25 سومر , جون 2018

2017ع جا مقبول ترين موبائيل فون

لنڊن (ويب ڊيسڪ) 2017ع ختم ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن باقي آهن. ان سال ٻين شعبن سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ به نيون ۽ بهترين شيون متعارف ٿيون جڏهن ته جديد ٽيڪنالاجي سان ليس اسمارٽ فونن انقلاب آڻي ڇڏيو. سڄي دنيا ۾ اسمارٽ فونز استعمال ڪندڙ صارفن جو انگ اربن ۾ آهي. اسمارٽ فونز اسان جي زندگين ۾ اهڙي ريت شامل ٿي چڪا آهن جو هاڻ انهن کان سواءِ گزر ممڪن ناهي. ماڻهن جي وڏي انگ کي نظر ۾ رکندي ٽيڪنالوجي جي دنيا ۾ اسمارٽ فون سڀ کان وڌيڪ فائدو ڏيندڙ ڪاروبار بڻجي ويو آهي جنهن کي بهتر بڻائڻ لاءِ اسمارٽ فون ڪمپنين جا مالڪ ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن 2017ع جو جائزو ورتو وڃي ته هن سال سام سنگ ۽ ايپل کان سواءِ ٻين ڪمپنين جا اسمارٽ فون به پنهنجي فيچرز ۽ ڪوالٽي جي لحاظ سان ماڻهن ۾ مقبول رهيا.

سام سنگ نوٽ 8:

گذريل سال 2016ع ۾ سام سنگ گليڪسي نوٽ 7 بيٽري ڦاٽڻ سبب شديد تنقيد جي آڙ ۾ رهيو جنهن جي ڪري صارفن طرفان سام سنگ تي بي اعتباري جو اظهار ڪيو ويو. ۽ ڪمپني جي ساک تي سوال پڻ اٿاريا ويا پر هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ سام سنگ طرفان گيلڪسي نوٽث 8 اسمارٽ فون ۾ ڪمپني ان ڳالهه جو خيال رکيو هو ته فون ۾ بيٽري سميت ڪا به ٽيڪنيڪل خامي شامل نه هجي، جڏهن ته ان ۾وڌيڪ نوان فيچر شامل ڪيا ويا هئا جن ۾ 2X آپٽيڪل زوم سان گڏ ٻه ڪيميرائون موجود هيون جن کي ماڻهن بي حد پسند ڪيو هو.

آءِ فون ايڪس:

2017ع ۾ ٻيون نمبر ايپل آءِ فون ايڪس صارفن ۾ مقبول رهي. هي ايپل جي پهرين اسمارٽ فون آهي جنهن جي اسڪرين 5.8 انچ آهي. ان فون ۾ ڪمپني فيشل ريلگنيشن متعارف ڪرائي.

ون پلس 5 ٽي:

2017ع ۾ لانچ ٿيندڙ ون پلس 5 ٽي اسمارٽ فون اصل ۾ گھڻو وڏو ورزن آهي. ان ۾ پراڻي فون کان بهتر ٽيڪنالوجي نتعارف ڪرائي وئي آهي جڏهن ته ان فون ذريعي مارڪيٽ ڪنگ ايپل، سام سنگ ۽ هواوي جي قيمت جي لحاظ سان به ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ون پلس 5 ٽي اسمارٽ فون جي 6 انچ جي اسڪرين سان گڏ ان جو سڀ کان زبردست فيچر پاڻمرادو روشني جي سيٽنگ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Independent Calcutta Digital Body prepared by Medical College to launch the lotion

ميڊيڪل ڪاليج کي لاشن جي ضرورت کان آزاد ڪرائيندڙ ڊجيٽل لاش تيار

پيرس(ويب ڊيسڪ) ميڊيڪل ڪاليجن ۾ تجربن ۽ سرجري سکڻ لاءِ لاشن جي عطن جي هميشه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے