25 سومر , جون 2018

ٿڌي هوا ۾ نڪ نزلو ڇو ٿيندو آهي…؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سياري جي موسم دوران ٿڌي هوا ۾ سفر ڪرڻ وقت نڪ مان پاڻي وهڻ شروع ٿي ويندو آهي جنهن جي ڪري سيءَ ۾ واڌ ٿي ويندي آهي پر ايئن ڇو ٿيندو آهي؟. طبي ٻوليءَ ۾ ان عمل کي ”ڪولڊ انڊيوسڊرائنٽِس“ چيو ويندو آهي ۽ 50 کان 90 سيڪڙو ماڻهن کي ان ڪيفيت کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. دمي جي مريضن، بخار جي ڪيفيت ۽ ايگزيما جي شڪار ماڻهن تي ان جو حملو وڌيڪ هوندو آهي. اسان جي نڪ جي گھڻن ڪمن ۾ هڪ اهڙو ڪم به آهي جو هو ڦڦڙن اندر ويندڙ هوا کي گرم رکي ته جيئن هو ڦڦڙن تائين پهچي ان جي خلين کي ڪنهن سوڄ يا بي چيني کان بچائي سگھي. جيڪڏهن ٻاهر گھڻو سيءُ هجي تڏهن به  نڪ ۾ داخل ٿيندڙ هوا جو پڌ 26 سينٽي گريڊ هوندو آهي جيڪو ڪڏهن ڪڏهن وڌي 30 سينٽي گريڊ تائين پهچندو آهي پر هر حالت ۾ نڪ جي اندر تائين نمي 100 سيڪڙو هوندي آهي توڙي اسان ڪيتري ئي سيءَ ۾ ساهه کڻي رهيا هجون. ٻئي طرف خشڪي سبب نڪ اندر موجود خليا مائع جو اخراج ڪندا آهن ته جيئن اندر ويندڙ هوا ۾ نمي جي واڌ ويجهه ٿي سگھي. ان دوران رت جي رواني به وڌي ويندي آهي. جيڪڏهن اهو نه هجي ته ساهه ۾ وقت ۽ نِڇ جو نه رڪجندڙ سلسلو شروع ٿي سگھي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماحول دشمن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کي تيل ۾ تبديل ٿيندڙ ڪارخانو

هارورڊ (ويب ڊيسڪ)عاليم پئماني  تي تپش   ۾ واڌ  جو سڀ کان بدنام گيس ڪاربان داءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے