17 اربع , جنوري 2018

اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس: پرڏيهي کاتي جي ڪشمير پاليسي ناڪام قرار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي پرڏيهي کاتي جي ڪمشير پاليسي کي ناڪام قرار ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته پرڏيهي کاتي به شرمندگي جو اظهار ڪيو. تفصيل موجب پارليامينٽ هائوس جي ڪميٽي روم ۾ قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت ڪميٽي جو 34 هون اجلاس چيئرمين بابر نواز خان جي صدارت هيٺ ٿيو. ڪشمير پاليسي جي حوالي سان حڪومت طرفان پرڏيهي کاتي جي ڪشمير بابت معاملن جي ڊائريڪٽر شهراس عاصم ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزارت طرفان غير تسلي بخش جوابن تي ڪميٽي ميمبرن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پرڏيهي کاتي جي ڪمشير پاليسي کي ناڪام قرار ڏئي ڇڏيو. ڪميٽي ميمبرن جو چوڻ هو ته پرڏيهي کاتو والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن ۽ دهشتگردي کي دنيا جي سامهون بهتر انداز ۾ اجاڳر ناهي ڪري سگهيو،  افسوس جي ڳالهه آهي ته هر ڀيري 50 سال پراڻو فلسفو ٻڌايو ويندو آهي. ڪميٽي جي چيئرمين بابر نواز خان سوال ڪيو ته گڏيل قومن ۾ مليحا لوڌ طرفان ڪمشير جو چئي فلسطين جون تصويرون ڏيکارڻ تي پرڏيهي کاتي جو ڪهڙو موقف آهي؟ پرڏيهي کاتي جي ڪمشير جي معاملن جي ڊائريڪٽر جواب ڏنو ته اهو واقعو هڪ ٽيڪنيڪل غلطي جي ڪري پيش آيو ۽ پرڏيهي کاتي کي ان تي شرمندگي آهي. ٻين ۾ بسن ۽ گاڏين تي بلوچستان بابت پاڪستان مخالف پوسٽرن جي حوالي سان ڀارتي پروپيگنڊه وارو معاملو به اجلاس ۾ بحث هيٺ رهيو. پرڏيهي کاتي جي اختيارين جو چوڻ هو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ پنهنجي مشنن سان ڀارت جي بلوچستان بابت پروپيگنڊه کي ختم ڪرڻ جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن ۽ جلد ئي ان بابت حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ريڪٽر اسڪيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے