18 جمعرات , جنوری 2018

314 سياسي پارٽيون قانوني تقاضا پورا ڪرڻ ۾ ناڪام

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چونڊ ايڪٽ 2017ع جي منظوري کان پوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان سياسي پارٽين جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهليت لاءِ گهربل سخت قانون تقاضن جي ڪري سياسي پارٽيون ڏکيائين ۾ ڦاسي ويون.  اليڪشن ڪميشن ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف)، بلوچستان نيشنل پارٽي، جي يو آءِ (س) سميت 314 سياسي پارٽيون هن وقت تائين ايندڙ چونڊون وڙهڻ جي اهل ناهن ٿيون ۽ رڳو 11 سيڪڙو سياسي پارٽيون ئي گهربل معيار تي پوريون لٿيون. اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽر ملڪ جي 352 سياسي پارٽين مان هن وقت تائين رڳو 38 سياسي پارٽين 2 هزار پارٽي ميمبرن جا دستاويز ۽ 2 لک رپين جي رجسٽريشن فيس سمي سمورا قانوني تفصيل اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايا آهن. اليڪشن ڪميشن ۾ هن وقت 352 سياسي پارٽيون رجسٽرڊ آهن، ان ۾ موجوده حڪومت جي اهم اتحادي جميعت علماءِ اسلام (ف) ۽ ٻي مذهبي پارٽي جي يو آءِ (س) هن وقت تائين اليڪشن ڪميشن ۾ پنهنجي 2 هزار پارٽي ڪارڪنن جا تصديق ٿيل دستاويز ۽ پارٽي رجسٽريشن جي مد ۾ اسٽيٽ بينڪ ۾ 2 لک رپيا جمع ناهن ڪرايا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسرائيل سان دفاعي ٺاهه کان ڀارت طرفان چين کي ائٽمي حملي جو نشانو بڻائڻ لاءِ ميزائل جو تجربو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت زمين زمين تي مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل اگني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے