيا جهڙا آهن. ان کان اڳ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري جو چوڻ هو ته شهباز شريف جي بڻايل جوڊيشل ڪميشن پنهنجي هڪ طرفي جاچ کان پوءِ پنجاب جي وڏي وزير  کي جوابدار قرار ڏنو آهي. 45 ٿاڻن جي پوليس ۽ 15 ڪمپنين جا شوٽرز ۽ ڪمانڊر طلب ڪيا ويا، اهو سمورو ايڪشن وڏي وزير جي حڪم کان سواءِ ممڪن ناهي. پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين جو متفق فيصلو آهي ته شريف خاندان جي ظالماڻي اقتدار جو خاتمو ڪيو وڃي. 30 ڊسمبر تي ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ماڊل ٽائون سانحي جي حوالي سان حڪمت عملي طئي ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن يمن لاءِ 3 بلين ڊالرن جي امدادي رقم جي اپيل جاري ڪري ڇڏي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن يمن ۾ انساني بحراني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے